ڪجھ مھينا اڳ ماتلي ڀرسان ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻي جي حد ۾ ننڍي عمر جي نياڻي سان شادي ڪندڙ شخص کي پوليس گھوٽ واري پوزيشن ۾ ڇاپو ھڻي موڙ لاھي، گرفتار ڪيو ۽ نياڻي جو پيءُ به ان سان گڏ گرفتار ٿيو، جن کي پوليس ٽنڊو محمد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت گھوٽ ۽ ڪنوار جي پيءُ کي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ نياڻي کي معصوم ۽ شادي جي مفھوم کان بيخبر قرار ڏئي کيس سندس ماءُ سان گھر موڪلي ڇڏيو ھو، پوليس اطلاع ملندي، ليڊيز پوليس سان گڏ قانون لاڳو ڪيو ۽ شادي کي روڪي ڇڏيو ۽ نياڻي کي رخصتي کان اڳ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ان کي بچائي ورتو، نڪاح پڙھائيندڙ ۽ نڪاح جا شاھد واردات واري جاءِ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪڏهن اھي به جوابدار ھئا جيڪي گرفتار ٿي سگھيا ٿي، نياڻي جو پيءُ رڙيون ڪندو رھيو ۽ چوندو رھيو ته ڇوڪري 12 -13 سالن جي آھي، اسان پنھنجا پاڻ ۾ آھيون نياڻي جو بار لاھڻ لاءِ ان جي شادي ڪئي ته ڪو گناھ ڪونه ڪيو، منھنجي نياڻي اھا ڪنھن کي به پرڻائي ڏيان ان ۾ ٻي ڪنھن جو ڇا وڃي؟ اھڙا جملا بيشمار جاين تي اڳ به اھڙين شادين جي موقعن تي پيئرن جي واتان ٻڌا ويا آھن ۽ حيرانگي ٿي آھي ته اسان وٽ اڃان ان حد تائين جھالت وارا رواج موجود آھن ۽ ماڻھن کي بنيادي قانونن جي به خبر ناھي، جڏھن ته ڳوٺن ۾ پڙھيا لکيا نوجوان به موجود آھن، انھن مان ڪنھن به نه گھوٽ کي، نه نياڻي جي پيءُ کي ۽ نه ئي وري نڪاح پڙھائيندڙ کي ٻڌايو ته 18 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي شادي غير قانوني ۽ سزا جوڳو جرم قرار ڏنل آھي، اھو ئي سبب آھي جو پيءُ چئي رھيو آھي ته نياڻي جي شادي ڪئي آھي ڪو جرم نه ڪيو آھي، پوليس جي ھن طرح ڇاپي جي ڪارروائي کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ان ڇاپي سان پوري علائقي ۾ ھاڻ سڀني کي پتو پئجي وڃڻ کپي ته 18 سالن جي عمر کان گھٽ عمر ۾ ڪنھن به ٻار جي شادي اھڙو جرم آھي جيڪو ٿيندي پوليس بغير ڪنھن وارنٽ جي ڇاپو ھڻي ننڍي عمر جي ٻارن کي شادي جي ان عمل کان بچائي سگھي ٿي، جيڪڏهن گھوٽ 18 سالن کان وڏي عمر جو آھي ته ان کي ۽ نياڻي جي پيءُ سان گڏ نڪاح خوان ۽ نڪاح جي شاھدن کي به گرفتار ڪري سگھجي ٿو، ڪٿي ڪٿي ته ڄاڃي به گرفتارين ھيٺ آيا آھن، ھن معاملي ۾ نياڻي جي عمر جو فيصلو عدالت کي قانوني طريقيڪار سان ڪرڻو آھي، پر پوليس پنھنجو بھتر فرض نڀائي ھڪ سٺو پيغام عام ڪيو ھو، جنھن تي ٽنڊو غلام حيدر جي ان وقت جي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي ۽ ٽنڊو محمد خان جي ان وقت جي ايس پي کي جس ھجي، جن قانون کي لاڳو ڪرڻ وارو فرض نڀايو ۽ جھالت جي خلاف علم جي روشني کي به ڦھلايو آھـي.