پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت
بين الاقوامي فلم فيسٽيول ڪانز جي ريڊ ڪارپيٽ تي سڄي دنيا سان تعلق رکندڙ نامياريون فلمي شخصيتون شريڪ ٿينديون آهن. ڪانز جو 11 ڏينهن هلندڙ فلم فيسٽيول 8 مئي تي شروع ٿيو ۽ فرانس جي شهر ڪانز ۾ پنهنجون روشنيون پکيڙيندي 19 مئي تائين جاري رهندو. هن دفعي ڪانز جي هن فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهرا خان چيو ته کيس محسوس ٿي رهيو آهي ته جيئن هوءَ پاڪستاني ٽيم جي رانديگر هجي ۽ اڪيلي کيڏڻ آئي هجي. واضح رهي ته ڪانز جي فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ کي سڄي دنيا جي فلمي حلقن ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هن کان پهرين سال 2008 ۾ پاڪستاني اداڪار عدنان صديقي به هن ميلي ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي جنهن اَمائٽي هارٽ (A Mighty Heart) فلم جي ڪاسٽ سان هن ميلي ۾ شرڪت ڪئي هئي.