نئون

سنڌ ۾ هر پنجون موت هيپاٽائيٽس جي ڪري ٿئي ٿو

اڱاري ڏينهن ڪراچيءَ ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ماهر ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سنڌ ۾ هر پنجون موت هيپاٽائيٽس بي يا سي جي ڪري ٿئي ٿو يا وري ان سان لاڳاپيل ڪنهن مرض سبب ٿئي ٿو. هن وقت 20/25 سيڪڙو آبادي ان وائرس ۾ وچڙيل آهي. اهو به ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ جا سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا ۽ ڪجهه ٻيا علائقا 30/35 سيڪڙو ان وائرس جي ور چڙهيل آهن جنهن ۾ گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ به شامل آهن. ورلڊ ڊائجيسٽ هيلٿ ڊي 2018 جي تقريب دوران ڳالهائيندي مشهور گيسٽرو اينٽرولاجسٽن ٻڌايو ته اندازي مطابق سڄي ملڪ ۾ ٻه ڪروڙ ماڻهو هن وائرس جو شڪار آهن، جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ مريضن جو انگ سنڌ ۾ آهي. WHO 2030ع تائين دنيا مان هن بيماريءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجو هدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شاهد احمد، گيسٽرو اينٽرولاجسٽ ۽ پيٽران آف PGLDS پنهنجي پريزنٽيشن ۾ ٻڌايو ته هن وائرس جي اسڪريننگ ۽ سڃاڻپ هاڻي گهڻي سولي ٿي پئي آهي ان ڪري سرڪاري ۽ خانگي شعبا هڪٻئي سان سهڪار ڪري جنگي بنيادن تي هن بيماريءَ خلاف وڙهڻ جو اعلان ڪن ته هن بيماريءَ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ اڳتي هلي مثبت نتيجا ماڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر لبنيٰ قائمخاني صلاح ڏيندي چيو ته حڪومت شهرين کي شناختي ڪارڊ جي درخواست سان گڏ هيپاٽائيٽس اسڪريننگ  ٽيسٽ سرٽيفڪيٽ به لازمي قرار ڏئي ته جيئن مريضن  جو صحيح انگ معلوم ڪري سگهجي ۽ هن حڪومت کان مفت اسڪريننگ ٽيسٽ جي سهولت انهن سڀني شهرين کي ڏيڻ لاءِ چيو جيڪي ان وائرس جو شڪار آهن يا بلڪل صحتمند آهن.