پي آءِ اي 10 سيڪڙو عورت پائليٽ رکڻ جي پابند
لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پي آءِ اي کي حڪم تحت پابند ڪيو ويو آهي ته قومي ايئر لائين نون ڀرتي ٿيندڙ پائليٽن جي سيٽن لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي. اهڙو فيصلو تڏهن ڪيو ويو جڏهن هڪ درخواستگذار پائليٽ ڪومل ظفر طرفان درخواست ڪئي وئي ته قومي ايئر لائين ۾ پائليٽن جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽن ۾ هن پوري ملڪ ۾ 21 هون نمبر کنيو، پر بعد ۾ سيٽن کي گهٽائي 25 مان 12 ڪيو ويو ۽ هن کي ڀرتي ٿيڻ کان روڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پي آءِ اي ۾ ملڪي آئين مطابق 10 سيڪڙو عورتن لاءِ نه رکيو ويو آهي جيڪو آئين جي شق 127 جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پائليٽ جي ڪم جي نزاڪت کي ڏسندي عورتن لاءِ ڪابه ڪوٽا نه رکي وئي آهي ۽ اوپن ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون ته عورتون هن نوڪري لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي به موقعو ملڻ گهرجي ته اهي ملڪ ۾ جتي به رهنديون هجن ۽ انهن ۾ ٽئلينٽ موجود آهي ته انهن کي به هر ميدان ۾ موقعو ملڻ گهرجي. ان موقعي تي پي آءِ اي جي عيوضي عورت کي ٻڌايو ته عورتن جي ڪوٽا تي بلڪل عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن مطابق پي آءِ اي ۾ 2013 عورتون ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته پائليٽن جو هڪ نازڪ ڪم آهي ان لاءِ اهڙي پوسٽ لاءِ عورتن ۽ اپاهج ماڻهن کي نوڪري نه پئي ڏني وڃي. جنهن کانپوءِ جج فرخ عرفان خان چيو ته جيڪڏهن عورتون ايئر فورس ۾ فائيٽر جهاز اڏائي سگهن ٿيون ته پوءِ پي آءِ اي جو جهاز ڪيئن نٿيون اڏائي سگهن، جنهن بعد هن پي آءِ اي لاءِ حڪم جاري ڪيو ته اها عورتن جو 10 سيڪڙو ڪوٽا بحال ڪري.