بلاگنئون

تحريڪ طالبان جي اڀرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جي تاريخ

اها ٻي ڳالھ آهي ته طالبان کي سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پئسا عرب ملڪن مان مليا ۽ پوءِ افغانستان اندر ڪڏهن مجاهد، طالبان ۽ ڪڏهن افغان نيم فوجي جوان بڻجي وڙهيا. انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل رهيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته ”اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن“ جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا پاڪستاني بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ انهن کي جهادين ۾ شامل ڪيو ويندو هو. اهو به واضح هو ته انهن سڀني جهادي تنظيمن جا مالي مددگار عرب ملڪ هوندا هئا، پاڪستاني احمدي رشيد (صحافي) جي ڊيٽا جي مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون يا شخص ان ڪار خير ۾ شامل رهيا، پر ان سڄي وارتا مان مراد رڳو اسلامي شدت پسندي کي اڀارڻو ۽ هوا ڏيڻي هئي ته جيئن ٻئي ڪم ٿين، معنيٰ آمريڪا جي ”ڪاز“ به هلي ۽ جهاد في سبيل لله به ٿئي، حالانڪه ان سڄي وارتا جي پٺيان آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ به هو ته جنگ جاري رهي. انهن ڪمن جو خاص مقصد اهو هو ته روس جي اڳڀرائي کي ٻنجو ڏجي ۽ اسلامي شدت پسندي به وڌي، پر جڏهن ڪم نڪري وڃي ته انهيءَ شدت پسندي کي وري چٿجي ۽ چيڀاٽجي ۽ ائين ئي هٿيارن جو ڪاروبار به هلي پوي. ڇو ته انهن ئي طريقن سان گهرو ويڙھ جو سلسلو، هٿيارن جي ڊوڙ، اسلامي دهشت پسندي، شدت پسندي، طالبانائيزيشن، اسلامو فوبيا جي واڌ ۽ مسلمانن جي خواري جا سامان تيار ڪرڻا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته انهن چالن جي پٺيان کڻي آمريڪا، سي آءِ اي، لوڪل ايجسنيون ۽ سيهوني طاقتون هيون، ان ڏس ۾ مذهبي جهادي تنظيمون وري اسلام جي خدمت ۽ پکيڙ جي لاءِ به متحرڪ ٿي پيون، پر بيڪ گرائونڊ ۾ آمريڪا جو ٻيڙو تاري ويون. ان اڀار کانسواءِ روس جي خلاف اسلامي جهادي تنظيمن جو هڪ ٿيڻ مشڪل هو ڇو ته مذهب جي نالي ماڻهن ۾ جوش، جذبو، اتحاد ۽ انهن کي منظم ڪرڻ آسان هو ۽ عربن به ان ڳالھ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو.
ان وقت جي نيويارڪ ٽائيمز مطابق طالبان هڪ ننڍڙي تحريڪ يا ڳالھ مان اڀري وڏي طاقت ٿي ويا، جنهن جو اندازو شايد لوڪل ايجسنين ۽ سي آءِ اي کي ڀلي ڀتِ هو، ڇو ته طالبان گھڻي ڀاڱي هيٺئين طبقي مان اڀرندا، داخل ٿيندا، ملندا پاڻ سلهاڙيندا ۽ طالبان جي تحريڪ کي منظم ڪندا ويا. جيئن ايران جي آيت الله خميني جي تحريڪ کي عام طبقي ۽ اتان جي مذهبي جنونيت وڏي هٿي ڏني، تيئن ئي طالبان جي تحريڪ ائين ئي پروان چڙهي. مارچ 2000 ۾ طالبان به خٿابي طبقي، مدرسن، واپارين ۽ مذهبي جنون رکندڙ طبقن ۾ پنهنجي خيال کي پختو ڪيو، ته هو جيڪي به ڪن پيا يا جيڪي به ڪندا، اهو سڀ اسلام جي لاءِ ۽ اسلام جي خاطر هوندو. طالبان جي سڄي تحريڪ دوران يا اڀرڻ وقت انهن جي اڳواڻي ۽ قيادت مان اهي واعدا پڪا ٿي چڪا هئا ته اهي هڪٻئي کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا ۽ فتح جي آخري گھڙيءَ تائين وڙهندا رهندا. ان ۾ هنن سان لوڪل ايجسنيون ۽ سي آءِ اي جو ساٿ رهندو آيو، جيڪي ڊالرن جو مينهن وسائيندا رهيا.
1989 ۾ سوويت ريڊ آرمي جي هارائڻ کانپوءِ افغان صدر نجيب الله ٽن سالن تائين افغان سرڪار هلائيندو رهيو، پر 1992 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي صدر نجيب الله کي آخر تاجڪ فورسن جي مجاهدن ڪرسيءَ تان لاهي ڇڏيو، پر رباني، احمد شاھ مسعود، ازبڪ لساني گروھ جي سربراھ جنرل راشد دوستم اها ڪاميابي سنڀالي نه سگهيا ۽ حڪمت يار ولي فورن نئين سرڪار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ بيدرديءَ سان جبلن جي اوچائي تان بم ڪيرائيندو رهيو، جنهن ۾ پختون ۽ افغان (فارسي) مجاهدين هارائجي ويا، ۽ هنن اولھ افغانستان جو ڳچ حصو قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪي ڪابل ۽ هرات تائين ڪاهيندا آيا. اوڀر افغانستان ۾ تنهن مهل تائين پختون مجاهد قابض هئا، اهو جهيڙو مسلسل 10 مهينا هلندو رهيو، پر وري ڏکڻ افغانستان جون حالتون به تشويشناڪ رهنديون آيون، جو هيومن رائيٽس کي ان ڳالھ جي ڳڻتي هئي ته اهي انهن ماڻهن جي جان، مال، عزت، آبرو جي حفاظت ڪيئن ممڪن ڪن ۽ انهن کي ڌاڙن، ڦورن ۽ چورين، زنا ۽ براين کان ڪيئن بچائن؟ ڇو ته اهي سڀ چوٽ چڙهي ويون هيون، افغانستان سڄو ڄڻ ٻري پيو، جو ڪير ڪنهن سان ڪنهن به ڳالھ ۾ سهمت نه هيو. جنرل دوستم وري رباني ۽ احمد شاھ مسعود سان ڳالهين ۾ ٺهڻ کان نابري واري ڇڏي هئي، ۽ انهن وري حڪمت يار سان ٺاھ ڪري ڪابل تي بم وسائڻ شروع ڪيا ۽ ائين ئي هڪٻئي مٿان گولا باري ڪندي انهن 10 مهينا گذاريا، جو اهڙن بمن بارودن، وارين خراب حالتن، خونريزي، ڌاڙن، چورين، زنا جي واقعن جي واڌ جي ڪري ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي هئي، ۽ وري اهڙين حالتن ۾ طالبان جي فورسز جو اڀرڻ ناگزير ٿي پيو ۽ ايستائين جو جيڪي به طالبان، پختون ۽ مذهبي جنون رکندڙ پاڪستاني مدرسن ۾ پڙهن پيا، اهي به طالبان جي همدرديءَ ۾ لهي پيا، تحريڪ زور ورتو، جو ماڻهن جو گھڻو انگ طالبان جي حمايت ۾ لهي آيو ۽ ملان محمد عمر، افغان پختون، غلزئي قبيلي جا ماڻهو، هوتڪ قبيلي جا ماڻهو به اٿي کڙا ٿيا جيڪي طالبان جي مدد لاءِ تيار ٿي ويا.
صحافي احمد راشد جي رپورٽ مطابق ان دورن (ان سال) ٻن ڇوڪرين جي اغوا جو واقعو قنڌار ۾ پيش آيو، جنهن ۾ انهن طالبان کي مدد لاءِ پڪاريو، جنهن ۾ طالبان جي گروهن جنرل دوستم جي آرمي تي حملو ڪيو، ۽ انهن ٻن ڇوڪرين کي آزاد ڪرايو، ۽ ائين ئي طالبان جي واهه واهه ٿي وئي. اهي ماڻهن جي مدد ڪندي، ماڻهن کي چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ زنا جي ڪيسن ۾ جنرل دوستم جي گروهن کان ماڻهن کي آجو ڪرائيندي ڏيکاريا ويا ۽ ائين اهي افعانستان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويا. آڪٽوبر 1994 ۾ طالبان جي گروهن ” اسپن بولڊڪ“ جي بارڊر تي قبضو ڄمايو ۽ 3 نومبر تي طالبان قنڌار تي حملو ڪري ڏنو، 48 ڪلاڪن ۾ شهر تي قبضو ڪري ويا، ۽ هر روز هڪ نئين فتح ڪندا ويا. جنرل دوستم جا جٿا هارائيندا ويا. 11 فيبروري 1995 تي 30 صوبن مان طالبان 9 صوبن تي قبضو ڪري ويهي رهيا. 5 سيپٽمبر 1995 تي طالبان هرات تي قبضو ڪيو، هڪ سال ۾ جلال آباد ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ 26 سيپٽمبر 1996 تي طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ويا. آهستي آهستي اهي افغانستان جي صوبن تي قبضو ڄمائيندا ويا ۽ ماڻهن جي حمايت به وٺندا ويا. جنرل ملڪ وري جنرل دوستم سان بغاوت ڪري طالبان سان ملي ويو، ۽ 24 مئي 1997 تائين طالبان مزار شريف تي قبضو ڪري ويهي رهيا، جو آگسٽ 1998 تي طالبان وري شديد فائرنگ، گولاباري ۽ بمباري ڪري جنرل دوستم کي ازبڪستان ڀڄائي ڇڏيو، باقي رڳو احمد شاھ مسعود ئي رهيو جيڪو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ دير ڪري رهيو هو. لوڪل ايجنسين ۽ آءِ ايس آءِ جي سڌي سنئين آشيرواد هجڻ جي ڪري طالبان ڏينهون ڏينهن همت ۽ جوش سان مخالفن کي ڀڄائي ڇڏيو، ڇو ته قنڌار جي قبضي کانپوءِ هنن جي جٿن ۾ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني مدرسن مان ماڻهو شامل ٿيندا ويا. پاڪستاني جميعت علماءِ اسلام جا مجاهد هنن سان گڏجي ويا، ۽ 1994 تائين تقريبن 12 هزار پاڪستاني ۽ ٻاهريان مجاهد هنن سان گڏجي پيا، جنهن سان افغاني پختونن کي وڙهڻ ۾ آساني ٿي، جنهن جي سپورٽ ۾ لوڪل ايجسنيون ۽ سي آءِ اي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون هيون، جنهن سان طالبان کي وڏي طاقت ۽ همت ملي ۽ اهي آهستي آهستي افغانستان تي قبضو ڄمائيندا ويا ۽ انهن جي تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي.
1997 ۾ جڏهن هنن مزار شريف ۾ مارچ ڪيو، تڏهن غير ملڪي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي هئي، ڇو ته هنن طالبان جو مقصد هو ته اهي جنرل دوستم جي ڊپٽي جنرل ملڪ کي پڪڙي هٿ ڪن. بجاءِ جو هنن کي ڪو رنڊ روڪ ٿئي، پر الٽو هنن کي آساني ٿيندي وئي، ته اهي ڏينهون ڏينهن وڃن قبضا ڪندا، ملڪ ميڙيندا، جو مارچ ڪندا قبضو ڪندا هلندا ويندا هئا، پر احمد شاھ مسعود جي علائقن تي قبضو ڪرڻ هنن جي لاءِ ڏکيو ٿي پيو هو، جيڪي مشڪل سان 10 سيڪڙو علائقي تي قابض هئا. جهيڙو ڄڻ انهن گروهن جي وچ ۾ هلي پيو جيڪي آمريڪي آشيرواد وارا هئا، جيڪي سوويت يونين جي مدد سان هلي رهيا هئا، پر ان وري ڪجھ پنجابي طالبان جا گروھ جن ۾ 5000 ماڻهو (طالبان ۽ فوجي) شامل هيا، جيڪي احمد شاھ مسعود سان ويڙھ لاءِ پهتا، ڇو ته احمد شاھ مسعود ڪيترن پاڪستانين کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. لوڪل ايجسنيءَ جو هڪ جهونو ايجنٽ امام سلطان عامر پاڪستان طالبان جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي وانگر اهم هو انهن جي مدد سان هٿيارن جي ايڪسپورٽ، آفيم، چرس ۽ ٻين اسمگلنگ جي ڪمن ۾ هٿي ملندي هئي، جنهن سان طالبان جي جهادي تحريڪ هلندي رهي ۽ ڪامياب به ٿي. طالبان جي تحريڪن کان اڳ مشڪل سان 8 هزار مدرسا هوندا هئا، جيڪي اُڙُي ٿُڙُي مدد سان هلندا هئا. پر 1998 کانپوءِ انهن مدرسن جو تعداد 25 هزار ٿي ويو، جنهن ۾ 25 لک طالبان (خٿابي) ديني تعليم پرائي رهيا هئا، جن دارالعلوم حقانيه جهڙا مدرسا هلندا رهيا، انهن ۾ معمولي پڙهيل لکيل طالبان ٽائيپ ملان ٻارن کي طالبان جي جهادي تنظيمن جا سبق پڙهائيندا هئا، ان سڄي وارتا ۽ تحريڪن ۾ اساما بن لادن کي فڪس ۽ فٽ ڪرڻو هو، اساما بن لادن جي نيٽ ورڪ کي سوڊاني سان ملائي ڳنڍي هلائيندا رهيا ۽ تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي.