بلاگنئون

سردار شاه جي ڪتاب ”من مسافر“ تي تجزياتي وکون

شاعري ٻولي استعمال ڪرڻ جو هڪ سهڻو ۽ سيبتو طريقو ٿي سگهي ٿو، شروعاتي دورن کان وٺي شاعريءَ ۾ ترنم واري ٻولي استعمال ڪرڻ جو واحد طريقو رديف ۽ ڪافيي جو استعمال ئي آهي. شاعريءَ ۾ ٻولي جو خيال ۽ استعمال فينسي ۽ جديد به آهي ته شاعري ساڳئي ريت مُهڙ واري زرعي سماجن جي رسمن ۽ رواجن سان گهرو تعلق به رکي ٿي. خاص طور تي شاعري لاءِ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شاعري شروعات ۾ جادوئي منترن جي صورت پيدا ٿي، جيڪا سهل طريقي سان پاڻ کي يقيني بڻائي پئي وَڌِي ۽ ويجهي، هن مفروضي جي حقيقت جيڪا به هجي، پر اها هڪ ڪارائتي فرق کي ڌوئي ۽ صاف سٿرو ڪري واضح ڪري ٿي ڇڏي. اوائلي دورن ۾ جڏهن ادب جو هڪ الڳ طبقو وجود ۾ اچڻ شروع ٿيو ۽ جڏهن ٻولي جا ڪارائتا استعمال ڳولهي لڌا ويا، تڏهن ٻوليءَ جي اظهارن ۾ شاعريءَ جي طرز کي اپنايو ويو، جنهن کي نظمي شاعري سڏيو وڃي ٿو. اهڙي ٻوليءَ جي انهن اظهارن کي ان طرح سڃاڻي تفريق به ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري اهي شيون هاڻي شاعريءَ جي وڌندڙ رجحانن ۽ خاصيتن جي لحاظ کان وڌيڪ اهميت به رکن ٿيون. هاڻي اهي سرجڻهار اهو سمجهن ٿا ته اهي پنهنجي ڏات کي انساني روحن ۽ دماغن تي عمل ڪرائڻ جي قابل ٿي ويا آهن ۽ سڌو سنئون ٻاهر جي قدرتي دنيا تي به هو اثراندازا آهن يا ٿي سگهن ٿا.

آزاد نظم شاعريءَ جو هڪ اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ روايتي نمونن ۽ قافين جو فقدان هجي ٿو. ان ۾ ڪنهن به لڪير جي لمبائي، ڍانچو يا باقاعده قافيو ناهي هوندو، جيڪي ان کي شاعريءَ جي ٻين قسمن جهڙوڪ Sonnet  يا هائيڪو کان مختلف ڪن ٿا، ان کي شاعريءَ جي ٻين صنفن جي طور طريقي کان ڏسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو جديد شاعرن کي پنهنجو اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. انهي طريقي سان جيڪا وڌيڪ مستند ۽ آزاد محسوس ٿئي ٿي. هي صنف شاعريءَ ۾ ٽيڪنيڪل عنصرن جي فڪرن کي دريافت ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جتي عنصر ۽ ٽيڪنڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي گهرا ادبي شاهڪار ٺاهين ٿا. اهي عنصر ۽ ٽيڪنڪ شاعراڻي اظهار جي گهرائي، خوبصورتي ۽ معنيٰ جي گهرائيءَ کي وڌائين ٿا.

سائين سردار شاھ جو ڪتاب “من مسافر” سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد جو ڇپيل آهي، ڪرائون سائيز ۾ ڪتاب جي سونهن ٻٽي ٿي لڳي، پيپر انتهائي ڀلو، ريشمي اٿس ۽ ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر اسحاق سميجو جو لکيل آهي. مهاڳ لکيل ڏاڍو ڀلو اٿس. شاعري يا شاعر جي معاشقي ۾ مبتلا  لڳندڙ اسحاق سميجو صاحب سردار شاھ کي ڀٽائي ۽ ڪبير سان وڃي ملايو آهي (ٿي سگهي ٿو). بيڪ ٽائيٽل “عبد” جو لکيل اٿس، جيڪي مهاڳي ۽ بيڪ ٽائيٽل وارا مضمون پڙهڻ وٽان آهن. ڪتاب جي فهرست ۾ بجاءِ شاعريءَ جي عنوان مثال “غزل يا نظم” ڏجنس هان ته ڀلو هيو، پر ساڳيءَ ريت فهرست جي ٻئي صفحي تي گيت، نظم به ٽائيٽل يا ڀر ۾ ڏنگي ڏئي واضح ڪيا ويا آهن، ته هتي به غزل لکجن ها ته ڀلو هو.

شاعري ۾ لفظن ۽ ٻوليءَ جي بگاڙ به هجي، پر مذڪر موءنث نه ٿي وڃي يا موءنث مذڪر نه ٿئي. هاڻي ته شهري ۽ ٻهراڙي جي سنڌيءَ ۾ واضح لڪير اچي وئي آهي ته جيڪي شهري سنڌي ڳالهائيندا يا شاعري ۽ ادب لکندا انهن جي لکڻ ۾ به اها ئي ڳالھه نمايان هوندي ته اهي به مذڪر ۽ موءنث ۾ واضح فرق ڪري ويندا آهن، مثال: آواز اچي ٿي يا آواز اچي ٿو، دل وڏو ڪر يا دل وڏي ڪر، دل ڌڙڪي ٿو يا دل ڌڙڪي ٿي. سائين سردار شاھ جي غزل “اسان لئي سنڌ وطن آهي” به ساڳي ڳالھه ورجائي وئي آهي ته “بهشت سٺو آهي” يا بهشت سٺي آهي  جيئن “اها ئي بهشت منهنجي آ، اهو ئي باغ عدن آهي”. سرجڻهار به ٻين جي لاءِ اتساھ هجي ٿو ۽ ٻيا جيڪي به اسلوب، اسٽائيل ۽ طرحي شاعري به ڪاپي ڪري لکن ٿا يا خيالن جي Reengineering به ڪن ٿا، سي به پنهنجن Role Models جا پيرا کڻي ٿا هلن. مثال فلاڻي خان ته هيئن لکيو آهي، پوءِ جيڪڏهن مان به هيئن لکان ته ڇا ٿي پوندو. ان ڳالھه ۾ انگريزي ادب ۽ ٻولي يا خاص ڪمپيوٽر تي لکيل انگريزي ان ڳالھه جي تنبيھه ڪندي هلندي آهي يا ڪمپيوٽر ۽ موبائيل سافٽ ويئر به لفظن، لائينن ۽ پيراگرافن تي ڳاڙهي ۽ بلو لڪير هڻندا هلندا آهن ۽ ڪمپيوٽر ۽ موبائيل سافٽ ويئر جا Logarithm  ان ڳالھه جي نشاندهي ڪندا هلندا آهن ته جملو غلط آهي، مذڪر، موءنث، اسم يا ضمير جو خيال ڪندا هلندا آهن يا He ياShe  يا اسم حاضر، غائب يا متڪلم جي ڪري ”s“ لڳندي يا”es“  نه لڳندي. پر سنڌي ٻولي ۽ گرامر (جيڪي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل تي لکليا وڃن ٿا) ان ڳالھه کان في الحال آجا آهن. ”مسافر تون ڪٿي آهين“ ڏاڍو طويل نظم آهي، انتهائي شاندار نظم آهي، جو محبوب ان مسافر کي سڏي  ٿو، جو “پيا تو اب تو آجا” واري ڳالھه ٿي بيهي، نظم انتهائي جاندار آهي، جو پيو گنگنائجي، ڳائجي وڄائجي، نظم جو ترنم ڏاڍو لڀائيندڙ آهي، نظم جون ڪجھه سٽون لکجن ٿيون:

سوا تنهنجي اندر ڏيئڙا،

ٻَرن، پر ٻاٽ ڪن ڪيڏو.

ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪنهن ڪيفيت منجھه اندر جا اڌما ۽ ڏيئا اجهاڻا، اندر هيڪل وياڪل ۽ اندر ڪا اونداھ هوندي آهي، پر هتي شاعر جي ڪيفيت جڳ کان نرالي آهي جو محبوب جي اڻهوند جي ڪري به شاعر جي اندر جا ڏيئا ٻريل ۽ ٻاٽ ڪيو ويٺا آهن يا ٻاٽ اونداهي به ٿيندي آهي، پر هتي ٻاٽ به Positive معنائن ۾ اچي وئي آهي يا هڪ شديد صفت جيڪا لفظن کي واڌارو صفت يا صفت اضافي ڪري پيش ڪري ٿي، جيڪا هتي کڻيFit  بيهي به ٿي، پر لفظن جي صحيح ۽ ڀرپور استعمال شاعريءَ جي سونهن ۽ لفظن جي ديد وڌائي ٿو. نظم سمورو محبوب جي سِڪَ، ڇِڪ ۽ پاٻوھ کي لفظي چٽائي ۽ ڀيٽا ٿو ڏئي، جنهن مان شاعر جي شاعراڻي سگهه جهلڪي ٿي ۽ لڳي ٿو ته شاعر انتهائي پختو ۽ طويل نگاريءَ ۾ ماهر شاعر آهي.

صندل جي ڪاٺ وانگي پيو،

جليو جوڀن سڏي توکي.

پر هتي چوڻ جي ڳالھه اها آهي ته ڪاٺ رڳو صندل جو سڙندو آ، يا اردو وارو صندل آ، جيڪو دکي ٿو يا خوشبو جي معنائن ۾ ورتل آهي، ان ڪري دونهين ڪٿان به دُکي سگهي ٿي ۽ دونهون يا باھ ڪهڙو به ڪاٺ ٻاري سگهي ٿو. لفظن جي چونڊ وڏي معنيٰ ٿي رکي، رڳو امتزاج ۽ ميلاپ جي ڳالھه ڏسجي ته صحيح آهي، پر لفظن جي پنهنجي پنهنجي ڪائنات ٿئي ٿي. لفظ پنهجي اندر به پنهنجي وجودي معنيٰ ۽ مفهوم رکن ٿا، انهن لفظن جي حس ۽ هيئت به ڏسجي ته اهي ڪٿيFit  ۽Fix  ٿي سگهن ٿا، جيڪي معنائن ۾ پاڻ نه وڃائن يا پڙهندڙ ان کي پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب آهر سمجهي، ۽ سمجهي ٿو جيڪي سرجهڻار لکي ويو آهي، سو بهتر ناهي، پر هتي يا ڪٿي ڪٿي اهي مطلب ۽ مفهوم ڪجھه ٻيون معنائون يا ڌارائون به کڻي ٿا اچن.

وڪامن پيا وطن ۾ سي،

ندورا نيچ ناڻن تي.

ان ساڳي تناظر ۾ هي سٽون به ڀرپور آهن، جيڪي پڙهجن، ورجائجن ۽ دل سان ياد ڪجن:

رئيس وڏو، ڀوتار وڏو،

ڌرتيءَ تي آ بار وڏو،

چرڀيليءَ تان گذريو ناهي،

چورن جو چئو يار وڏو.

هتي اها ته رسم ۽ رواج ٿي پيو آهي ته جيڪي به صاحبِ اقتدار هجن ٿا، اهي وڪائو هجن ٿا، ان ڪري ته عوامي سياست ۽ پارلياماني سياست ٻه الڳ الڳ مفهوم ۽ معنائون آهن. جيڪي به عامَ جي سياست مان جڏهن مٿي ٿا وڃن ته اهي به خاص سياست ۾ رُنبجي ٿا وڃن، انهن وٽ پوءِ سياست رڳو مفاد پرستي ٿي ٿي وڃي، اهي عام ماڻهن کان ڪَٽيل ۽ ڌار ٿي ٿا وڃن، ڇو جو اهي، اهي ئي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سياست ڪرڻ کان اڳ يا اليڪشن کان اڳ عام ماڻهن ۾ جي وچ ۾ پيهي ويندا آهن، انهن سان رَلي مِلي ويندا آهن، پر جڏهن مقتدري ايندي اٿن ته اهي عام ماڻهن کان ڇڄي هلندا آهن. اهي هر صورت بازار جو سودو ۽ وکر آهن، جيڪي ندورا نيچ ناڻي تي وڪامجي ٿا وڃن.

هوائن تي هلي ڏس تون،

وڄن جي واڳ وٺ هٿ ۾،

گهٽائن تي گهمي ڏس  تون.

شاعر وٽ حوصلو وڏو آ، جو جبل جهاڳڻ جي صلاح به ڏئي ٿو، طوفانن سان منهن ڏيڻ جي به آس اٿس، وِڄُن جي واڳ هٿ ۾ کڻي هلڻ جي تمنا به ساري ٿو، هو گهٽائن تي گهمڻ جي همت به ڏئي ٿو، ڇو ته اهي سڀ همتون ڪنهن منزل جون راهي ۽ رهنمائي آهن، جو ماڻهو جڏهن اهي سڀ همتون ۽ طاقتون سمجهي ۽ ساري ٿو ته پوءِ پڪ سمجهو ته هو سڀ ڪم ڪري ويندو، جو “ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين” واري ڳالھه ٿي بيهي. هن شاعر وٽ به ڪي نوان جهان، نيون منزلون ۽ نوان حوصلا آهن، جيڪي ماڻهو جي سمجهي ته پوءِ منزل ماڻي سگهي ٿو.

نچي پيو سمنڊ ناچوءَ جئن، ۽ ڇڪي ڇير ڇولين جي،

ڪناري ڪير آيو آ، پرين يا پيار جيون جو.

هن شعر ۾ شاعر وٽ نيون معنائون ۽ پولار آهن، جو سمنڊ پاڻ مَحوِ رقص آهي، جي هن جي ڪناري تي لڳي ٿو ڪو محبوب صفت ماڻهو آيو آهي، جو ڇولين مستيءَ ۾ کڻي ڇير ٻڌي آهي، ان ڪري جو سمونڊ ڪناري ته ڪو جوڙو جيون جو پيار ماڻي پهتو آهي، ان ڪارڻ سمونڊ ۽ لهرون به خوشيءَ ۾ نچن ڪُڏن ٿيون، لهرن ۾ عجيب مستي ۽ موجون سمائجي ويون آهن، جو اهي منظر ۽ امتزاج ڏسڻ وٽان آهي، جو هڪڙيون لهرون ڪناري سان ٽڪرائي وري ٻيون رقص لاءِ تيار ٿي ٿيون وڃن.

آلا وار انگوري ول جئن، مون تي روز نپوڙي پنهنجا،

آڇي ڳاڙها ڳل ڪٽورا، پياريو پيار شرابن وانگي.

هتي بحث ان ڳالھه تي آهي ته انگوري وار ۽ زلف ڪيئن ٿيا، زلف زنجيرون ٿين، وارَ ونگ ٿين، زلف ڏنگين ڪا ناگڻ ٿي پون، پر وار هن دفعي انگوري ٿي پيا آهن يا شاعر Lexicography  ڪئي يا ڪي نيون معنائون کڻي لٿو آهي، يا نيڻ ڪٽورا ٿين ٿا، جن مان اڻ گهريو شراب پيئجي، مَئي جا خمار وٺجن، لب ۽ چپ ڪٽورا ٿي سگهن ٿا، جن مان امرت پيئجي يا هاڻي ڳل ڪٽورا به ٿي پيا آهن (يا ٿي سگهن ٿا) جيڪي مشروب ۽ مئي اوتي ڏئي سگهن ٿا، جيڪي محبوب کي مدهوش ڪري سگهن ٿا.

جهڙڦڙ جهڙڦڙ وڻ جي هيٺان، جوڀن رُت جا پيار ونڊيندي،

پن ڇڻڻ تي ڇرڪي پئي هئي، هنج ۾ ڪير حجابن وانگي.

ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آ ته رومانس ۽ پريت آهي ئي ڳوٺاڻي، جو ڪنهن وڻ هيٺان، ڪنهن ندي ڪناري، باغ ۾ ويٺي، وِلھه ۾ اوتار ڪري، وهندڙ پاڻيءَ سان کيڏَ ڪري، چنڊ جي چانڊوڪين سان ڳالهيون ڪري، چانڊوڪين جي چادرين ۾ ويڙهيل وڇايل زمين تي ويهي يا ساوڪ جي مٿان پير پٿاري محبوب جو انتظار ئي ڪري سگهجي ٿو، باقي مڙئي خير آ، پر اهيTrends رڳو ايشيائي شاعري ۾ ججها آهن، باقي ٻين شاعرين ۾ ورلي ڪي هوندا. ٻي سٽ ۾ محبوب وري نيوٽن ٿي پيو آهي، جو پن ڇڻ تي ڇرڪي ٿو جو صوف ڪريو ته نيوٽن به جاڳي پيو، پر سٽ ڏاڍي ڀرپور آ،Rhythmical  ۽ انتهائي زبردست جو ويٺي جهونگارجي.

اسان کي ڏيو اکيون پنهنجون، اسان ڄاڻون اکيون ڄاڻن،

ڪڏهن روئون ڪڏهن روليون، اسان ڄاڻون اکيون ڄاڻن.

محبت مُڙڻ موٽڻ، نه مهڻو آ نه مهڻو هو،

وڌون ۽ پوءِ واپس ٿيون، اسان ڄاڻون اکيون ڄاڻن.

شاعر ڏاڍو پختو آ، لفظن کي رقص ٿو ڪرائي، لفظ پنهنجي منهن نچن ٿا، ڪُڏن ٿا، پڙهندڙ به سَرهو ٿي ٿو پئي، جو لفظن ۾ نواڻ ۽ تازگي ڏاڍي آهي، شاعر جي التجا به ساراهڻ جوڳي آهي، جنهن ۾ محبوب کان محبت ۾ اکيون گهري ٿو وٺي، ته بس نيڻ نذر ڪر، پوءِ اسان جي مرضي جيئن وڻي تيئن ڪيون.

اڱڻ ۾ هوءَ ستي هئي يا ستي هئي چاندني کٽ تي،

هٽائي بادلن جو رئو، لياڪا چنڊ پاتا پئي.

هي سٽون ساڳي غزل جون آهن:

سنواريا تو جڏهن بيٺي، انگوري وار آلا جيئن،

ڏٺو مون آرسيءَ ۾ جو، لياڪا چنڊ پاتا پئي.

ڊگهن ڪافين جي ڪري ”جيئن لياڪا چنڊ پاتا پئي“ ڪنهن وائيءَ جي وراڻ ٿي لڳي، پر اهو خيال غزل جي صورت ڏنل آهي. ڪٿي ڪٿي لفظ منجهائن ٿا يا استعارن ۽ ترڪيبن ۾ لفظ ٻيون معنائون کڻي ٿا اچن، مثال چانڊوڪي سُتي پئي آهي يا لفظ چنڊ جي معنيٰ يا وراڻ پوري ڪرڻ جي لاءِ شاعر چانڊوڪي پهرين ڏني آهي تهPair Words  يا لفظي جوڙ ٺاهي سگهجي. هتي هڪڙي تعريف به ڪجي ته بادلن جو رئو هٽائي چنڊ لياڪا (ليئا ٿو پائي) جيڪو لفظن جو امتزاج انتهائي موهيندڙ لڳو، ڄڻ اهو لقاءُ پڙهندڙن جي سامهون پيو هلي، ته واقعي چنڊ به رئو پائي ڏور گگن مان ليئا ٿو پائي، ته ڪا سونهن سُتي پئي آهي، جيڪا کٽ تي اڪيلي آهي ۽ چنڊ ئي کيس ڏسي سگهي. ”اي چنڊ گهمي ڏس تون هوءَ ڪٿي ستل آهي“. منظر ڪشيون به موسمي ٿين ٿيون جو سياري جي رومانوري راتين ۾ چنڊ کي ڪير التجا نٿو ڪري، يا ڳوٺاڻي پسمنظر ۽ پيش منظر اڃان به چنڊ ۽ چانڊوڪي جي منظرن جا محتاج رهن ٿا، ته اهي شاعرين جي سونهن آهن، ڇو جو شاعريون چنڊ ۽ چانڊوڪين کان بنا ڪجھه به ناهن.

جڏهن هٿ رکي ڇيڙيا، هزارين سُر حياتيءَ جا،

اڃان تائين وڃي ٿي پئي، جڏهن کان تو وڄائي دل.

دل وڄائڻ منفي معنائن ۾ ٿو اچي، “جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي” يا دل وڄائڻ به ڪو Positive  ناهي، ان ڪري ته اهو جملو ائين به آهي ته “يار صفا وڄائي ڇڏيئي” پر شاعري ۾ اهڙا مفهوم کڻجن يا چونڊ ڪجي جيڪيNegative  نه هجن يا رومانس باقي هجي يا ٿي سگهي ٿو ته شاعر به ان کي Positive  ورتو هجي. ”دور ڪُتا اوناڻيون ڪن ٿا“، بگهڙ اوناڙ ڪندو آهي، ڪتو ڀونڪ ڪندو آ، يا ڪٿي ”کليل تنهنجون چڳون چمندس، ڪنگڻ ٿيندس ڪرائيءَ جو، پيو تنهنجون رڳون چمندس“، اهو ائين آهي ته ”ڪاش تيرا ڪنگن هوتا“، خيالReengineering  به ڪري سگهجن ٿا، پر هتي شاعر جي اها حس ڏاڍي پختي آهي، ته هو لفظن جا سٽاءَ ڀرپور ٿو رکي، رومانس ۽ سڪيسزم ۾ شاعري جا نوان مفهوم به ڏئي ٿو.

“پاڻي پاڻي” ڪالھه ڪيوسين،

پاڻي پاڻي اڄ به ڪيون پيا،

سُڪندي سُڪندي ڪالهھ ٻڏاسون،

ٻڏندي ٻڏندي هيل سُڪون پيا!

اڄڪلھه جي حالتن جي پسمنظر ۾ هي نظم ڏاڍو ڀرپور لڳو، ان ڪري ته پنجاب پاڻي جي ٻيائي سنڌو جو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي، ماڻهو جيڪي پاڻي جي سهاري يا جيڪي درياءَ جي ڪناري ان آسري رهيا پيا آهن ته انهن جو گذر سفر مڇي يا مال متاع تي ٿيندو جو انهن جو مال ساون ميدانن تي گاھ چري ايندو ته اهي مارو ماڻهو به جيئندا ۽ مڇيون جي پاڻي وهڻ سان تري اينديون ته هي ماڻهو به زندگي جي وٺندا، ان ڪري دريائي پاڻي زندگي جو اهڃاڻ آهي، پر ارسا جي پاليسين تي پنجاب عمل نه ٿو ڪري، ۽ پٺي ڏئي بيٺو آهي، جنهن جي ڪري زندگي سُڪي ۽ ڏکي ٿي پئي آهي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ زندگي انهن علائقن مان موڪلائي هلي وئي آهي، جتي ماڻهو ڪنهن دور ۾ سُکيا ستابا ۽ خوشحال هوندا هيا، پر هاڻي اتي زندگي ناهي، شاعر به ساڳي فناما چٽي آهي.

گنگا جمنا جي پاڻيءَ سان

نڀايو ڪو نه تو ناتو،

سنڌوءَ جي جل تي جيئندي،

سنڌوءَ سان وير تو لاتو.

 هي نظم ايم ڪيو ايم جي جواب ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ اهي ڌرتي جا دروهي ورهائڻ جي چڪر ۾ آهن، (هي نظم سائين سردار شاھ اسيمبلي ۾ به جهونگاري چڪو آهي) جيڪو انتهائي جذباتي ۽ شاندار آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي.

شاعر جي دماغ ۾ اهڙا پختا خيال آهن، جيڪي پڙهي دل خوش ٿي ٿئي ته شاعر وٽ واقعي اهڙي شاعري آهي، جيڪا سانڍجي ۽ پئي پڙهجي، ان ڪري شاعر وٽ ديس جو پيار ۽ پاٻوھ به بي انتها آهي، هو پرديس ۾ به پنهنجي ديس کي ساري ٿو، جيڪا ڳالھه ساراهجي. بهرحال شاعر جي شاعري انتهائي پُر رِڌَم ۽ پرسوز به آهي، پختي شاعري ۽ شاعراڻن گهاڙيٽن ۾ انتهائي پوري، وزنن بحرن جي مطابق اهڙي شاعري جيڪا ويهي پڙهجي ۽ جهونگارجي. بهرحال سائين سردار شاھ مان اهڙي ئي اميد آهي ته هو اڃان به وڌيڪ بهترين شاعري ڏيندو رهندو، ۽ پڙهندڙ ائين محظوظ ٿيندا رهندا، آخر ۾ سائين الطاف لغاري جي وڏي مهرباني جيڪو اهڙا ڪتاب پڙهائيندو رهي ٿو.

***