آرٽيڪلڪرنٽ افيئرز / حالات حاضره

آزاد ڪشمير ۾ چونڊون به آزاد ٿيون؟ انور قاضي August 2021

جولاءِ  جو مهينو شايد پي. ٽي. آءِ جي لاءِ ڀاڳوارو آهي. پوءِ 25 جولاءِ 2018ع هجي يا 25 جولاءِ 2021ع، پاڪستان ۾ ٿيل چونڊون ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٿيل چونڊون ٻنهي لاءِ جولاءِ 25 ٻئي چونڊون پي. ٽي. آءِ کٽيون. هڪ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي ۽ ٻي ۾ اڪثريتي پارٽي. هوا ان وقت به سندن حق ۾ هلي ۽ هن وقت به ايستائين جو اليڪشن ڪمشنر جي ڳالهه به نه هلي سگهي. جڏهن امين گنڊا پوري کي اليڪشن مهم ۾ ڪشمير مان نڪري وڃڻ جو چيو، پر ان کي وزيراعظم صاحب پاڻ سان گڏ جلسي ۾ وٺي اچي تقرير پڻ ڪرائي، اتي به صاحب موصوف جيڪا بداخلاقي ڪئي اها پوري قوم ڏٺي. قوم ته اهو به ڏٺو ته وزيراعظم صاحب خوش ٿي رهيو هو. جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب کان پڇيو ويو ته چيائين ادا مان ڇا ڪريان چيف اليڪشن ڪمشنر هڪ وزير کي بداخلاقي ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي ته پوءِ اليڪشن ڪيتري آزاد ٿي هوندي؟ اوهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ جوان جڏهن هڪ پارٽي پي. ٽي. آءِ جي لڳل جهنڊن واري گاڏي ۾ ويهي پولنگ اسٽيشن تي پهچن ته عام ماڻهو تي ڪيترو اثر ٿيندو. اليڪشن کان پهرين اليڪٽ ايبل ڦيرائي پي ٽي آءِ ۾ آندا وڃن پوءِ اليڪشن ڪيئن آزاد هوندي؟ بهرحال آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي حيثيت اسلام آباد کان موڪليل آءِ. جي يا چيف سيڪريٽري جي مقابلي ۾ انتهائي ڪمتر هجي ٿي. نوڪريون، فائدا ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ اسلام آباد جي سرڪار رهندڙ آزاد ڪشمير جا وڏا سياستدان هميشه ان حڪومت جو هٿ پڪڙيندا آهن جيڪا اسلام آباد ۾ هوندي آهي اها روايت برقرار آهي ڪيستائين رهندي؟ اهو الڳ سوال آهي. ان جي باوجود مريم نواز جا جلسا انتهائي شاندار هئا عوام چارجڊ هو. نون ليگ جو بيانيو يا ايئن کڻي چئجي ته نواز شريف ۽ مريم جو بيانيو ان ۾ اسان شهباز شريف کي شامل نٿا سمجهون هو اڃان به ڪوشش ڪري پيو ته قرب وارن جو هٿ مٿي تي اچي، پر مريم نواز جي جذباتي تقريرن جي ڪري اڃان مشڪل لڳي ٿو. ن ليگ هر طرف کان مخالفت هوندي پنج لک ووٽ کنيا ۽ پي ٽي آءِ ڇهه لک، پر سيٽون پي. ٽي. آءِ کي 25 مليون ۽ نون ليگ کي صرف ڇهه. مزي جي ڳالهه ته پ پ کي ووٽ ته ٽي لک مليا، پر سيٽون يارنهن هاڻي انهيءَ کي جمهوريت جو حسن چئجي يا طاقتورن جي جمهوريت جن جو پ پ سان مڙئي پيار آهي. ايتري قدر جو بلاول صاحب اليڪشن ڪمپين اڌ ۾ ڇڏي آمريڪا ياترا تي روانو ٿيو پوءِ به سيٽون نون کان وڌيڪ کنيون. عمران خان ته ڪشمير کي صوبو بنائڻ جي تياري ڪري ويٺو آهي، پر سوشل ميڊيا ڏسجي ٿي جنهن ۾ ڪشميري آزادي جا نعرا هڻي رهيا آهن. L.O.C جي هن پار نه بلڪه هُن پار هاڻي جڏهن چيو وڃي پاڪستان جي انتظام هيٺ هلندڙ آزاد ڪشمير ته پوءِ چونڊون ايئن ٿينديون اسلام آباد جي مرضي سان ۽ اسلام آباد راولپنڊي گڏيل آهن سو چونڊون ايتريون ئي آزاد ٿيون هونديون.

آزاد ڪشمير جي چونڊن دوران ۽ چونڊن کانپوءِ محسوس ايئن ٿو ٿئي ته پي. ٽي. آءِ پڻ پ پ کي سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙي واري سنڌ ۾ (ڇو ته شهري سنڌ ۾ پ پ جو ڪو خاص اثر نه آهي). tough time ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي رهي آهي. ڀوتارن جي گڏجڻ جون ڪوششون جنهن ۾ پي. ٽي. آءِ ۽ جي. يو. ايف پڻ گڏ ويٺا صرف ان لاءِ ته اتحاد اهڙو ٺاهيون جو ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ نه اچي سگهي. ارباب رحيم کي شامل ڪرڻ وري وزير خارجه جو پير پاڳاري صاحب سان ملاقات ڪرڻ رينجرس کي منشيات روڪڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ اهي سڀئي ڪڙيون ملائجن ته محسوس ايئن ٿو ٿئي ته پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهندي، پر زرداري چوي ٿو ڀلي ڇا به ڪن، پر اسان جهڙي خدمت ڪريون ٿا اهڙي نه ڪري سگهندا… عوام جي… اوهان ڇا سمجهو؟ پر سنڌ جي حالت ٻڌائي ٿي ته عوام جي خدمت ته نه ٿي آهي، پر حجامت ضرور ٿي آهي. هاڻي ته سنڌ جو عوام ٺوڙهو ٿي ويو آهي حجامت جي ضرورت به نه اٿس. وري به سنڌ ۾ پ پ جي ڪيل خدمتن عيوض سگهارا هنن جو ساٿ ڏيندا، پير پاڳارا رهجي ويندا. ڀوتار اتحاد ته ٺاهين ٿا، پر اليڪشن جو سڄو انحصار فرشتن تي ڪن ٿا، ماڻهن سان انهن جو رويو بلڪل وڏيرڪو آهي ان ڪري به ڌڪ کائين ٿا، پر اڃان ته اليڪشن ۾ ٻه سال پيا آهن وقت ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري؟ عام ماڻهو جي حالت زار ته روزِ روشن جيان ظاهر پئي آهي بک، بيروزگاري، بد امني، معاشري ۾ وڌندڙ اذيت پسندي، شريف ۽ پر امن ماڻهو لاءِ جيئڻ جنجال آهي. اوهان طاقت جي زرو تي ڪجهه به ڪري سگهو ٿا ايستائين جو ماڻهن کي ماري ڇڏيو اهو به اذيتون ڏيئي ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي.

ٿر جي پُر امن خطي ۾ جتي ماڻهو انتهائي پُر امن آهن اتي اڄ به مال جهنگ ۾ گهمندو وتندو آهي نه ڪِلو نه آهر. کير جي ڏُهائي جي وقت ڍڳيون گهر اچي کير ڏُهائي واپس وري جهنگ ۾ يا پاڻيءَ لاءِ کوهن جي پاسي اچن ٿيون اهڙي پُر امن خطي ۾ هڪ غريب مزدور دودو ڀيل جيڪو پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ٿر ڪول ۾ ڏهاڙي جو مزودر هو. دودو اسلام ڪوٽ جي پاسي ۾ ابن جي تڙ جو رهاڪو سوني ڀيل سندس والده ۽ رَنو سندس والد، ٿر ڪول جي ڪمانڊر ڪاشف جيڪو مقامي نه آهي کي شڪ ٿيو ته دودي ۽ دودي سان گڏ ٻن ٻين مزدورن لوهه چوري ڪيو آهي. ڳالهه ٿا ڪريون ته اذيت پسندي جي هنن کي لوهه چوري جي الزام ۾ ڪمانڊر ڪاشف ايترو ته تشدد جو شڪار ڪيو جو دودو ديهانت ڪري ويو  ٻه ساٿي بچي ويا. پهرين ته پوليس دودي ۽ ان جي ٻن مزدور ساٿين تي ايف. آءِ. آر ڪٽي، پر پوءِ عوام جو دٻاءُ سنڌ حڪومت برداشت ڪري نه سگهي. مسلسل ڏهن ڏينهن تائين اسلام ڪوٽ ۾ احتجاج ٿيندو رهيو تڏهن وڃي ڪمانڊر ڪاشف گرفتار ٿيو. مطلب هڪ منٽ لاءِ کڻي مڃجي به وٺجي ته لوهه جي چوري ٿي ڇا ان جي سزا ايتري جو ماڻهو کي بيدرديءَ سان تشدد ڪري ماري ڇڏجي؟ حڪومت جڏهن دودي جي والدين کي پئسا ڏيئي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته اياز لطيف سان ملڻ دوران دودي جي ماءُ سوني چيو ”پني کائينداسين پر قاتلن کي نه ڇڏينداسين“ هاڻي ڪيس ڪورٽ ۾ آهي ايف. آءِ. آر ڪمزور آهي ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

ٻيو واقعو حيدرآباد ۾ ٿيو آهي جيڪو پڻ اذيت پسنديءَ جو واضح اهڃاڻ آهي. مڙس عمر ميمڻ پنهنجي زال چئن ٻارن جي ماءُ عيني بلوچ کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. هڪ پڙهيو لکيو دولتمند شخص پنهنجي زال کي بيدرديءَ سان ماري ٿو، ان مان ظاهر آهي ته اهو شخص اذيت پسند آهي ۽ کيس قانون جو ڪو ڀئو نه آهي. سمجهي ٿو ته خرچ ڪري بچي ويندس. ڳالهه اتي نٿي کٽي اسلام آباد ۾ هڪ شخص عورت ۽ ان جي 14 مهينن جي ٻار کي ماري ٿو، عورت سان زيادتي به ڪري ٿو. وري اچو نور مقدم تي پوش علائقن امير ترين ماڻهو پڙهيل لکيل انهن جو رويو ويچاري کي ڪيڏي نه بيدرديءَ سان ڪهي ٿو. لفظ نٿا ملن اهڙن ماڻهن جي مذمت ڪرڻ لاءِ هي آهن اسان جي معاشري جا حال اذيت پسندي هڪ مشغلو بڻجي وئي آهي. روڪي ڪير قانون ۽ انصاف، ڪن ڪير؟ چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر اهي ته صرف مال ميڙڻ ۾ مشغول آهن، هڪٻئي کي گار گند ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اخلاقيات کان وانجهيل آهن، پر اسان جا حڪمران آهن جيڪو نمائندو وڌيڪ گاريون ڏئي ٿو سو ارباب اختيار وٽ وڌيڪ معتبر آهي، انهن مان توقع رکڻ عبث آهي. انهن کي چونڊيون به اسان ٿا! ڇا اسان واقعي انهن کي چونڊيون ٿا! يا ڪو ٻيو، اهو به هڪ سوال آهي، پر معاشري ۾ جيڪا نفرت پکڙجي چڪي آهي اها ايترو جلدي ختم ٿيندي نظر نٿي اچي. اسان ماڻهو ورهائجي ويا آهيون نسلي طور، مذهبي طور، قبيلائي طور ان ڪري طاقتور ماڻهو  اسان تي حڪومت ڪري پيو.

ڇا اهو ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ اسان عوام اشوز تي ووٽ ڏينداسين؟ جي نه ته پوءِ ساڳيا حال حبيبن جا. اميد ڪريون ٿا ايندڙ اليڪشن ڪجهه بهتر هوندي، شفاف ته مشڪل آهي.

ٿر ٿڪيائي ٿيلهه، ويهه م مُنڌَ ڀنڀور ۾،

چڙهي جبل چوٽ تي، ڀئوَ مڙيئي ڀيل،

اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

(سرڪار لطيف)

***