انڊيا پاران سيٽلائيٽ تباهه ڪرڻ جو تجربو خلائي اسٽيشن لاءِ خطرو آهي: ناسا
انڊيا پاران ڪيل تجربي جي 5 ڏينهن بعد ناسا جي اڳواڻ جم برڊنسٽن هڪ تقريب ۾ چيو آهي ته هي هڪ خطرناڪ تجربو آهي. هن حملي بعد ٽٽل سيٽلائيٽ ۽ ميزائيل جا 400 ٽڪرا وجود ۾ آيا آهن، جيڪي پرڏيهي خلائي اسٽيشن ۽ ان جي خلا بازن لاءِ هڪ مستقل خطرو بڻجي ويا آهن. جم برڊنسٽن چيو ته انهن سڀني ٽڪرن تي نظر رکڻ ممڪن نه آهي اسان صرف انهن ٽڪرن تي نظر رکي رهيا آهيون جيڪي 10 سينٽي ميٽرن کان وڏا آهن. هن وڌيڪ چيو آهي ته ان 400 ٽڪرن مان 28 ٽڪرا پرڏيهي خلائي اسٽيشن جي ويجهو پهچي ويا آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪوبه ٽڪرو خلائي اسٽيشن سان ٽڪرايو ته اهو تمام وڏو نقصان رسائي سگهي ٿو.

پرڏيهي خلائي اسٽيشن

