خاصنئون

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ هر سال ڪرائڻ جو فيصلو

آءِ سي سي 2023 کان 2031 تائين ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ هر سال ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن فيصلي مطابق هر سال مينز ۽ وومينز جو ورلڊ ڪپ ۽ مينز اينڊ وومينز انڊر 19 جا مقابلا ڪرايا ويندا، جڏهن ته آءِ سي سي پاران ٽي- 20 ورلڊ ڪپ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي. هن فيصلي کي ڪرڪيٽ جي بين الاقوامي حلقن ۾ منفي انداز ۾ ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته هر سال ورلڊ ڪپ ڪرائڻ سان هن راند جو شوق گهٽجي ويندو.