دادي لالي ٻائي سُرتاڻي

پروفائل

(1926-05-01 کان 2008-07-08)

سومجي ڌاراڻي

لوگ مسجد ۾ جنت تلاش ڪرتي هين “غالب”

فرصت اتني نهين هوتي ڪي، قدم مان ڪي چوم لين.

اسان جي ميگهواڙ جاتي جي عورتن به علم حاصل ڪري مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي، پنهنجي مظلوم قوم جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. انهيءَ مان سر فهرست دادي لالي ٻائي، جنهن جو جنم ڳوٺ چيلهار، تعلقو ڇاڇرو ٿرپارڪر ۾ پهرين مئي 1926ع تي پٽيل ميگهو مل سُرتاڻي ٻڙهيه جي گهر ٿيو، سندس ماتا ڀاڳان ٻائي پڙهيار جو ڳوٺ مالڻهور ويڻا تعلقو مٺي جي هئي. سندس شادي هڪ مهان استاد ساهو مل نگاڻي، ڳوٺ ڪانڪيو تعلقو ڇاڇرو ضلعو ٿرپارڪر سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ (1) نول راءِ ڊي. او ۽ هيڊ ماستر هاءِ اسڪول چيلهار ٿي رهيو هاڻي رٽائرڊ آهي. (2) امولک ٿري هيڊ ماستر هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد، هڪ شاعر ۽ اديب آهي هن وقت رٽائر آهي. هڪ نياڻي نالي شانتي ٻائي جيڪا هيڊ مسٽريس، گرلس هاءِ اسڪول جهڏو آهي.

دادي لالي ٻائي پنهنجي چاچي رائچند راٺوڙ (مصنف تاريخ ريگستان) ۽ سندس ڀاءُ ڀانو مل ميگهو مل سُرتاڻيءَ جي ڪوشش سان وڏي جاکوڙ ڪندي ان دور ۾ تعليم پرائي جنهن دور ۾ هڪ عورت جو تعليم يافته هئڻ عجب جهڙي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. دادي لالي ٻائي جن حالتن ۾ تعليم پرائي اهڙي طرح سوچي به نٿو سگهجي ته اهڙي سختيءَ واري ماحول ۾ جتي استاد هڪ ميگهواڙ شاگردياڻي هجڻ ڪري سندس سليٽ کي هٿ لاهڻ به نه چاهنديون هجن، اهڙي ماحول ۾ پڙهي، سنڌي فائنل جي امتحان ۾ سنڌ صوبي ۾ سال 1941ع ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اهو ڪم هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به وڌيڪ مشڪل هو. سندس پرائمري استاد جي حيثيت سان سندس پهرين مقرري ميرپورخاص ويجهو اسڪول کاڻ ۾ 5 آڪٽوبر 1943ع ۾ ٿي. پوءِ پنهنجي ور، ماستر ساهو مل نگاڻيءَ سان گڏ مختلف هنڌن جهڙوڪ: ڊيگاڻ، چيلهار، ڀوريلو ۽ کڏي جان محمد رند ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض پورا ڪيا.

دادي لالي ٻائيءَ کي پاڪستان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرين عورت استاد هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. انهيءَ عورت جنهن ايندڙ نسلن جي نياڻين جي لاءِ تعليم جا دروازا کولي ڇڏيا، جيڪا نه صرف پاڻ پڙهي پر پنهنجي اولاد کي به پڙهايائين ۽ پوءِ ٽنڊو محمد خان جي ٻن ٽن نسلن جي استاد ٿي رهي. جڏهن ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به گهٽيءَ مان سندس لنگهڻ ٿيندو هو ته هر ماڻهو عزت وچان اهي لفظ چوندو هو ته اسان جي دادي آهي. انهيءَ کان مٿي سندس عظمت جو ڪهڙو مثال ڏجي. دادي لالي جسماني طور تي قد جي ننڍي هئي پر سندس علمي ۽ سماجي طور تي شخصيت ايڏي ته قدآور هوندي هئي، جنهن سان برابريءَ جي هام هرڪو هڻي ٿو سگهي. ٿر ۾ واسطيدار ماڻهوءَ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻي هجي ته سندس ڀاءُ ڀانو مل ۽ دادي لالي ٻائي کان ويهي پڇجي، اوترو انهن ڌڻين کي ڄاڻ نه هوندي، جيتري قدر پاڻ انهن جي اپٽار ڪندا حقيقت ۾  ٻئي هڪ قسم جي انسائيڪلو پيڊيا هئا.

28 مئي 1956ع کان وٺي 31 آگسٽ 1982ع (رٽائرمينٽ) تائين پنهنجي سروس جا باقي 26 سال، ٽنڊو جان محمد تعلقو ڊگهڙي ضلعو ميرپورخاص ۾ رهي. جتي هُن پنهنجي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو، اهڙو مثال مشڪل سان ملندو ۽ سندس اهو ڪردار ڪڏهن به وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس تعليم جي جلايل ديپ، هر ميگهواڙ جاتيءَ جي نياڻين جي هِردي ۾ تا حيات جلندي رهندي ۽ علم جي هن چندن جي وڻ جي سُرهاڻ پوري ٿر جي ڀٽن، ڏوهرن ۽ هر جهوپي جهوپي ۾ اڄ به محسوس ٿئي ٿي. اهڙي مهان هستيءَ کي پرنامَ! دادي لالي آخر تاريخ 08 جولاءِ 2008 تي هن فاني سنسار کي الوداع ڪيو ۽ هيءَ امر آتما پنهنجي پر ماتما سان وڃي ملي. سندس مڙهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇرو ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ وَر سان گڏ آرامي آهي.

ڪهاڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published.