خاصنئون

سڄي ملڪ جي واپارين حڪومت خلاف هڙتال ڪري ڇڏي

حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ نون ٽيڪسن خلاف سڄي ملڪ جي واپارين هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. واپارين جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسين غريب عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن ۽ حڪومت عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ کان انڪاري آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت سان ڪيل ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون آهن ۽ اسان احتجاج جو رستو ورتو آهي. اڄ جي هڙتال وفاقي حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندي. اسلام آباد جي 10، جي 11، ايف 10، فاروقي مارڪيٽ، ميلوڊي، جناح سپر ۽ ستاره مارڪيٽ ۾ مڪمل هڙتال جاري آهي. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هڙتال جاري آهي. جڏهن ته ڪجهه واپارين جو گروهه پنهنجو ڪاروبار کولي ويٺو آهي جنهن سبب واپاري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. فلور ملز ايسوسئيشن 17 جولاءِ تائين پنهنجي هڙتال روڪي ڇڏي آهي. سنڌ اندر ڪراچي جي 450 مارڪيٽن جي تنظيمن هڙتال جي حمايت ڪئي آهي، جنهن سبب شهر ۾ 90 سيڪڙو مارڪيٽون بند رهنديون. خيبر پختونخواهه ۾ به پشاور جون 125 ننڍيون وڏيون بازارون بند رهنديون. بلوچستان جا واپاري به حڪومت جي ٽيڪس پاليسين جي خلاف احتجاج ۾ شامل ٿي ويا آهن.