بلاگنئون

ڊائري جا ورق

رشتن جي تند ٽٽي وڃڻ جو احساس ماڻهو کي عمر جي هر ڏهاڪي ۾ ستائيندو رهي ٿو. جڏهن آئون اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته بابا هڪ ڀيري چيو ته، ”تون دوستن سان نه ڏسين ٽاڻو نه مهل، غير ضروري گهمين ٿو ۽ ڏينهن تتي جو به آرام ڪونه ٿو ڪرين.“ بس ڳالهه ننڍڙي پر ڪاوڙ نڪ تي چڙهي وئي ۽ بابي کي چئي ڏنم ته، ”توهان مونکي ذري ذري تي ٽوڪيو ٿا، هاڻي آئون ڪيڏانهن ڪونه ويندس.“ ۽ غصي مان رات جو ماني به ڪونه کاڌم. ٻئي ڏينهن حسبِ معمول دوست چڪر هڻڻ لاءِ وٺڻ آيا. مون اُنهن جي گهڻي زور ڀرڻ تي به نابري واري. بابي اُنهن کي سڏي ورتو، چيائين، “هي مونکان ناراض آهي، رات جي ماني به ڪونه کاڌي اٿائين. منهنجي نٿو ٻڌي، توهين هن جا دوست آهيو، هي مونکي پرچائي ڏيو.“

اُهو به وقت هو جڏهن مائٽ جائز ناجائز انگل کڻندا هئا. اڄ بابو هِن جهان ۾ ڪونهي ۽ هاڻ آئون به وڏو ٿي ويو آهيان ۽ اولادي ٿي ويو آهيان ۽ اولاد جا انگل ائين ئي کڻان ٿو، جيئن بابو کڻندو هو. پر دل ۾ هڪڙي خواهش رهي ٿي ۽ شايد اُها هر ماڻهو جي دل ۾ رهندي هوندي ته، ”ڪاش! عمر جي بزرگي واري ڏهاڪي ۾ ڪو ته اهڙو هجي جيڪو ائين انگل کڻي، لاڏ ڪوڏ ڪري ۽ ائين نخرا برداشت ڪري جيئن بابو برداشت ڪندو هو.“

***

80 واري ڏهاڪي ۾ گورنمينٽ ڪاليج سجاول ۾ نوڪري هئي. آئون ۽ ڪجهه پروفيسر صاحبان ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. ڇاڪاڻ جو سرڪاري کاتن ۽ خاص طور تي تعليمي کاتي ۾ ته ملازمن لاءِ رهائش جو انتظام سرڪار ڪري اِهو اُن جي ڪتابن ۾ لکيل ئي ڪونه هو. هاسٽل جي سامهون بس اسٽاپ هو ۽ روڊ تان گاڏين ۽ ماڻهن جو گذر عام هو. هڪ واري هاسٽل جي ڪاريڊور ۾ ڪجهه اُستادن سان گڏ بيٺو هئس ته هڪ استاد ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”هُو ڏس! سامهون روڊ تي معشوقائون (خوبصورت ڇوڪريون) پيون وڃن.“ مون چيومانس، ”ماستر خيال سان متان ڪو فقرو ڪسي وجهين، ڇو جو ماستر ۽ رنڊي ڪنهن کي سڃاڻي نه سڃاڻي، پر اُنهن کي هر ڪو سڃاڻي.“

بد قسمتي سان خوبصورت چهرا اسان کي به وڻن ٿا، پر ڇا ڪجي! ماڻهو اسان مان اُستاد هئڻ جي ناتي غير ضروري شرافت جي اُميد رکن ٿا، هنن جي نظر ۾ اُستاد هڪ اهڙو آئيڊيل انسان هئڻ گهرجي، جيڪو پوتي پاڪ ۽ سادو سودو هجي، جنهن وٽ انساني فطري جذبن ۽ خواهشن نالي ڪا شئي نه هجي.

***

جڏهن ڪنهن عورت کي بهادر ڏيکارڻو هوندو، تڏهن به مرد چوندا، “هي مائي مڙسن جو مٽ آهي يا مرداڻي آهي.” بجاءِ جو مرد عورت جي گڻن جي سندس جنسي (عورت ھئڻ جي) حوالي کان ساراهه ڪري، پر نه، اُن ۾ به مرد پنهنجي مخصوص پدري سماج جي ذهنيت جو اظهار ڪندي پنهنجي جنس (ذات) جي برتري جو احساس جتائي ٿو.

***

حيرت آهي ته جيڪا عورت جنم ڏيڻ کان وٺي پالڻ تائين جنهن درد ۽ ڪرب جي احساس مان گذري ٿي ۽ همٿ سان سور سهي ٿي، اُن کي پدري سماج پوءِ به ڪمزور ۽ ڊڄڻي ڪري پيش ڪري ٿو!

***

پدري سماج جي ٻولي ۾ به عورت سان ٻئي درجي جو سلوڪ ڪيل آهي، مثلن بهادر لاءِ شير دل ۽ ڊڄڻي لاءِ بزدل. شير يا شينهن جي جنس مذڪر ۽ جُز يا رڍ جي جنس مونث آهي، ان کانسواءِ به ٻولي ۾ گهڻا اهڙا محاورا ملندا جيڪي پدري سماج ۾ عورت جي تذليل جو ڪارڻ بڻيل آهن ۽ جن ۾ عورت کي مرد جي ڀيٽ ۾ نيچ ڏيکاريل آهي. مثلن گهڻن زالن گهر نه هلي، عورت پير جي جتي، عورت جو عقل ڏائي کڙي ۾، مائي جو مڄُو، هندو ميٿالاجي ۾ چرنن جي داسي ۽ ٻين مذهبن ۾ مجازي خدا (عورت جي مڙس لاءِ استعمال ٿئي ٿو) وغيره.

***

هڪ شاعر وٽ محبوبه جو جيڪو به تصور آهي، اُن مطابق سندس چهرو چنڊ جيان چمڪندڙ، چپ گلاب جي گلن جيان گلابي ۽ خوشبودار، وار واسينگن جهڙا، نيڻ نرگسي، ڳل ڏاڙهون جهڙا، چال هرڻي جهڙي…. هئڻ گهرجي.

جيئن ته هن پريڪٽيڪل (حقيقي) دنيا ۾ اهي سڀئي خوبيون ڪنهن هڪ محبوبہ ۾ هئڻ ممڪن ئي ناهي. انهي ڪري ڇا سڀني ادائن کي پائڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هڪ کان مٿي محبوبائون رکڻ گهرجن!؟ ها ها ها. ھي مڙئي مذاق آھي، متان سنجيدہ ٿيا آھيو.

***

هڪڙي (ساڳي) ذات وارا پنهنجي ذات ڀائي کي ڏکئي وقت ۾ ذرو به ڪم ڪونه اچن، پر جڏهن ڪو ٻي ذات وارو اُن کي ٻه اکر ڳالهائيندو ته اُن جي پاران اُٿي کڙا ٿيندا ۽ ٻي ذات واري کي قتل ڪندي به دير نه ڪندا. هُو ڀلي اُن کي قومي يا قبيلائي غيرت جو نالو ڏين، آئون ته ان کي جهالت ئي ڪوٺيندس.

***

جيڪو ماڻهو جنهن خاندان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ اُن جي ڌرم جي بنا ڄاڻڻ جي پوري عمر پوئواري ڪري ٿو، اُهو ماڻهو پنهنجي پوري زندگي ۾ سچ (حقيقت) کي نه ڪڏهن سمجهي سگهندو ۽ نه ئي پائي سگهندو.

***