پاڪستاندنيانئوننيو‍‍ز

وفاق اين ايف سي ۾ سنڌ جي حصي جو اعلان ڪري: سنڌ اسيمبلي

اين ايف سي ۾ دير ٿيڻ سبب سنڌ اسيمبلي وفاق کان گهر ڪئي آهي ته اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جو اعلان ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ۾ سنڌ حڪومت کان گهرڪئي آهي ته سنڌ اسيمبلي کي وفاق کان اين ايف سي ۾ صوبن ۽ خاص طور سنڌ صوبي جي حصي جي اعلان جي گهر ڪرڻ گهرجي. هن ملاقات ۾ صرف پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ متحده جا ميمبر شامل هئا جڏهن ته جي ڊي اي جو ڪوبه ميمبر موجود نه هو. اسيمبلي ميمبرن آئين جي آرٽيڪل 160 جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ جي صدر کي هر پنجين سال اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻو هوندو آهي. پر موجوده حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿي نظر اچي. اهڙي صورت ۾ سنڌ حڪومت وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان لاءِ گهر ڪري. هن موقعي تي آيل ميمبرن چيو ته هي اسان سڀني جو مسئلو آهي، پوءِ ڀلي اسان ڪهڙي به پارٽي سان واسطو رکندڙ هجون.