بلاگنئون

ننڍي عمر ۾ نياڻين جي شادين جا سبب، نقصان ۽ سزائن جا قانون

ڪجھ مھينا اڳ ماتلي ڀرسان ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻي جي حد ۾ ننڍي عمر جي نياڻي سان شادي ڪندڙ شخص کي پوليس گھوٽ واري پوزيشن ۾ ڇاپو ھڻي موڙ لاھي، گرفتار ڪيو ۽ نياڻي جو پيءُ به ان سان گڏ گرفتار ٿيو، جن کي پوليس ٽنڊو محمد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت گھوٽ ۽ ڪنوار جي پيءُ کي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ نياڻي کي معصوم ۽ شادي جي مفھوم کان بيخبر قرار ڏئي کيس سندس ماءُ سان گھر موڪلي ڇڏيو ھو، پوليس اطلاع ملندي، ليڊيز پوليس سان گڏ قانون لاڳو ڪيو ۽ شادي کي روڪي ڇڏيو ۽ نياڻي کي رخصتي کان اڳ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ان کي بچائي ورتو، نڪاح پڙھائيندڙ ۽ نڪاح جا شاھد واردات واري جاءِ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪڏهن اھي به جوابدار ھئا جيڪي گرفتار ٿي سگھيا ٿي، نياڻي جو پيءُ رڙيون ڪندو رھيو ۽ چوندو رھيو ته ڇوڪري 12 -13 سالن جي آھي، اسان پنھنجا پاڻ ۾ آھيون نياڻي جو بار لاھڻ لاءِ ان جي شادي ڪئي ته ڪو گناھ ڪونه ڪيو، منھنجي نياڻي اھا ڪنھن کي به پرڻائي ڏيان ان ۾ ٻي ڪنھن جو ڇا وڃي؟ اھڙا جملا بيشمار جاين تي اڳ به اھڙين شادين جي موقعن تي پيئرن جي واتان ٻڌا ويا آھن ۽ حيرانگي ٿي آھي ته اسان وٽ اڃان ان حد تائين جھالت وارا رواج موجود آھن ۽ ماڻھن کي بنيادي قانونن جي به خبر ناھي، جڏھن ته ڳوٺن ۾ پڙھيا لکيا نوجوان به موجود آھن، انھن مان ڪنھن به نه گھوٽ کي، نه نياڻي جي پيءُ کي ۽ نه ئي وري نڪاح پڙھائيندڙ کي ٻڌايو ته 18 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي شادي غير قانوني ۽ سزا جوڳو جرم قرار ڏنل آھي، اھو ئي سبب آھي جو پيءُ چئي رھيو آھي ته نياڻي جي شادي ڪئي آھي ڪو جرم نه ڪيو آھي، پوليس جي ھن طرح ڇاپي جي ڪارروائي کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ان ڇاپي سان پوري علائقي ۾ ھاڻ سڀني کي پتو پئجي وڃڻ کپي ته 18 سالن جي عمر کان گھٽ عمر ۾ ڪنھن به ٻار جي شادي اھڙو جرم آھي جيڪو ٿيندي پوليس بغير ڪنھن وارنٽ جي ڇاپو ھڻي ننڍي عمر جي ٻارن کي شادي جي ان عمل کان بچائي سگھي ٿي، جيڪڏهن گھوٽ 18 سالن کان وڏي عمر جو آھي ته ان کي ۽ نياڻي جي پيءُ سان گڏ نڪاح خوان ۽ نڪاح جي شاھدن کي به گرفتار ڪري سگھجي ٿو، ڪٿي ڪٿي ته ڄاڃي به گرفتارين ھيٺ آيا آھن، ھن معاملي ۾ نياڻي جي عمر جو فيصلو عدالت کي قانوني طريقيڪار سان ڪرڻو آھي، پر پوليس پنھنجو بھتر فرض نڀائي ھڪ سٺو پيغام عام ڪيو ھو، جنھن تي ٽنڊو غلام حيدر جي ان وقت جي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي ۽ ٽنڊو محمد خان جي ان وقت جي ايس پي کي جس ھجي، جن قانون کي لاڳو ڪرڻ وارو فرض نڀايو ۽ جھالت جي خلاف علم جي روشني کي به ڦھلايو آھـي.
نياڻين کي ننڍين عمرين ۾ پرڻائڻ جا سبب: نياڻين کي ننڍين عمرين ۾ پرڻائڻ جي سببن ۾ ڪيترائي سبب شامل آھن، جن مان ڪجھ نمايان سببن جو ھتي ذڪر ڪجي:
(1) نياڻين کي تعليم ڏياري انھن کي اعليٰ رتبن تي رسائڻ واري سوچ ته تمام وڏي آھي، جنھن تي سنڌ ۾ 10 سيڪڙو ماڻھو به عمل نٿا ڪن عام اڻ پڙھيا ماڻھو ته نياڻين کي پڙھائڻ ئي نه ٿا چاھين، ان جا به ڪيئي سبب آھن، جڏھن نياڻي پڙھي سگھڙ نه ٿي بڻجي، تڏھن ان کي رشتا به سٺا نٿا ملن، ان ئي صورت ۾ نياڻيءَ کي بار سمجھي جلدي لاھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، نياڻين کي پرائي گھر جو مھمان يا امانت به سمجھيو وڃي ٿو، ان ڪري ان تي ڪو اضافي خرچ به نه ٿو ڪيو، ان ڪري نياڻين جا رشتا انھن جي عمرين وڌڻ ۽ رشتا نه ملڻ جي خوف کان انھن جي عمرين جي پرواھ کان سواءِ ڪيا وڃن ٿا، ڪجھ خاندانن ۾ نياڻي جي ڄمڻ واري ڏينھن کان ئي اھا پريشاني شروع ٿي وڃي ٿي، برادرين اندر ته گھرن ۾ پيٽ به طئي ٿي ويندا آھي، ڳالھين ڳالھين ۾ طئي ٿي ويندو آھي ته نياڻي ڄائي ته تنھنجي، يا منھنجي پُٽ جي عمر ڀلي ڪيتري به ھجي، خانداني نظام ۾ خاندان کان ٻاھر نياڻي ڏيڻ جو رواج وڌيو ناھي، ٻن ڀائرن يا سئوٽن وچ ۾ رشتيدارين کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ لاءِ به نياڻي جو ساڳئي خاندان ۾ شاديون ٿين ٿيون، ان ڪري اتي به عمرين جي قاعدن جي پرواھ نه ٿي ٿئي.
(2) لالچي والدين خاص طور تي پيءُ بک، بدحالي ۽ بي حيائي ۾ نياڻين کي وڪرو به ڪري ڇڏيندا آھن، جيڪو به سٺا پئسا آفر ڪندو آھي نياڻي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ان کي ڏني ويندي آھي يا پيءُ ٻي شادي لاءِ پنھنجي نياڻي بدي ۾ ڏيئي ڇڏيندو آھي، يا سڱ چٽي طور ادا ڪندو آھي. اھڙين حالتن ۾ به نياڻين جي عمرين ۽ معصوميتن جي پرواھ نه ڪئي ويندي آھي ۽ انھن کي تڪڙ ۾ پرڻايو ويندو آھي، دير ئي نه ڪئي ويندي آھي، ايئن لڳندو آھي نياڻي ڪو انسان نه جھڙوڪر ڪا ٻڪري ھجي، جڏھن به پئسن جي ضرورت پوي ته ان جو سودو ڪجي.
(3) مذھبي عنصر به وڏي حد تائين ڪار فرما رھي ٿو، جنھن جي غلط رخن واري تعليم جو اثر وٺندي والدين نياڻين کي جسماني طور تي بالغ ٿيندي ئي ان جو بار لاھي ڇڏڻ طرف سوچيندا آھن ۽ ان معاملي ۾ دير کي گناھ تصور ڪندا آھن، ان وقت به نياڻين جي عمرين جي قانوني قاعدي جو خيال نه ڪيو ويندو آھي، انھن کي پرڻائي بار لاٿو ويندو آھي، عمرين جا قانوني قاعدا ميڊيڪل سائنس سان به تعلق رکن ٿا، جيڪو علم ٻڌائي ٿو ته ننڍي عمر جي شادي جا ڪھڙا نقصان آھن.
(4) ڪافي خاندانن ۾ صدين کان جاري روايتن مطابق نياڻين کي شادي جي حق کان ان ڪري محروم رکيو ويندو رھيو آھي جو انھن جي شادين جي صورت ۾ ابن ڏاڏن جي ڇڏيل ملڪيت امڪاني طور تي ورھائجي سگھجي ٿي. ان ڪري نياڻين جا حق بخشرائڻ ۽ انھن جون قرآن سان شاديون ڪري ڇڏڻ جون روايتون پيل آھن، اھڙن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ نياڻين کي شروع کان ئي اھڙي تربيت ڏني ويندي آھي، جنھن ۾ نياڻين جو ذھن ٺھي ويندو آھي، اھي سمجھي وينديون آھن ته ھنن جي شادي ڪڏھن به نه ٿيندي ان ڪري اھي شروع کان ئي اھڙين مصروفيتن ۾ لڳي وينديون آھن جو ان حوالي سان فطرت انھن تي غالب نه اچي، اھڙن خاندانن مان نياڻين جي نڪرڻ جا مسئلا به ٿيا آھن، مگر انھن جو پيمانو ايترو وڏو نه آھي، انھن سڀني معاملن تي قانون ۾ سزائون به طئي ٿي ويون آھن، پر ان باوجود وايوليشن جاري آھي. ھاڻ نياڻين جون شاديون نه ڪرائڻ يا انھن جون قرآن سان شاديون ڪرائڻ به ڏوھ قرار ڏنل آھي، جنھن تي به سزائن جا قلم لاڳو آھن. سزائن واري قانون ۾ نيون ترميمون شامل ڪيل آھن. پي پي سي جي سيڪشن 498 سي مطابق ڪنھن عورت کي شادي جي حق کان محروم ڪرڻ ٻين معنائن ۾ ان کي قرآن سان پرڻائڻ واري پيءُ ماءُ ڀاءُ يا ڪنھن ٻئي وارث کي 7 سالن تائين سزا ملي سگھي ٿي جيڪا 3 سالن گھٽ نه ھوندي پنج لک رپين تائين ڏنڊ به لڳي سگھي ٿو. قرآن سان شادي جو مفھوم قانون ۾ اھو آھي ته ڪنھن عورت کي قرآن جو قسم کڻائي پابند ڪرڻ ته ھوءَ پوري عمر شادي نه ڪندي، پنھنجي وراثت جي حصي جي دعويٰ نه ڪندي، ان مقصد ۽ نيت کي قرآن سان شادي سمجھيو ويندو، سيڪشن 498 اي عورت کي وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ بابت آھي، جنھن خلاف 10 سالن تائين سزا ٿي سگھي ٿي، پر اھا سزا پنجن سالن کان گھٽ نه ھوندي، ڏھن لکن تائين ڏنڊ جي سزا به ٿي سگھي ٿي. 498 بي وري زوري يا جبري شادي جي خلاف سيڪشن آھي جنھن ۾ 7 سالن تائين سزا ٿي سگھي ٿي، 3 سالن کان گھٽ سزا نه ھوندي ۽ 5 لکن تائين ڏنڊ جي به سزا ٿي سگھي ٿي. ھي ترميمون 2017ع جون آھن.
(5) نياڻيون وڪرو ڪرڻ جو رواج سنڌ جي بيشمار برادرين ۾ صدين جي روايت رھندي اچي، پڙھي لکي سوسائٽي ان کي پوري طرح رد نه ڪري سگھي آھي، ڪٿي ڪٿي ته اھا رسم برادرين ۾ ايتري حاوي آھي جو نياڻين جي شادين کانپوءِ مرد ھوٽلن تي ويھي نياڻين جي اگھن تي تبصرا به ڪندا آھن. چوندا آھن ته “ڇوري سٺا پئسا ڪيا” يا “ڇوري پئسا ئي نه ڪيا” ڪي والدين اھڙن جنجھٽن مان نڪري چڪا آھن ۽ ڪي برادرين جو خيال رکندي ظاھري طور تي انھن رسمن جو اڃان به حصو آھن. نياڻين جي سٺن پئسن تي فخر ڪيو ويندو آھي، ان ڪري ڪجھ والدين زباني خرچ تي وڏي ڳالھ ڪري نياڻين جي پنھنجي ليکي وڏي عزت پيا ڪرائيندا آھن، اھو به وڏو سبب آھي نياڻين کي جلدي کپائڻ ۽ پرڻائڻ جو جنھن ۾ انھن جي عمرين جو ڪوبه لحاظ نه ڪيو ويندو آھي. ايئن ٻيا به کوڙ سارا سبب آھن نياڻين جي ننڍين عمرين ۾ شادين جا، ھندن ۾ نياڻين کي شادين جي موقعي تي پيءُ پنھنجي پراپرٽي مان حصو ڏئي ڇڏيندا آھن، ان ڪري اھي نياڻيون پيءُ جي وفات کانپوءِ جي ملڪيت جون وارث نه رھنديون آھن.
نياڻين جي ننڍين عمرين ۾ شادين جا نقصان:
نياڻين جي ننڍين عمرين ۾ شادين جا به بيشمار نقصان آھن، جن ۾ صحت جي تباھي جو نقصان سڀ کان وڏو آھي، ميڊيڪل سائنس ان تي وڌيڪ ڪم ڪيو آھي، ننڍي عمر ۾ نياڻي جي شادي ۽ تڪڙا ٻار ان جي صحت تي انتھائي برا اثر مرتب ڪري ٿي، اھي برا اثر ٻارن تي به ظاھر ٿين ٿا. ڇو ته ڪمزور جسم مان ڪمزور ٻار ئي جنم وٺي سگھي ٿو، جيڪو زندگي جي وجود کي مشڪل سان برقرار رکي سگھي ٿو، ننڍين عمرين ۾ شاديون ۽ تڪڙا ٻار عورتن ۽ ٻارن جي موت جو وڏو سبب رھندا اچن، اھي موت ڊليورين دوران به ٿين ٿا ته ٻارن جي زندگين جي شروعاتي ٻن ٽن سالن ۾ به ٿين ٿا. ننڍين عمرين ۾ شاديون اڄڪلھ ھيٺئين ۽ سوسائٽي ليس طبقن ۾ خودڪشين جو به وڏو ڪارڻ آھي. ڪولھي برادري ۾ جوڙن جي خودڪشين جي ڪارڻن مان ھڪڙو وڏو ڪارڻ ننڍي عمر ۾ شاديون به آھن.
قانون: پاڪستان ۾ شادي وقت ڇوڪريءَ توڙي ڇوڪري جي شادي جي گھٽ ۾ گھٽ عمر 18 سال 2018ع ۾ آيل ترميم تحت لازمي قرار ڏنل آھي. جيڪڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ زبردستي ڪئي وڃي ته ان جي خلاف 7 سال وڌ ۾ وڌ ۽ 3 سال گھٽ ۾ گھٽ جيل جي سزا ۽ 5 لکن تائين ڏنڊ جي به سزا لاڳو آھي. رضا مندي کان ھٽي به ڪنھن ٻار جي 18 سالن کان گھٽ عمر ۾ شادي نٿي ڪري سگھجي، ان تي به سزائن جا قانون آھن. عمر ۽ جسماني بلوغت وارن معاملن کي عدالت طئي ڪندي ۽ مجاز اختيارين کان طئي ڪرائيندي آھي. قانون ۾ پوليس کي اختيار حاصل آھي ته جيڪڏهن شادي ۾ ڪوبه 18 سالن کان گھٽ عمر جو ٻار گھوٽ يا ڪنوار آھي ته ان شادي تي بنا وارنٽ جي پوليس ليڊيز پوليس سان گڏ ريڊ ڪري سگھي ٿي. جيڪڏهن ڇوڪري گھٽ عمر جي آھي ۽ گھوٽ 18 سالن کان وڏي عمر جو آھي ته ڇوڪريءَ کي پوليس تحويل ۾ وٺي سگھي ٿي، گھوٽ ۽ ڇوڪري جو وارث جيڪو ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي رھيو ھوندو آھي ان کان سواءِ نڪاح پڙھائيندڙ به گرفتار ٿي سگھي ٿو ۽ نڪاح جا شاھد به گرفتار ٿي سگھن ٿا ۽ ٿين ٿا. ھي ڏوھ نان ايبل آھي، جنھن ۾ پوليس ڪنھن کي به ٿاڻي تان شخصي ضمانت تي نٿي ڇڏي سگھي، پوليس چارج شيٽ سان انھن کي عدالت ۾ پيش ڪندي، فيصلو جج صاحب کي ڪرڻو ھوندو آھي. مختلف ملڪن ۾ شادين ۽ انھن جي عمرين بابت مختلف قانون آھن. انڊيا ۾ 2006ع ۾ مرد جي شادي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ عمر 21 سال رکيل آھي عورت جي گھٽ ۾ گھٽ 18 سال آھي. انڊيا ۾ 18 سالن کان وڌيڪ عمر واري جو شناختي ڪارڊ، ڊرائيونگ لائسنس ٺھي سگھي ٿو اھو ووٽ ڏئي سگھي ٿو، پر شادي 21 سالن کان وڏو ٿي پوءِ ڪري سگھي ٿو. آمريڪا ۾ وري عمرين جي حد 19 سال طئي آھي، پر ھي آمريڪا يا انڊيا جو نه پاڪستان جو مسئلو آھي. گھٽ عمر واري ڇوڪري جيڪڏهن عدالت ۾ خود وات وڪيل ٿي ڳالھائي ۽ بيان ڏئي ته ھوءَ بالغ آھي، ھن جي شادي ھن جي مرضي مطابق ٿي آھي، ھوءَ شادي جي مفھوم کان واقف آھي ته اھڙين حالتن ۾ ججن مڪمل تصديقن کانپوءِ شادين کي جائز به قرار ڏنو آھي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي عمر 18 سالن کان گھٽ ثابت ٿئي ٿي ته اھا شادي رد ٿي سگھي ٿي ۽ گھوٽ، نڪاح خوان ۽ ڇوڪريءَ جي وارث کي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون به لڳي سگھن ٿيون، ٽين ڪنڊيشن اھا به ٿي سگھي ٿي ته رخصتي کانپوءِ معاملو عدالت ۾ اچي ۽ ڇوڪريءَ جو بيان زبردستي شادي وارو اچي ۽ اھا شادي جي حوالي سان ان وقت بالغ به نه ھجي ته ان معاملي تي زنا بلجبر تائين جي ڏوھ جي سزا به لڳي سگھي ٿي. ڇوٿين ڪنڊيشن ۾ شادي کانپوءِ عورت عدالت ۾ پيش ٿي چوي ته شادي وقت ھن جي عمر 18 سال نه ھئي ھاڻ ھوءَ 18 سال جي آھي ۽ نڪاح کي قبول نٿي ڪري ته ان صورت ۾ نڪاح ئي ختم ٿي سگھي ٿو. بھرحال ڪيتريون ڪنڊيشنون ٿي سگھن ٿيون. بنيادي ڳالھ ته شادي وقت پاڪستان ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جون گھٽ ۾ گھٽ عمريون 18 سال طئي آھن، نياڻين کي به پٽن وانگر پڙھائڻ ۾ سنجيدا ۽ روشن خيال پيئرن وٽ ڪو مسئلو نه ھجڻ کپي. جيڪڏهن ھو نياڻين کي پڙھائي اڳتي ڪن ٿا ۽ انھن کي ئي سندن زندگين جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا ته ان ۾ ڪابه خرابي نه آھي، اھڙين حالتن ۾ نياڻيون والدين لاءِ پُٽن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سٺيون ٻانهن ٻيلي ٿي سگھن ٿيون.