اها ٻي ڳالھ آهي ته طالبان کي سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پئسا عرب ملڪن مان مليا ۽ پوءِ افغانستان اندر ڪڏهن مجاهد، طالبان ۽ ڪڏهن افغان نيم فوجي جوان بڻجي وڙهيا. انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل رهيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته ”اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن“ جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا پاڪستاني بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ انهن کي جهادين ۾ شامل ڪيو ويندو هو. اهو به واضح هو ته انهن سڀني جهادي تنظيمن جا مالي مددگار عرب ملڪ هوندا هئا، پاڪستاني احمدي رشيد (صحافي) جي ڊيٽا جي مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون يا شخص ان ڪار خير ۾ شامل رهيا، پر ان سڄي وارتا مان مراد رڳو اسلامي شدت پسندي کي اڀارڻو ۽ هوا ڏيڻي هئي ته جيئن ٻئي ڪم ٿين، معنيٰ آمريڪا جي ”ڪاز“ به هلي ۽ جهاد في سبيل لله به ٿئي، حالانڪه ان سڄي وارتا جي پٺيان آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ به هو ته جنگ جاري رهي. انهن ڪمن جو خاص مقصد اهو هو ته روس جي اڳڀرائي کي ٻنجو ڏجي ۽ اسلامي شدت پسندي به وڌي، پر جڏهن ڪم نڪري وڃي ته انهيءَ شدت پسندي کي وري چٿجي ۽ چيڀاٽجي ۽ ائين ئي هٿيارن جو ڪاروبار به هلي پوي. ڇو ته انهن ئي طريقن سان گهرو ويڙھ جو سلسلو، هٿيارن جي ڊوڙ، اسلامي دهشت پسندي، شدت پسندي، طالبانائيزيشن، اسلامو فوبيا جي واڌ ۽ مسلمانن جي خواري جا سامان تيار ڪرڻا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته انهن چالن جي پٺيان کڻي آمريڪا، سي آءِ اي، لوڪل ايجسنيون ۽ سيهوني طاقتون هيون، ان ڏس ۾ مذهبي جهادي تنظيمون وري اسلام جي خدمت ۽ پکيڙ جي لاءِ به متحرڪ ٿي پيون، پر بيڪ گرائونڊ ۾ آمريڪا جو ٻيڙو تاري ويون. ان اڀار کانسواءِ روس جي خلاف اسلامي جهادي تنظيمن جو هڪ ٿيڻ مشڪل هو ڇو ته مذهب جي نالي ماڻهن ۾ جوش، جذبو، اتحاد ۽ انهن کي منظم ڪرڻ آسان هو ۽ عربن به ان ڳالھ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو.