خاص

شهيد ناظم جوکئي جي زال ڪيس تان هٿ کڻي جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

شهيد ناظم جوکئي جي زال شيرين جوکيو قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ شيرين جوکيو چيو ته مان مجبور آهيان، گهر وارن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ ڪيس تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪريان ٿي. هن چيو ته مان فيصلو الله تعاليٰ تي ڇڏيو آهي، مان انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو، هن وڊيو بيان ذريعي مان ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان هاڻي وڌيڪ ڪيس نٿي وڙهي سگهان، مان هڪ وفادار عورت آهيان، مائٽن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪي اولاد وارا آهن اهي منهنجي مجبوري سمجهي سگهن ٿا.