صوبيدار سوايو خان سروٽو

صوبيدار سوايو خان سروٽو

انور شيخ

صوبيدار سوايو خان سروٽو ضلعي جي ناليوارن آفيسرن مان هڪ هو. ماڻهو هن جي گاڏيءَ کي ڏسي رستو ڇڏي لڪي پوندا هئا، چورن ۽ پاٿاريدار وڏيرن سان ياريون، باقي مسڪين ماڻهن مٿان مارو ڄڻ هن جي زندگيءَ جا اصول ۽ آدرش هئا، جنهن  جي به مٿي ۾ لڳو ته سروٽي جيان ٺڪاءُ ڪري لڳو، اصل مٿو ڦاڙي وجهندس، تنهنڪري ئي علائقي ۾ صوبيدار سروٽي طور مشهور هو، پر جيڏو ٻاهر صوبيدار سروٽي جو نالو هو وري اوترو ئي گهر ۾ ڪانئر ڪردار هيس، پاڻ ئي پنهنجي سر ڀڻڪندو هو

“هڪ ڊي. آءِ. جي ٻن ايس پن سان منهن ڏيڻ سولو پر هڪ زال جي سامهون چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي”

الله جي پناهه صوبيدار صاحب جي پاڻ سروٽو هو ته جوڻس به وري ڪنهن بٺي جي پختي پڪل پوري سِرَ هئي. صوبيدار گهر ۾ گهرندو ته ابداڻن تائين تلاشيون وٺندس نه ڇڏيندس ڪو کيسي ۾ رپيو جو ڪا ٻيڙي وٺي دکائي درد جا دونهان ڪڍي، گاريون ته ٿوري ڳالهه آ پر ڪڏهن ڪڏهن منهن تي بجا به گهرڙي  ڏيندي هئس، ڇٺي ڇهه ماهي جيڪڏهن ويجهو به اچڻ ڏيس ته سمورو وقت تارا ڦوٽاريندي رهندي هئس. صوبيدار سروٽو خان زال سان رهندي ڏاڍو ڏکيو هو سدائين پيو پنهنجي سهري مرحوم ايس.ايڇ.او جانڻ خان کي بدعائون ڏيندو رهندو هو جنهن کيس هن جنڙيءَ سان ڦاسايو هو. صوبيدار سروٽو خان جڏهن ننڍو صوبيدار ٿيو ته پنهنجي همذات مائٽ ايس.ايڇ.او جانڻ خان کيس ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا سوائي خان قبول ڪئي هئي. جانڻ خان به ساڳئي ٿاڻي تي ايس.ايڇ.او هو جتي سوايو خان اي.ايس.آءِ ٿيو هو. شاديءَ جي ڪجهه سالن کان پوءِ جانڻ خان ته وڃي مَڻين مٽين ۾ جائيتو ٿيو پر سورن ۾ سوگهو وڃي ٿيو صوبيدار سوايو خان سروٽو. سوايو خان زال کي طلاق به نه پيو ڏئي سگهي ڇو ته شاديءَ جي لکيل اسٽامپ پيپر مطابق طلاق جي صورت ۾ کيس ايترا پيسا ڏيڻا پيا پون جيڪي هن وٽ ايندڙ ڏهن سالن ۾ به اچڻ مشڪل هئا. صوبيدار وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل هو ٻه ٽي دفعا گهمڻ جي بهاني زال کي پشاور ۽ ڪوئٽه به وٺي ويو ۽ اتي کيس بازار ۾ اڪيلو شاپنگ جي بهاني ڇڏي ڏيندو هو ان نيت ۽ اميد سان ته ڪٿي ڪو بم  آجپي جون عنايتون ڪندو پر سدائين سروٽو خان خرچ ڪري مايوس ٿي موٽندو هو. غريب ماڻهن کي وڏيرن جي چوڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائيندڙ رستي ويندڙ ماڻهن جون وڏيون مڇون پٽيندڙ ۽ ٽوپيون لاهيندڙ صوبيدار سروٽو خان هڪ ڏينهن حسب معمول صبح جو زال کان جُٺِ ڪرائي جيئن ئي ٿاڻي تي اچي پهتو ته اُتي هڪ اڇي چادر اوڙهيل عمر رسيده عورت جنهن جي چهري جي حرمت داغدار هئي تنهن روئيندي چادر لاهي سروٽي خان جي پيرن تي ڦٽي ڪئي، سروٽو خان جيڪو اڳ ۾ ئي گهران باهه ٿيو آيو هو سو ويتر وڌي مچ ٿي ويو ڪاوڙ مان عورت کي چيائين

“صبح ئي صبح ڪهڙو ڀنڊڻ لاتو اٿئي مائي”

ڪراڙي عورت کيس چيو:

“ابا منهنجي نوجوان ڌيءَ جيڪا پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي ان کي رات سردار ڀلي ڏنو نشي جي حالت ۾ اسان جي گهران گهڙي کڻي ويو آهي ۽ وڃي پنهنجي اوطاق ۾ رهايو اٿائينس، تنهن وقت کان وٺي مان هت ٿاڻي تي ٻاڏائي رهي آهيان پر تنهنجو اسٽاف ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي”

سروٽي خان جي مٿي ۾ ڪراڙي عورت جي دانهن جو سروٽو ٺڪاءُ ڪري اچي لڳو، سروٽي خان جو آرڊر به سردار ڀلي ڏني انهيءَ ٿاڻي تي ڪرايو هو پر صوبيدار سروٽو سوچڻ لڳو “ٻيون ڳالهيون ته پيا برداشت ڪندا رهندا آهيون پر ٻيلي منهنجي حد مان سردار ڀلي ڏنو نياڻيون کڻائي وڃي ريپ ڪري اهڙي بيغرتائي برداشت ڪونه ڪبي” صوبيدار سروٽي خان کي الاءِ ڇاٿي ويو جو سموري نفري تيار ڪرائي وڃي در ڀڳائين سردار جي اوطاق جو. سردار نشي ۾ اڌ اگهاڙو بيڊ تي سمهيو پيو هو نوجوان ڇوڪري بيڊ جي ڪنڊ وٽ منهن لڪائي روئي رهي هئي. هم نه تم سوائي خان سردار جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس گهليندو ٿاڻي تي وٺي آيو ۽ اچي کيس لاڪپ ڪيائين. نوجوان نياڻيءَ کي سپاهي ساڻ ڪري آيا وڏي منشيءَ کان FIR بڪ وٺي اتي جو اتي سردار تي اغوا ۽ ريپ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيائين ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي سردار جا تپايل هئا پر ڀئو ۽ قانون جو ڪردار نه هئڻ ڪري خاموش هئا سي سروٽي خان جي اهڙي سورهيائي تي اندر ئي اندر ۾ سرها ٿيا. ظاهري طرح ڪجهه سردار جي حمايتي ماڻهن هُل ڪيو پر سروٽي خان جي گرجدار آواز ۽ اکين جو تاءُ نه سهي سگهيا سروٽو خان ڪاروائي ڪري گهر پهتو ته اها خبر سندس گهر تائين به پهچي چڪي هئي. زال سامهون صندل تي ويٺي هئس تنهن کي به ساڳين اکين سان جو ڏٺائين ته اها به دهلجي وئي، سوايو خان وڃي بيڊ تي ستو جوڻس هونءَ جيڪا گارين ۽ ڪروڌ سان استقبال ڪندي هيس سا خاموشيءَ سان اچي ڀر ۾ ويٺس، ڪجهه دير سوائي خان جي اکين ۾ نهاريندي رهي ۽ پوءِ سوائي خان جي سيني ۽ منهن تي چميون ڏيڻ لڳي، پيار ۽ پاٻوهه جو درياهه هو جيڪو سوائي خان جي مٿان ڇوليون هڻي رهيو هو. اهڙو پيار هن کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو هو، جوڻس کيس اکين ۾ ڏسندي چيس:

“سوايا خان مان مرد ۾ غيرت، حياءُ ۽ مردانگي ڏسڻ چاهيندي هيس پر بدقسمتيءَ سان اها مان پيڪاڻي گهر ۾ رهندي نه ابي جي اکين ۾ ڏٺي نه ئي توسان شادي کان پوءِ تو ۾ ڏٺم. توکان ورتل پئسن مان خدا ٿو ڄاڻي مان ڪڏهن به عياشي ڪونه ڪئي پر غريبن کان کسيل پئسا غريبن ۾ ئي ورهائيندي هيس، سدائين توتي ڪاوڙيل رهندي هيس ڇوجو تنهنجي اکين ۾ غيرت نه ڏسي توتي غصو ايندو هيو. پر اڄ جڏهن تنهنجي ڪارنامي جي خبر مون تائين پهتي ته ان خبر منهنجي ساهه کي نئون ويساهه ڏنو ۽ اڄ تنهنجي اکين ۾ غيرت ۽ مڙسيءَ جا انبار ڏسي مون کي تون ڏاڍو ٿو وڻين اڄ تون پهريون دفعو مونکي پنهنجو مڙس ٿو لڳين”.

Leave a Reply

Your email address will not be published.