ايڊيٽوريلنئون

سوئي گئس جا آفيسر وزيراعظم جي مطالبي کي مڃتا ڏيو

پوري دنيا ۾ عوام پنهنجي مسئلن جي شڪايت حڪومتِ وقت کان ڪندو آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل وزير مشير عوام جي مطالبن ۽ شڪايتن جو تدارڪ ڪري کين آساني فراهم ڪندا آهن. خبر ناهي ته پاڪستان ڪهڙي دنيا جو ملڪ آهي جتي صرف عوام شڪايتون نه ڪندو آهي، پر وزير مشير، وڏا آفيسر ايستائين جو وزيراعظم پڻ پنهنجي حڪومت جي آفيسرن کان مطالبا ڪندو آهي. اچرج جهڙي ڳالهه آهي، پر اهو سان جي ملڪ ۾ تماشو روز ٿيندو آهي. وزيراعظم جيڪو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ان کي فيصلا ڪرڻا هوندا آهن ۽ حڪم جاري ڪرڻا هوندا آهن، آفيسرن کي سندس حڪم جي پوئيواري ڪرڻي هوندي آهي.

اسان جو موجوده وزيراعظم محترم شهباز شريف صاحب ايترو ته شريف ماڻهو آهي جو آفيسرن کي بجاءِ حڪم ڏيڻ جي انهن کان مطالبا ڪندو آهي ته مهرباني ڪري عوام جي مسئلن طرف ڌيان ڏيو ۽ اهو مسئلو حل ڪريو، پر اسان جا آفيسر سندس مطالبي کي پڻ عوامي مطالبو سمجهي هڪ پاسي رکي ڇڏنيدا آهن. وزيراعظم صاحب جو اهڙو ئي مطالبو 27 ڊسمبر 2024 تي سامهون آيو، جڏهن ميڊيا جي دانهن تي سوئي گئس جي آفيسرن کي گهرائي کانئن بريفنگ ورتي جڏهن کيس اها خبر پئي ته ملڪ اندر ٻارڻ واري گئس جو تمام گهڻو بحران آهي، ٻارڻ واري گئس جي پوري ملڪ اندر لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. عوام ۽ ميڊيا جي دانهن تي محترم وزيراعظم صاحب پڻ مطالبو ڪري ڇڏيو واهه واهه! سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام کي بنا روڪ ٽوڪ جي 24 ڪلاڪ ٻارڻ واري گئس جي سپلاءِ جاري رکي وڃي. سندس اهو پڻ مطالبو هو ته حڪومت وقت جي ترجيحات ۾ شامل آهي ته ملڪ جي عوام کي گئس ملي. پاڪستان جو عوام ڇهه مهينا بجلي جي نه هجڻ جي شڪايت ڪندو آهي ۽ ڇهه مهينا گئس جي نه هجڻ جي شڪايت ڪندو آهي. سبب اهو آهي ته سياري ۾ بجلي جي ڪا خاص ضرورت نه پوندي آهي، پر سياري ۾ ٻارڻ واري گئس جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي، پر گئس موجود نه هوندي آهي. جڏهن ته حڪومت دعويٰ ڪندي آهي ته اسان گئس جو متبادل ٻاهران امپورٽ ڪري ملڪ جي عوام کي ڪنهن به تڪليف کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. سوئي سدرن گئس ڪمپني جي جنهن جي ذريعي بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب کي گئس فراهم ڪئي وڃي ٿي. ٻارهن ئي مهينا گئس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. رات جو 8 وڳي کانپوءِ سسٽم ۾ گئس موجود نه هوندي آهي. صبح جو 8 وڳي کانپوءِ سسٽم ۾ گئس اچڻ شروع ٿيندي آهي، پر ان جو پريشر ايترو ته گهٽ هوندو آهي جو ماني پچڻ ته پري جي ڳالهه آهي چانهه جو ٺهڻ به مشڪل ٿي پوندو آهي. ان جي باوجود حڪومت روز گئس جي قيمت وڌائي رهي آهي، عوام وڌيل قيمت واري گئس خريد ته ڪري ٿو، پر ان کي استعمال نٿو ڪري سگهي، ڇو ته سسٽم ۾ گئس هجي ئي نٿي، پر هر مهيني بل ضرور موڪليو وڃي ٿو. شهرن اندر 12 ڪلاڪ گئس ملي ٿي ٻهراڙين ۾ 24 ڪلاڪ گئس نه هجڻ جي برابر آهي. هاڻي ته عوام مجبور ٿي گئس سئلينڊر خريد ڪري ان ۾ گئس ڀرائي بورچي خانو هلائي ٿو، پر اهڙي مهانگائي جي صورتحال ۾ سفيد پوش ماڻهو لاءِ ڪيئن ممڪن آهي ته هو سوئي گئس جو بل به ڀري ۽ وري سئلنيڊر کڻي دڪان تان گئس خريد ڪري اچي، اها آهي اسان جي وفاقي حڪومت جي ڪارگذاري.

وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال کان گئس جي فراهمي هن سال بهتر آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم صاحب پڻ بريفنگ ۾ ڪيل ان ڳالهه جي مڃتا پڻ ڪئي آهي. جيڪڏهن حالت بهتر هجي ته پوءِ ماڻهو شڪايتون ڇو ڪن. اسان جو مطالبو وفاقي سرڪار ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني کان پڻ اهو آهي ته ماڻهن کان بل ته وٺو ٿا ته پوءِ گئس ڇو نٿا ڏيو؟ وزيراعظم صاحب کي گذارش آهي ته مطالبا ڪرڻ ڇڏيو فيصلا ڪيو ۽ حڪم هلايو، مطالبا ڪرڻ سان ڪنهن به شعبي ۾ بهتري نه ايندي.