بلاگنئون

جاکوڙي ڪردار سائين راهب لاڙڪ جي مختصر ادب ڪٿا

ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته نظر ٿڪجي پوندي، پر اديبن ۽ شاعرن جي فهرست نه کٽندي جيئن بهار ۾ هر طرف گل هوندا آهن، پر ملھ ۽ مهانتا انهن گلن جي هوندي آهي، جيڪي خوشبودار هوندا آهن، جيڪي هٿن ئي نه، پر من کي به معطر ڪندا آهن اهڙيءَ ريت ئي اديب به اهي ئي نج اديب سڏبا آهن، جن محنت ڪري سنڌ کي سنواريو آهي نه ته باقي خير آهي. سو اهڙن املھ ڪردارن ۽ جاکوڙي انسانن ۾ سائين راهب لاڙڪ به سر فهرست آهي، جنهن جي مختصر ادبي ڪٿا ڪجھ هن ريت آهي .ريڊيو لسنر واري زندگيءَ کانپوءِ ادب طرف لاڙو رکندڙ سائين راهب علي لاڙڪ جو تعارف : نالو: راھب علي، ذات: لاڙڪ، ادبي نالو: راز راھب لاڙڪ، پيءُ جو نالو: صيفل خان لاڙڪ، جنم: 04 جنوري 1967ع ڳوٺ کاھي راھو اڳوڻو ضلعو نوابشاھ ۽ ھاڻوڪو ضلعو نوشھروفيروز، تعليم: ايم اي سنڌي، پيشو: رٽائر ملازم، ھارپو ڪرڻ، وندر: ريڊيو ٻڌڻ، رسالن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، بزرگن اوليائن جي درگاھن تي حاضري ڀرڻ، پسند جا اديب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد سومار شيخ، مولائي شيدائي، شاھ نواز سوڍر، سليم ڀٽو لطيفي، فقير حاجن نظاماڻي، استاد لغاري، سيد مشتاق بخاري، علي حسن سرڪي، عبدالغني خاصخيلي، جي ايم لاڙڪ ۽ بشير حسيني وسطڙو. بھترين دوست: وسند علي مھر، اعجاز وساڻ، محمد موسيٰ چانڊيو، علي عمران سمون، خليل جان قريشي، ثناءُالله وسطڙو، نظر ملاح، سھراب گوپانگ، حاجي حسين جلباڻي، خاور قبولائي، محمد خان زرداري، نظر علي نائچ، مير اڪرم علي ٽالپر، امير بخش ملاح. ريڊيو لسنرن ۾: وفا نور محمد مھر، مير حسن مھر، محرم علي مشوري، شاھ محمد ڏاھري، محمد صالح ڏيٿو، مزار خان فراش، الھبچايو سولنگي، حاجي عبدالجليل لغاري، عاجز کوکر، راشد انيس خاصخيلي، ارشد حسين ھڪڙو، وفا حسين علي شر، خاموش خليل الرحمان شر، وفا خادم حسين ڏيٿو، حاجي عبدالڪريم ويسر، عابد حسين ٻرڙو، بخت حسين ٻرڙو، راجا پير بخش سھتو، وفا تاج محمد خاصخيلي، علي گل لاشاري، نور محمد لاشاري، عاشق لاشاري، فقير محمد اسماعيل مغيري، ساگر ساجد علي مغيري، مير ممتاز علي جتوئي، شھزادو عبدالحڪيم درس، قمر زمان ڏاھري، سيد خالد حسين شاھ ۽ غلام حيدر ڦلپوٽو .

راهب علي لاڙڪ جن ماضي کي ياد ڪندي چون ٿا ته منھنجو والد صاحب ريڊيو شوق سان ٻڌندو ھو، خاص طور فقراھي ڪلام ۽ ڪلاسيڪي موسيقي سندس روح جي غذا ھئي، بابا سائين پاڻ به فقراھي ڪلام ڳائيندو ھو. خاص ڪري خوش خير محمد ھيسباڻي جي ڌمال “اچي حامي حسيني ٿي قلندر لال مروندي” ٻيو قصيدو “ھمارا وسيلا مولا علي ھي” ٽيون قصيدو “اسان کي عزيزو موالي نه سمجھو اسان ابن حيدر جا حبدار آھيون” مان ڏھن سالن جو ٿيس ته بابا جا ڳايل ڪلام پنھنجي منھن پيو جھونگاريندو ھئس ۽ بابا سائين جي ڀر ۾ ويھي ريڊيو به ٻڌندو ھئس، تيرنھن سالن جو ٿيس ته ريڊيو تي خط لکڻ جو شوق جاڳيو، سوچيان پيو ته ريڊيو تي خط ڪيئن لکبا آھن لکڻ جو طريقو ڪنھن کان سکان ايڊريس ڪنھن کان وٺان ڪيئن ڪيان، ريڊيو تي ڏورانھن علائقن جي لسنرن جا نالا ته اچن پيا، پر انھن سان ملڻ جو ڪرايو نه ھو، جو انھن لسنرن کان ريڊيو تي خط لکڻ جو طريقو معلوم ڪيان .

1980ع کانپوءِ نوشھري فيروز جي صوفي غلام اڪبر وسطڙي ۽ وفا نور محمد مھر جا نالا ٻڌم ته سائيڪل تي چڙھي انھن جي ڳولا ڪيم نيٺ وڃي منزل تي پھتس، پوءِ وفا نور محمد مھر ريڊيو تي پوسٽ ڪارڊ ۽ خط لکڻ جا طور طريقا ڏسيا، مختلف پروگرامن جون ايڊريسون به ڏنائين. سال کن کانپوءِ منھنجو ماسات مشھور شاعر ڪفايت حسين لاڙڪ ۽ مچر جو ثناءُ الله وسطڙو به جوڙ ۾ شامل ٿيا. اسان ٽنھي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، ايران، فيبا ريڊيو، وائيس آف آمريڪا ۽ ڪجھ عرصي کانپوءِ آل انڊيا ريڊيو جي اردو سنڌي سروس، پختون سروس ۽ بلوچي سروس تي به ڌڙا ڌڙ خط لکيا. حاجي ڪرو بروھي ۽ شاھنواز ڀٽي وانگر ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ تمام گھڻو مشھور ٿي وياسين .

 1984۾ سر سنگيت جي شائقن ۾ اضافو ٿيو لسننگ جي سٿ ۾ عاجز گل حسن مھر، مير حسن، مھر کوڙو، شريف جو محمود خان مري، نوشھروفيروز جو امتياز مشوري به سٿ ۾ شامل ٿيو، پوءِ گڏجي ڪوئيز پروگرامن جا سوال ڳوليندا ھئاسين. نور محمد مھر سلسلي ٻڌو ۽ ٻڌايو جا ساز ۽ آواز سڃاڻڻ ۾ ماھر ھو ھاڻي ته وفا نور محمد مھر جھونو ٿي ويو آھي، ان وقت پروگرام لوچين سي لھن سميت ٻين ڪوئيز پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسان وٽ ڪتابي مواد تمام ٿورو ھو. پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪوئيز پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڀني ڪتاب خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر شرط اھو ھو ڪو به لسنر ساڳيو ڪتاب خريد نه ڪري ھرھڪ لسنر ٻيو ٻيو ڪتاب خريد ڪري ۽ اٺين ڏينھن گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌائي ته مون ڦلاڻو ڪتاب خريد ڪيو آھي. اھو ان ڪري جو غربت سبب سڀئي دوست ساڳيا ساڳيا ڪتاب خريد نه ڪن، مون وٽ ڪتاب ڪونه ھئا پوءِ حيدرآباد مان ڪفايت لاڙڪ سان گڏ نسيم بڪ ڊپو تان ڪجھ ڪتاب خريد ڪيم پوءِ ريڊيو حيدرآباد جي گيٽ جي سامھون شانو عرف شاھنواز سيال جي چانھ پي ريڊيو اسٽيشن تي وياسين. محمد جمن عمراڻي لسنرن جي نالن جي لسٽ ٺاھيندو هو، پروڊيوسر نصير مرزا، الاھي بخش ٻانڀڻ ۽ ڪجھ ڪمپيئرن سان ملاقات ٿي. ريڊيو وارا اسان کي واندي خلق سمجھي مختصر ڪچھري ڪئي، ڪفايت لاڙڪ شاھنواز جو جگري دوست ٿي ويو ان جي معرفت سندس شاعري ريڊيو حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي ۽ مشھور شاعر ٿي ويو. اسان لسننگ جاري رکي، حيدرآباد جي سڀني پروگرامن ۾ خط لکياسين، پوءِ وري خيرپور جي نشريات شروع ٿي تمام گھڻا ۽ بھترين پروگرام نشر ٿيا. سلسلو لطيف ڪوئيز شروع ٿيو ته مان اھي سوال نوشھري فيروز جي مشھور ھوٽل الڪوثر جي مالڪ مٺل فقير لاڙڪ ڏانھن کڻي ويندو ھئس. مٺل فقير لاڙڪ وٽ شاھ جو رسالو بمبئي ڇاپو ھو. 1986ع ۾ ان رسالي کي کولي پڙھڻ سان پنا ڦاٽي پون پيا پوءِ مٺل فقير، غلام محمد شاھواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، تارا چند شوقيرام جي ترتيب ڏنل رسالن مان ٽئي جواب ڪڍي ڏيندو ھو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور جي ڪوئيز پروگرامن ۾ اسان جي گروپ جا جواب صحيح ٿيڻ لڳا ته حوصلو بلند ٿيندو رھيو. مون ڪجھ ڪتاب مير مرتضيٰ ڀنڀرو جي معرفت ڪراچي مان گھرايا ائين مختلف ادارن ۽ اسٽالن تان حيثيت آھر ڪتاب خريد ڪندو رھيس. ڪتابن جي عشق سبب محترم سليم ڀٽو لطيفي، پروفيسر سليم ميمڻ، فقير حاجن نظاماڻي، سائين سليم چنا، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کھڙو، منصور قادر جوڻيجو، ڊاڪٽر لعل بخش نائچ صاحب، الطاف ملڪاڻي، استاد لغاري، حاجي عبدالجليل لغاري، احسان لغاري رومي پبليڪيشن، بشير احمد ھيسباڻي، ماجد علي سومرو، علي اظھار سومرو، ھوش محمد ڀٽي، مولا بخش لاڙڪ، خاوند ڏنو لاڙڪ، شاعر ڪفايت حسين لاڙڪ، خور شيد ٻگھيو، نور سنڌي، زاھد حسين ڪلھوڙو، علي محمد درد سولنگي، احساس ميرل سھتو، سائين خليل کوسو، ساجد چانڊيو، اعجاز ممنائي ۽ ٻين دوستن جا وڏا وڙ جو مون ناچيز ڏانھن اعزازي ڪاپيون موڪليندا رھيا. ڌڻي تعاليٰ جي ٻاجھ سان دوستن جي تعاون سان ريڊيو جي ڪوئيز پروگرامن ۾ شامل ٿيندو رھيس.

1998ع ۾ ريڊيو جي ھڪ ڪمپيئر منھنجي بيحرمتي ڪئي، ان کانپوءِ ريڊيو تان دل ٽٽي پئي ۽ سوچيندو رھيس ته ھاڻي ھي منھنجا ٻه ھزار کن ڪتاب ڪھڙي ڪم جا انھن کي ڪاڏي ڪيان، بکون ڪاٽي سڀني ادارن جا ڪتاب خريد ڪيم. ڇو نه انھن ڪتابن مان ڪو فائدو وٺان پوءِ پنھنجي ذاتي لائبريري مان ڪجھ ڪتاب ترتيب ڏئي پنھنجي خرچ تي شايع ڪرايم ۽ ھيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنم .

ڪتاب لطيفي معلومات موضوع وار (ڪوئيز) 2006ع ھن ڪتاب جا ٽي ڇاپا شايع ٿيا. جناب سيد رسول بخش شاھ ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن سيڪنڊري حيدرآباد ريجن حيدرآباد جي 09 ضلعن جي اسڪولن ۾ 11 نومبر 2019ع کان 17 نومبر 2019ع تائين لطيف شناسائي جو ھفتو ملھايو ويو. شاھ لطيف جي فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب سرڪاري خرچ تي ڪتاب لطيفي معلومات موضوع وار روشني پبليڪيشن کان 2019ع ۾ شايع ڪرائي اسڪولن ۾ موڪليو ته استاد صاحبان شاگردن کي شاھ سائين جي سوانح حيات ۽ شاعري ياد ڪرائين. ڊائريڪٽر صاحب جي ان عمل کي سڄي سنڌ ۾ ساراھيو ويو. ان ساڳئي ڪتاب ۾ نئون اضافي مواد ڪمپوز ڪري ترتيب ڏئي 2019ع ۾ روشني پبليڪيشن جي مالڪ کي ڏئي آيو ھئس، جيڪو تقريبن 350 صفحن تي مشتمل ھو، اداري جو مالڪ جيڪر اھو مستند ڪوئيز ڪتاب ڏورڻ منجھان ڏس شايع ڪري ھا ته بھتر ٿئي ھا ۽ شاگردن کي مستند ۽ جامع معلومات ملي ھا.

ڪتاب عشق جون ٻوليون (سچل فقير لاڙڪ جي شاعري) 2018ع: شاھ جا شيدائي حصو پھريون 2016ع حصو ٻيون 2018ع حصو ٽيون 2020ع. پير پروڙي کڻ 2019ع ۽ ڊجيٽل ايڊيشن ۾ ڪتاب ڏورڻ منجھان ڏس 2024ع 17 مارچ 2021ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي پيپر ۾ منھنجي ڪتاب بابت سوال ڪتاب شاھ جا شيدائي ڪنھن ترتيب ڏنو آھي؟ سنڌ جي ريڊيو لسنرن مان مون لاءِ اھو وڏو اعزاز آھي.

ان کان علاوه مختلف اخبارن رسالن ۾ مضمون مقالا شايع ٿيل آھن. مضمون عيسوي سال جي مھينن تي نالا ڪيئن پيا (پهرين تحرير) ھن تحرير جون قسطون گلزارِ سنڌ پبليڪيشن حيدرآباد اپريل، مئي 2004ع گلزارِ سنڌ آگسٽ 2005ع، سيپٽمبر 2005ع. دنيا جي مختلف زبانن ۾ ھفتي جا ڏينھن، گلزارِ سنڌ پبليڪيشن حيدرآباد ايڊيٽر احسان علي لغاري ڊسمبر 2005ع. حضرت لعل شھباز ۽ سندس ھمعصر بزرگ سلسليوار سنڌ سڀيتا مورو ايڊيٽر امداد مجيداڻو جنوري، فيبروري 2007ع. يومِ مئي ڪي حادثات ڪي نتيجي مين مزدورون ڪو ان کي حقوق ڪا ملنا، انتخاب خبرنامو خوشبو ڪراچي، مارچ، مئي 2007ع. شاھ جي زندگي ۽ ان دور بابت ڄاڻ، سلسليوار فڪرِ لطيف ڀٽ شاھ، فيبروري، مارچ، اپريل 2009ع. شاھ لطيف ايوارڊ، فڪرِ لطيف ڀٽ شاھ، جنوري، فيبروري، مارچ 2010ع. لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ انبياء ڪرام جو ذڪر، ھفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، 16 کان 22 جنوري 2011ع. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ انبياءِ ڪرام ۽ خاتم المرسلين جو تذڪرو، فڪرِ لطيف، جنوري، فيبروري، مارچ 2011ع. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڌڻي تعاليٰ جي وحدانيت ۽ انبياءِ ڪرام جو تذڪرو، ماھوار امرتا حيدرآباد، ايڊيٽر فقير محمد ڍول، جون 2012ع. سارو سنگھار، ڪارايل ۽ ڪپوريءَ جي ڪھاڻي، ڪاوش دنيا آچر 4 مارچ 2012ع. لاکيڻي لطيف جي سوانح حيات، سندس دور جي ڪجھ واقعن ۽ بزرگن جو تذڪرو، ڀيڄ ڀٽائي پبليڪيشن، چيف نگران نور سنڌي 14-2013ع. ايڇ ٽي سورلي ڀٽائي جو شيدائي، سوڀ سنڊي مئگزين 20 سيپٽمبر 2015ع. مدن فقير سان شاھ عنايت ۽ لطيف سائينءَ جون ڪچھريون، ڀيڄ ڀٽائي مئگزين، ڪڙي نمبر 52، سال 15-2014ع، لطيفي درٻار جو ملادو پيازو وڳند فقير، ڀيڄ ڀٽائي مئگزين ڊسمبر 2015ع ۽ سوڀ سنڊي مئگزين 27 مارچ 2016ع ۾ به شايع ٿيو .شاھ لطيف مديني جي مير جو سچو عاشق ڪتاب ڪوڙين ڪايائون تنھنجيون، مرتب، منظور احمد قناصرو، ڇاپو پھريون 2015ع. شاھ جي رسالي جي لغتن جو مختصر جائزو، سوڀ سنڊي مئگزين آچر 03 اپريل 2016ع. شاھ جو رسالو سھيڙيندڙ باگو جي ولد ڏانو جي، سلسليوار فڪرِ لطيف مئگزين ڀٽ شاھ 2016ع. شاھ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر درشهوار سيد، عوامي آواز سنڊي مئگزين 25 ڊسمبر 2016ع، مشهور اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر درِشھوار سيد سوڀ مئگزين 25 ڊسمبر 2016ع، صوفي محمد سچل فقير لاڙڪ ۽ ان جا صحبتي، هفتيوار اخبار سائين ۽ پرين پچار، نوشهروفيروز 4 جولاءِ 2017ع، شاھ لطيف ۽ ميون شاھ عنايت رضوي جي ملاقاتن وارن بيتن ۾ تضاد، روزاني عوامي فورم ڪراچي، سومر 14 آڪٽوبر 2019ع، روزاني پاڪ سنڌ، سومر 14 آڪٽوبر 2019ع، لطيف سائين جو فڪر ۽ روحانيت، روزاني ڪوشش، اڱارو 15 آڪٽوبر 2019ع، مضمون، شاھ لطيف جو مدن فقير سان بحث مباحثو، 13 آڪٽوبر 2019ع.

شاھ سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي 2024ع ۾ ڪجھ اخبارن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ريڊيو لسنرن جا مختصر تعارف به مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا ۽ اهو سلسلو جاري آهي، ريڊيو جي شوق سان گڏوگڏ ادبي ذوق به جاري آھي.

جُڳُ جُڳُ جيئو شال، ماڻيو عمر دراز،

چوي اختر نواز، سونهن آهيو سنڌ جي.