راجر فيڊرر ۽ سيرينا وليمز ومبلڊن جي فائنل ۾ پهچي ويا
سئٽرزلينڊ جو جڳ مشهور ٽينس رانديگر راجر فيڊرر ومبلڊن چئمپين شپ فار مين جي سيمي فائنل ۾ پنهنجي مخالف رافيل نڊال کي شڪست ڏيئي چئمپين شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. 37 سالن جو راجر فيڊرر سڀاڻي پنهنجي مخالف سربيا جي جوڪو وچ سان فائنل ۾ مهاڏو اٽڪائيندو. ٻئي طرف عورتن واري مقابلي ۾ آمريڪا جي سيرينا وليمز پنهنجي مخالف بار بورا اسٽرائيڪوووا کي شڪست ڏيئي عورتن واري فائنل ۾ پهچي وئي آهي. آمريڪا جي رانديگرياڻي سيمي فائنل ۾ 1-6، 2-6 اسڪور ڪري کٽي ورتو هو، هاڻي هوءَ رومانيا جي سمونا هالپ سان فائنل ۾ مقابلو ڪندي. عورتن وارو فائنل مقابلو اڄ شام جو ومبلڊن جي ٽينس ڪورٽ ۾ ٿيندو.

