پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن تي اسلام آباد جي هڪ مصروف علائقي ۾ جڏهن هو هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيئي واپس پنهنجي گاڏيءَ طرف وڃي رهيو هو ته سندس مٿان چئن کدڙن حملو ڪيو. حملو پرتشدد هو، ان ۾ بليڊ يا چاقوءَ جو استعمال ٿيو، جنهن جي استعمال سان رئوف حسن جي منهن تي زخم آيو ۽ کيس اسپتال ۾ آندو ويو، جتي سندس زخم کي 12 ٽانڪا هنيا ويا ۽ پوءِ کيس گهر موڪليو ويو.
انتهائي افسوس ناڪ خبر آهي. ان کان وڌيڪ افسوسناڪ اهو آهي ته اهو حملو کدڙن ڪيو آهي. پوري ننڍي کنڊ ۾ خاص طور تي پاڪستان ۾ کدڙي فقيرن سان متڀيد وارو رويو رکيو وڃي ٿو، انهن کي انسان نٿو سمجهيو وڃي، کانئن نفرت ڪئي ٿي وڃي، سندن پيشو ڳائڻ وڄائڻ، پنڻ ۽ هاڻي سيڪس ورڪر طور استعمال ٿيڻ رهيو آهي. چوڻ جو مطلب ته کدڙا اسان جي معاشري جو انتهائي مظلوم طبقو آهي. ساڃاهه وند ڪوشش ته ڪري رهيا آهن ته انهن کي به ٻين انسانن وانگر سمجهيو وڃي ۽ کين سماجي حقن ۾ برابري ملڻ کپي، پر ان ۾ اڃان ڪافي وقت لڳندو. سماج جو هي طبقو انتهائي پرامن سمجهيو ويندو آهي، ڪڏهن به کدڙن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪيو آهي ته زباني ڪلامي، پر هنن سان پرتشدد ڪارروائيون ٿينديون رهيون آهن ايستائين جو ڪيترائي کدڙا اهڙين ڪارروائين ۾ پنهنجون جانيون به وڃائي چڪا آهن، پر هاڻي شايد هنن جي طبقي ۾ به ڪجهه فرد پرتشدد ٿيا آهن. اهڙو اظهار پنجاب ۾ گذريل ٻن هفتن کان نظر اچي رهيو آهي. هڪ ته جڏهن هنن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو جتي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پوليس جي سپاهين کي مارڪٽ پڻ ڪئي، ان جو ٺاهه ٿي ويو ۽ کدڙن معافي ورتي، پر هي واقعو جنهن ۾ ترجمان پي ٽي آءِ رئوف حسن تي سوچيل سمجهيل حملو محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ ظاهري طور تي کدڙن جي روپ ۾ چئن ماڻهن کيس زخمي ڪيو. اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن پهرين به کدڙن جي هڪ ٽولي رئوف حسن سان جهيڙو ڪيو هو. پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته اهي چار ماڻهو کدڙن جي روپ ۾ آيا هئا، پر بنيادي طور تي کدڙا نه هئا. هاڻي اها خبر ته تڏهن پوندي جڏهن پوليس ايمانداريءَ سان تفتيش ڪندي ته اهي ڪير هئا ۽ انهن هڪ وڏي عمر جي ماڻهوءَ تي جيڪو هٿين خالي هو حملو ڇو ڪيو. انهيءَ حملي جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي، پر اچرج جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد به هن وقت غير محفوظ شهر بڻجي چڪو آهي، جتي ڏينهن ڏٺي جو سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي سامهون حملا ٿي رهيا آهن ۽ حملا ڪندڙ قانون جي پڪڙ کان ٻاهر آهن. اسان جو مطالبو آهي ته هن واقعي ۾ ايئن ٿيڻ نه گهرجي جو ڏوهاري قانون جي پڪڙ ۾ نه اچن، انهن چئن ڏوهارين کي هڪدم قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ته جيئن ٻين ماڻهن کي حملي ڪرڻ جي يا تشدد ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي.
جيڪڏهن پوليس چاهي ته 24 ڪلاڪن اندر اهي ڏوهاري گرفتار ٿي سگهن ٿا. ڇو ته نه صرف واقعي واري هنڌ سي سي ٽي وي ڪئمرائون موجود هيون جن ۾ حملي جي رڪارڊنگ محفوظ ٿي چڪي آهي، پر انهيءَ سان گڏ ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ پڻ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن جن جا فوٽيجز حاصل ڪري نادرا جي ذريعي انهن ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي، شرط اهو آهي ته پوليس اهو ڪرڻ چاهي! اهو واقعو اسان جي پوري سماج جي بدصورت تصوير آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو تشدد تي لهي آيو آهي، ايستائين جو هڪ مظلوم طبقو جيڪو هن وقت کان پهرين ڪڏهن به اهڙن واقعن ۾ ملوث نه هو، اهو به پرتشدد ٿي رهيو آهي، آخر اسان جو سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، انهن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو ۽ ڪير تلاش ڪندو؟ شايد اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اسان جي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه رهي آهي ۽ ڪورٽن کان انصاف جي گهر ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن هن وقت شين کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نه رکيو ويو ته پوءِ اسان کي هر جڳهه تي اهڙي قسم جا دنگا فساد نظر ايندا.