بلاگنئون

اي ڊسمبر اچ ته هاڻي موڪلايون!

ڊسمبر يورپي ڪيلنڊر جو آخري مهينو آهي. هن مهيني ۾ زمين پنهنجي مدار ۾ پنهنجو چڪر پورو ڪرڻ واري هوندي آهي. هن ۾ ڪل 31 ڏينهن هوندا آهن مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان اُهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڊسمبر سال جي سڀني مهينن کان وڌيڪ رومانٽڪ آهي. ٿڌ پوري جسم ۾ ائين ڦهلجي ٿي جيئن ڪنهن اونهي ڪُن ۾ پاڻي گهيرو ڪندو آهي، پوءِ ڪوٽ، لوئي يا سوئيٽر اُوڍي بچاءُ جي ڪوشش ڪبي آهي. اڃان به پوئين دور وانگي ٻهراڙين ۾ سيءَ کان بچاءُ لاءِ وڏا مچ ٻاريا وڃن ٿا ۽ پاڻ گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهو سلسلو شهرن ۾ به آهستي آهستي وڌندو رهي ٿو. ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون سوڙ يا ڪمبل ۾ گذارڻيون پون ٿيون. ڊسمبر جون سرد ھوائون ڪڏهن ڪڏهن ساڻو ڪري وجھنديون آھن، پر جيڪڏهن برسات پئي ته باقاعده ڏڪڻي وٺي ويندي آهي۔ چوڻي آهي ته “سياري جي سوڙ هر ڪو پاڻ ڏي سيري” سو هاڻي ڊسمبر به پاڻ ڏي سوڙ سورڻ شروع ڪئي آھي ۽ کيس به آھستي آھستي سيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو آھي، ان ڪري آخري پساهه پيو کڻي۔ ڊسمبر حقيقت ۾ زندگيءَ جو وڏو سبق آهي۔ اھا ئي زندگي آھي، جيڪا جنوريءَ کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڊسمبر تي ختم ٿيڻي آھي. وقت جي ھر گھڙي اڳتي واري گھڙيءَ کي پاڻ سان ڇڪي پوئتي ڪري ڇڏي ٿي، اهو دور اڃان ياد آهي جڏهن محبوب سان ملڻ ويندو هئس تڏهن ته سردي جو احساس ئي نه ٿيندو هو, ڪڏهن ڪڏهن ته محبوب جي رُسڻ تي ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون جاڳي گذاريندو هئس ۽ گهر وارن کان پاسيرو ٿي ٻئي تنهائيءَ واري ڪمري ۾ هلڪا هلڪا سڏڪا ڀري محبوب کي ريجهائي وٺندو هئس. صبح جو اکيون ڳاڙهيون ڏسي پڇندا هئا ته خير ته آهي اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون اٿئي. ٽهڪ ڏئي جواب ڏيندو هئس رات ننڊ نه آئي هئي، ان ڪري اکيون ڳاڙهيون آهن، باقي طبيعت ٺيڪ آهي۔ اڄ جڏهن ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون  گذرندي ڏسان ٿو ته کن پل لاءِ ان جو تصور به سهڪائي وجهي ٿو, اهي ڊسمبر واريون ملاقاتون ائين لڳنديون هيون ڄڻ پاڻ صدين جو سفر ڪري ٿڪجي پيا آهيون، هو مون کان ڏور ۽ مان هن کان پري آهيان. نه هو منهنجي من جي مندر ۾ آهي ۽ نه مان هن جي اندر ۾ آهيان ڊسمبر اڪيلائيءَ جو عذاب مون مٿان وجهي ائين گذرندو وڃي ڄڻ ڪا گاڏي رستن کي چيريندي پنهنجي منزل طرف روان دوان هجي. هن جو پيار الائي ڪاڏي ويو. اي ڊسمبر تون مون سان رهي هاڻي ڇا ڪندين؟ توکي اجازت آهي تون به محبوب جيان مون کي اڪيلو ڪري هليو وڃ، مان به جلد ئي ڪنهن ڏورانهين سفر تي هليو ويندس، جتي تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات نه ٿي سگهندي۔ تنهنجون سرد هوائون توکي سلامت هجن۔ اچ هڪ گرم ڀاڪر ڀري هڪٻئي کان موڪلايون، ڇو ته تون پراڻي سال جي علامت ٿي ويندين ۽ مان نئين سال ۾ داخل ٿي ويندس. جيئن وڏا ماڻهو گرميءَ جي موسم ۾ ٿڌن علائقن تي سير ڪرڻ ويندا آهن تيئن مان وري خوابن جي ڊسمبر جي سرد موسم ۾ گرم منزلن ڏانهن سفر تي هليو ويندس، ڪڏهن سوئيڊن هليو ويندس جتي تمام گهڻيون گرم منزلون آهن، جهڙوڪ ڪينري ٻيٽ ۽ دبئي فقط هڪ مختصر اڏام پري آهي. هتي هن صفحي تي بهترين منزلن جو هڪ مجموعو ملندو۔ اي ڊسمبر توکان ڀلا ته دبئي ۽ متحده عرب امارات آهن جتي سڄي دنيا گڏ ٿئي ٿي ۽ مزا ماڻي ٿي اي ڊسمبر تو ۾، ميڪسيڪو جو جشن، سٺي موسم ۽ مختلف تهوار ڏسڻ وٽان آهن. ان سان گڏ ساحل ڏانهن سفر ڪرڻ ۽ سنورڪلنگ، اسڪوبا ڊائيونگ، ترڻ ۽ روايتي کاڌي مان لطف اندوز ٿجي ٿو. اي ڊسمبر توکي ڪيوبا جا ماڻهو پسند ڪن ٿا ڇو ته تو ۾ اعليٰ  موسم آهي. اي ڊسمبر تون سريلنڪا وارن لاءِ به پنهنجو مَٽ پاڻ آهين جتي اعليٰ موسم جي شروعات به آهي. سامونڊي ڪناري سان گڏ مشهور سياحتي جڳهيون ٿڌي ۽ خشڪ هوائون به آهن. جڏهن ته ٻڌ ڌرم جي زائرين سري پادا ۽ آدم جي چوٽي به ڏسڻ وٽان آهي۔ اي ڊسمبر، جميڪا جي موسم سان به لطف اندوز ڪرين ٿو۔ اي ڊسمبر سيچيلس ڏانهن سفر به موهي وجهي ٿو. جتي پاڻيءَ جي دلچسپ سرگرمين کان وٺي لگزري هوٽلن ۾ رهڻ تائين، عجيب و غريب مقامي ڀاڄين جي ڪوشش ڪرڻ کان وٺي ٻيٽ جي ڳولا تائين، تون لاجواب آهين. اي ڊسمبر ٿائلينڊ وارا به توکي چاهين ٿا. جتي تون گرم، سٺو، گهٽ نمي وارو آهين ۽ برسات جي موسم ۾ ته اڃان وڻندڙ ٿيو وڃين ڇو ته تون ڊسمبر آهين، پر منهنجي موسم کان تون گهڻو ڏور آهين، ان ڪري اچ هاڻي موڪلايون متان ڪو ميارون ڏئي۔