خاصنئون

 پاڻي مسئلي تي ايريگيشن ۽ سيڊا آبادگارن جا مسئلا ٻڌي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۽ سيڊا کي حڪم جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ سيڊا پاڻي کوٽ واري مسئلي تي آبادگارن سان کليون ڪچهريون ڪن ۽ پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪن. ڪورٽ ۾ آبادگار اڳواڻ مير محمد ٽالپر پٽيشن داخل ڪرائي هئي. ٻڌڻي ۾ عدالت ايريگيشن جي اختيارين کان سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو ته پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب توهان خلاف جرم واري شق ڇو نه لڳائي وڃي. عدالت کاتي جي اختيارين کي حڪم جاري ڪيو ته اهي 20 جولاءِ تي کليل ڪچهري لڳائي آبادگارن جي مسئلن کي ٻڌن.