هڪ فرانسيسي خبر رسائيندڙ اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائو نواز) جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بدلجندڙ عالمي نظام ۽ قومي حالتن، وزيراعظم، وزير داخلا ۽ اعليٰ پوليس اهلڪارن جي مسلسل اپيلن سبب اهي هٿياربند جدوجهد معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري رهيا آهن. ترجمان حڪومت سان مذاڪرات شروع ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو آهي. مائو نواز جي ان اعلان تي حڪومت طرفان اڃان ڪوبه رد عمل ناهي آيو.
هيءَ تحريڪ 1967ع ۾ نڪسل بڙي نالي هڪ ڳوٺ (مغربي بنگال) ۾ هڪ زميندار خلاف احتجاج شروع ڪرڻ سان ٿي. اتي ان تحريڪ کي “نڪسلائيٽ موومينٽ” جو نالو مليو. جدوجهد ڪرڻ وارن جو نظريو اهو هو ته هٿياربند تحريڪ ذريعي حڪومت کي ڪمزور ڪري نئين سماجي نظام کي قائم ڪيو وڃي. وقت سان گڏ هيءَ تحريڪ اوڀر ۽ وچ ڀارت جي وڌيڪ قبائلي علائقن تائين پکڙجي وئي. جنهن ۾ ڇتيس ڳڙهه، جهارکنڊ، اوڙيسا، مهاراشٽرا، آنڌرا پرديش، بهار، تلنگاڻه شامل آهن.
هن تحريڪ جو مقصد پرڏيهي ڪمپنين، سرمائيدارن ۽ حڪومت جي، ملڪي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف مزاحمت، ان کان علاوه قبائلي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ، زمين جي ورڇ ۽ دولت جي برابر ورهاست ۽ ڪميونسٽ نظام جو قيام رهيو آهي. ڀارتي حڪومت هنن باغين جي خلاف وقت بوقت آپريشن ڪندي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ انهن جي لاءِ ترقياتي پروگرام به ڏئي انهن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، پر گذريل ڪجهه سالن کان انهن باغين جي طاقت ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. ان جو سبب ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن جو مارجي وڃڻ يا گرفتار ٿيڻ به آهي.
هيءَ تحريڪ مائوزي تنگ جي نظرئي مطابق جيڪو هٿياربند جدوجهد ذريعي عوامي جمهوريت جي قيام تي يقين رکي ٿو، ان طرز تي هلي رهي آهي. جيئن ته سڄي دنيا ۾ هاڻي صرف ڪجهه ملڪ بچيا آهن، جتي ڪميونزم ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي، جن ۾ ڪيوبا ۽ چين شامل آهن. هن وقت چين سڀني کان وڌيڪ طاقتور ملڪ آهي، پر چين ۾ به مائو ازم جي اصل صورت کي تبديل ڪري نون اصولن ۽ سياسي نظام طور هلايو پيو وڃي جنهن کي مارڪيٽ سوشلسٽ نظام چئجي ٿو. مائوزي تنگ جو نظريو مارڪسزم- ليننزم تي ٻڌل هو جنهن جا خاص نقطا ڳوٺاڻن ۽ پورهيتن جي اڳواڻي ۾ انقلاب، هٿياربند جدوجهد، ڪميونزم جي نظرين جو سختيءَ سان لاڳو ڪرڻ، سرمائيداري نظام ۽ مغرب جي مخالفت هو.
عملي طور تي هن وقت چين مائو کانپوءِ هڪ نئين نظام تحت هلي رهيو آهي، جتي سرمائيداري عنصر به موجود آهن، جتي ڪاروبار، امير طبقا، ريئل اسٽيٽ، پرائيويٽ ڪمپنيون سڀ ڪم ڪري رهيون آهن. بدلجندڙ سوشلسٽ نظام ۾ چائنا، خانگي ملڪيت، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ آزاد مارڪيٽنگ کي اجازت ڏئي هن وقت ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري دنيا ۾ هڪ ٻيو سپر پاور بنجڻ طرف تيزيءَ سان قدم وڌائي رهيو آهي.
سياسي ۽ معاشي نظرين کي وقت ۽ حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ انتهائي اهم آهي. ڪجهه نظريا وقت سان گڏوگڏ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ انهن جي افاديت گهٽجي ويندي آهي. ڇو ته اهڙا نظريا ڪجهه خاص حالتن جي سبب پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪجهه خاص سماجن جي پيداوار هوندا آهن، ان ڪري حالتن جي تبديليءَ سان انهن جو تبديل ٿيڻ قدرتي ڳالهه آهي. هن وقت حالتون، ٽيڪنالاجي، سماج سڀ بدلجي چڪا آهن. مائوزي تنگ سوشلسٽ انقلاب آندو، پر ان جون پاليسيون جهڙوڪ: “گريٽ ليپ فارورڊ” ملڪ کي سخت نقصان ڏنو.
چين جي هڪ تمام پاليسي ساز اثرائتي شخصيت دينگ سياو پنگ چيو ته “غريب ڪميونزم کان امير سرمائيداري بهتر آهي جيڪڏهن اها ماڻهن جي ڀلائي ڪري.” وقت سان گڏ چين ۾ مارڪيٽ آزادي ۽ دولت پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، پر هڪ پارٽي جو ڪنٽرول به برقرار رهيو. نظرئي ۾ تبديلي نه، پر ان جي تشريح ۾ وقت جي مطابق لچڪ آندي وئي. حقيقت ۾ ڳالهه اها آهي ته ڪوبه نظريو جيڪو پراڻو هجي ان کي به نئين وقت سان ڳنڍي ان ۾ لچڪ پيدا ڪري ان اندر وقت جي تبديلين سان نواڻ آڻي ان جا اصول طئي ڪري وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، چين ان جو هڪ زنده جاويد مثال آهي.
ڇو ته تبديليءَ جي گنجائش هجڻ نرمي ۽ حالتن کي سمجهڻ جي صلاحيت ئي ڪنهن به نظام کي زنده ۽ موثر رکي ٿي. ان جي برعڪس بيٺل سوچ ۽ سختي ان جي ابتڙ ڪم ڪري نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جو مثال هينئر اسان کي مائو نواز باغين جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جن 60 سالن کانپوءِ پنهنجي هٿياربند جدوجهد کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سبب هاڻي اهي مائو نواز باغي بدلجندڙ دنيا کي تمام گهري نظر سان ڏسي رهيا آهن ۽ سندن ذهنن ۾ نوان خيال به اڀري رهيا هوندا ته هو ڪيئن هن بدلجندڙ دنيا جو حصو بڻجي پنهنجي تقدير کي تبديل ڪري سگهن ٿا، حڪومت سان ڳالهيون ڪري ڪيئن سماج جي وهڪري ۾ قانوني طور تي شامل ٿي پنهنجو آئيني حق حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڀارت حڪومت انهن کي مثبت جواب ڏيندي ته ڀارت جو هڪ وڏو مٿي جو سور ختم ٿي ويندو ۽ انهن جاين تي ترقي ٿي سگهندي جتي جتي اهو باغي گروهه سرگرم هو.