ايڊيٽوريلنئون

فاطمه ڦرڙو جي والدين جوابدارن جي ضمانت تي اعتراض نه هئڻ جو قسم نامون جمع ڪرائي ڇڏيو

            15 آگسٽ 2023 تي علي محمد ڦرڙو ڳوٺ جي نياڻي فاطمه ڦرڙو جو قتل خيرپور جي پير اسد شاهه جي گهر ۾ ٿيو. مٿس جسماني تشدد، ذهني تشدد ۽ جنسي تشدد ڪرڻ جا ثبوت پوليس کي مليا، جن جي بنيادن تي اسد شاهه، سندس زال حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراثي کي گرفتار ڪيو ويو. اسان جي معاشري ۾ 40 لکن کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ معاشري ۾ مختلف قسمن جا ڪم ڪري پنهنجي والدين جي لاءِ هڪ پورهيت جي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو سڌو سنئون نقصان پوري سماج کي ٿي رهيو آهي. اهي ٻار هڪ پاسي مختلف ڏوهن جو شڪار ٿي ڏوهاري بڻجي رهيا آهن ته ٻئي پاسي ڪيترائي ٻار ڏوهارين جي هٿان جنسي تشدد ۽ جسماني تشدد جو شڪار بڻجي فاطمه ڦرڙو وانگر پنهنجي قيمتي زندگي وڃائي ويهن ٿا.

            اها رياست جي ذميداري آهي ته اها ٻارن جي صحيح نشونما ۽ تحفظ جي لاءِ صحيح قانون سازي ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي، پر جيئن ته سنڌ صوبي ۾ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن، پر انهن تي عمل نٿو ڪرايو وڃي ۽ ٻار مختلف طريقن سان سماجي روين جو ۽ ڏوهاري روين جو شڪار ٿين ٿا. قانون جي ڀڃڪڙي اهي ماڻهو ئي ڪن ٿا جيڪي قانون سازي ڪن ٿا، اسد شاهه به هڪ سياسي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جڏهن طاقتور ماڻهو هن ملڪ ۾ قانون کي ٽوڙين ٿا ته انهن کي يقين هوندو آهي ته اهي انصاف جي ترازو کي پنهنجي حق ۾ هيٺ مٿي ڪري سگهن ٿا ۽ بلڪل درست سوچين ٿا، ڇو ته هينئر به فاطمه ڦرڙو جي والدين نديم ڦرڙو ۽ شبنم ڦرڙو خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت ۾ ملزمن جي ضمانت منظور ٿيڻ تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هئڻ جو حلف نامون جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به 19 جولاءِ 2024 تي فاطمه ڦرڙو جي والدين اهڙي قسم جو حلف نامون جمع ڪرايو هو ۽ پوءِ اهي ان تان ڦري ويا ۽ هنن پنهنجي وڪيل ۽ اينٽي ٽئريرسٽ ڪورٽ جي جج تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو، هينئر وري کين عدالت ۾ اهڙي قسم جو حلف نامون جمع ڪرائڻو پيو آهي. حالتون ته اهو ٿيون ٻڌائين ته جڏهن ڪو غريب يا ڪمزور طبقي جو ڪو فرد ڪنهن طاقتور جي ظلم جو شڪار ٿئي ٿو ته عدالتن مان کيس انصاف ملڻ يا پوري نظام مان کيس انصاف ملڻ بجاءِ غريب کي پنهنجي غربت نظر ۾ رکندي انصاف تان هٿ کڻڻو پوي ٿو ۽ پنهنجي بنيادي حق جو سودو ڪري ان طاقتور کي سندس ڪيل گناهه جي سزا کان بچائڻو پوي ٿو. ان سڄي وارتا ۾ شايد اسان جو پورو نظام ڏوهاري آهي، جيڪو ڪجهه فردن کي تمام گهڻي طاقت ڏئي ٿو جو اهي قانون کان به مٿانهان ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه فردن کي ايترو ڪمزور ڪري ٿو جو اهي پنهنجي زندگين ۽ عزتن جي ڦرجڻ جي باوجود به انصاف حاصل نٿا ڪري سگهن، ڇو جو انصاف خريد ڪرڻ جي وٽن سگهه ئي نه هوندي آهي.

            اسين اميد ٿا ڪريون ته فاطمه ڦرڙو جا والدين همت ڪري ثابت قدميءَ سان پنهنجي نياڻيءَ جو ڪيس وڙهندا ۽ آخري ساهه تائين وڙهي انصاف حاصل ڪندا. ڇو ته ثابت قدميءَ سان بيهڻ انهن والدين جو ڪم آهي ۽ پوءِ پورو سماج ۽ ميڊيا به سندن ساٿ ڏئي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهي ڪمزور ٿي ٽٽي پون ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اهي ڪمپرومائيز ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه فائدا حاصل ڪري ان ڪيس تان هٿ کڻي ويندا ته پوءِ شايد طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ اها جنگ انهيءَ زور ۽ شور سان هلندي رهندي ۽ ڪمزور کي هميشه مرڻو پوندو ۽ مارڻ واري کي هميشه باعزت بري ڪيو ويندو. ان سڄي نظام کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پوري سماج کي تبديل ٿيڻو پوندو، ان کي پنهنجي ارد گرد جي هر شيءِ تي نظر رکڻي پوندي ۽ حڪومت سنڌ کي چائلڊ ليبر ڪرڻ وارن ٻارن جي والدين ۽ جيڪي انهن ٻارن کان پورهيو ڪرائين ٿا انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، نه صرف ايترو پر ٻارن جي تعليم جي لاءِ حڪومت سنڌ کي انتهائي سنجيدگيءَ سان نهايت موثر پاليسي ٺاهي اسڪولن تائين آڻڻو پوندو ته جيئن اهي ٻار چاهي اهي ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون اسڪولن تائين پهچن، تعليم يافته ٿين ۽ با شعور انسان بڻجي باعزت طريقي سان زندگي گذاري سگهن. تعليم اهو واحد رستو آهي جيڪو يقينن سماج مان ڏوهن ۽ بيروزگاري کي گهٽ ڪري سگهي ٿو ۽ شعور جون راهون کولي هن ملڪ جي اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن حڪومت سنڌ تعليم مٿان وڌيڪ خرچ ڪري صرف 10 سالن جي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪندي ته سماج جي اندر ٿيندڙ مثبت تبديلي هر هنڌ نظر ايندي ۽ ان جو فائدو نه صرف سنڌ حڪومت پر پوري سماج کي ٿيندو.