مرينا ستئويا عالمي شاعريءَ جي دنيا ۾ نرالو نانءُ آهي. ھوءَ روس جي بيحد اثرائتين شاعرائن مان هڪ ھئي، جنهن جي شاعري جذباتي شدت، وڇوڙي، وطن جي جدائي ۽ اندروني ڇڪتاڻ سان ڀرپور آهي. سندس زندگي به ھن جي شاعريءَ جيان ڏک سان ڀريل رهي. هوءَ نه رڳو پنهنجي دور جو آواز هئي، پر ايندڙ نسلن لاءِ به تخليق، خود مختياري ۽ عورت جي داخلي دنيا جو استعارو بڻجي وئي.
مرينا 8 آڪٽوبر 1892ع تي ماسڪو ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ ايوان ستئويا، ماسڪو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ۽ آرٽ ميوزيم جو باني هو، جڏهن ته ماءُ موسيقي جي ماهر هئي. ماءُ جي وفات کانپوءِ مرينا جوانيءَ جا سال يورپ ۾ گذاريا ۽ فرانس جي سوربون يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ايئن ھُوءَ ننڍپڻ کان ئي ادب، شاعري ۽ فنون لطيفه ڏانهن مائل هئي ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي تخليقي اظهار ڪرڻ لڳي. سندس پهريون شاعراڻو مجموعو “سانجهيءَ جو البم”(Evening Album) 1910ع ۾ ڇپيو، جيڪو علامتي شاعرن والري بريوسوف ۽ نڪولائي گميليوف وٽان داد وٺڻ لڳو. سندس شاعراڻو انداز رواجي شاعريءَ کان بلڪل مختلف هو يعني مختصر جملا، ٽٽل لئه، اندروني ڇڪتاڻ ۽ جذباتي شدت سان ڀريل اظهار ھو. هوءَ عشق، عورت جي سڃاڻپ، ديس جي ياد ۽ انساني اھنجن ۽ ڏُکن کي شاعراڻي ۽ وجودياتي انداز سان بيان ڪندي هئي.
1912ع ۾ مرينا، سيرجي ايفرون سان شادي ڪئي، جيڪو روس جي وائٽ آرمي جو آفيسر هو. هنن کي ٽي ٻار ٿيا. روسي انقلاب ۽ خانگي جنگ دوران هوءَ انتهائي ڏکين حالتن مان گذري. غربت سبب هن پنهنجون نياڻيون يتيم خاني ۾ رکيون، جتي سندس ننڍڙي ڌيءَ ارينا(Irina) فوت ٿي وئي. هن واقعي سندس دل ۽ شاعريءَ تي تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ سندس دل تي هميشه بار بڻجي رهيو.
1922ع کان هوءَ روس ڇڏي برلن، پراگ ۽ آخرڪار پيرس منتقل ٿي. جلاوطنيءَ جا سال غربت، اڪيلائپ، قومي سڃاڻپ جي بحران سان ڀريل هئا. باوجود ان جي، سندس شاعريءَ ۾ روس جي محبت ۽ انقلابي تبديليءَ جا عڪس نمايان رهيا. سندس مشهور ڪتاب “روس کانپوءِ” (After Russia, 1928) پيرس مان ڇپيو، جيڪو هن جي بالغ ۽ پختي شاعراڻي سوچ جو نمونو آهي.
سندس ٻيا اھم ڪتاب ھيءُ آهن:
“جادوئي ڏيئو” (The Magic Lantern, 1912)
”جدائي” (Separation/Razluka, 1922)
”ھٿ جو ھنر” (Craft/Remeslo, 1923)
”ھنجن جي خيمي گاھ”(The Swans’ Encampment/Lebediny Stan, 1917-21)
”پٽا پٽي بين باز” (The Pied Piper / Krysolov, 1925)
“هڪ ڪمري جي ڪوشش” (Attempt at a Room, 1930)
1939ع ۾ مرينا سوويت يونين واپس موٽي آئي، پر کيس هن ملڪ ۾ نه ته ڪو به آڌر ڀاءُ مليو ۽ نه ئي فڪري آزادي. سندس مڙس کي گرفتار ڪري 1941ع ۾ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌيءَ به قيد ٿي. پاڻ تنگدستي، سياسي دٻاءُ ۽ ادبي خاموشيءَ جو شڪار رهي. 31 آگسٽ 1941ع تي مارينا روس جي شهر يلابوگا ۾ خودڪشي ڪري پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.
مرِينا ستئويا جي شاعري تخليقي آزادي، جذباتي شدت ۽ عورت جي داخلي جنگ جو اظهار آهي. هوءَ لفظن کي موسيقي بڻائي پيش ڪندي هئي. سندس شاعريءَ جا موضوع عشق، وڇوڙو، قرباني، جلاوطني ۽ داخلي ڇڪتاڻ تي ٻڌل هئا. سندس لکڻين ۾ هڪ بي باڪ، روحاني ۽ ڪڏهن ڪڏهن انتها تي پھتل سچائي موجود آهي، جيڪا پڙهندڙ کي وڪوڙي ٿي. سندس شاعراڻي قدرن کي سندس حياتيءَ دوران گهڻي مڃتا نه ملي، پر بعد ۾ جوزف بروڊسڪي، ائنا اخماتووا، ۽ بوريس پاسترناڪ جهڙن شاعرن هن کي جديد روسي شاعريءَ جي عظيم آواز طور تسليم ڪيو. سندس شاعريءَ جا ترجما دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿيا. اڄ سندس ماسڪو وارو گهر ميوزيم بڻجي چڪو آهي، جتي سندس يادگيريون محفوظ ڪيون ويون آهن.
مرينا سَتئويا رڳو شاعرہ نه ھئي، پر هڪ دور جي داخلي صدائن جو آواز هئي. سندس شاعري، وقت جي قيد کان آزاد، اڄ به پڙهندڙن جي دلين ۾ اُهو ئي اثر ڇڏي ٿي، جيڪو هڪ صدي اڳ سندس لکندڙن لاءِ هوندو هو.