سنڌ پوليس عوام جي سهولت لاءِ موبائيل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

سنڌ پوليس  صوبي جي عوام ۽ پوليس وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ لاء پوليس فور يو نالي سان موبائل ايپ متعارف ڪرائي آهي. هن ايپ کي گوگل پلي اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.  ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾  ڳالهائيندي ايڊيشنل آء جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ چيو آهي ته پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي جي لاء هي ايپ تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن ٿاڻي ڪلچر ۾ بهتري آڻي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته  جيئن ئي جرم جي حوالي سان شڪايت درج ڪئي ويندي ته ان خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي، شڪايت درج ڪندڙ ماڻهو ڪنهن دوست ذريعي به رپورٽ ڪري سگهندا. ايڊيشنل آءِ جي چيو ته   عوام کي گهر ويٺي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هي ايپ ٺاهي وئي آهي. ان سان گڏ ئي هن ايپ ذريعي  پوليس جي زيادتي کي به رپورٽ ڪري سگهجي ٿو. جنهن لاءِ واٽس ايپ جو نمبر  (03177116601) تي شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي. امير شيخ چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان هن ايپ کي  استعمال ڪري ان ۾  اچڻ وارين  پيچيدگين کي دور ڪيو پيو وڃي. عام طور تي هيلپ لائين 15 تي 75 کان 80 سيڪڙو ڪالز ڪوڙيون هونديون آهن. هن ايپ ذريعي ڪوڙيون ڪال ڪندڙن جو رستو به روڪيو ويندو. پوليس فار يو ذريعي عوام پنهنجي شڪايتن کي فالو به ڪري سگهندا شڪايت موصول ٿيڻ کان ڪيس چالان ٿيڻ تائين هي ايپ شڪايت ڪندڙ سان گڏ رهندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عوام کي گهر ويٺي سهولت فراهم ڪيون. ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هيو ته ايپ جي ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ عوام خصوصي نمبر  (03177116601) تي اطلاع ڏئي سگهن ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments