نابين ماڻهو هاڻي زبان ذريعي ڏسي سگهندا
آمريڪا جي سائنسدانن پاران هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي جنهن وسيلي نابين ماڻهو زبان وسيلي شيون ڏسي سگهندا. ان مشين جو نالو برين پورٽ V100 آهي. هن مشين ۾ لڳل اليڪٽروڊ کي زبان تي رکڻو پوندو آهي. جنهن ذريعي اليڪٽروڊ سگنل دماغ تائين پهچن ٿا. هي مشين ٽن حصن تي مشتمل آهي، هڪ ڪاري عينڪ، ٻيو زبان تي رکجندڙ اليڪٽروڊ ۽ ٽيون بيٽري سان هلندڙ مشين آهي. جڏهن عينڪ ۾ موجود ڪئمرا ڪنهن شيءِ جي تصوير ٺاهي ٿي ته اها تصوير مشين ۾ وڃي ٿي جنهن ۾ موجود سافٽ ويئر ان کي سگنل ۾ تبديل ڪري ٿو. جنهن بعد اهو سگنل اليڪٽروڊ ذريعي زبان تائين پهچي ٿو ۽ اتان وري اهو دماغ تائين وڃي ٿو جيڪو ان کي پروسيس ڪري تصوير ۾ بدلائي ٿو. هن مشين جي قيمت هن وقت 10 لک رپيا رکي وئي آهي.