بلاگنئون

بلوچستان: هڪ پٺتي پيل صوبو

شيون هاڻي اعلانن کان ڪجھ اڳتي ٿيڻ گهرجن، معنيٰ “آغاز حقوق بلوچستان” رڳو اعلانن ۾ رهجي ويو ۽ ان جو ڪجھ نه ٿيو. ڇو ته ان ۾ ته اهو به طئي هو ته سون، ٽامي، چاندي، لوھ جون کاڻيون جيڪي به ٻاهرين ملڪن کي ٺيڪي تي ڏنيون وينديون انهن جي مالڪي يا ايگريمينٽ ڪرڻ وارا يا هلائڻ وارا رڳو هي لوڪل بلوچ هوندا جيڪي ان علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي آئين جي آرٽيڪل 172 (3) ۽ 58 تحت انهن شين جي لاءِ صوبي جي چونڊيل نمائندن جي ڪاميٽي ٺاهيندا جيڪا فيصلا ڪندي ۽ اهي پارليامان بلوچن جي نمائندي به ڪندا ان ڪري ته گيس ۽ پيٽرول جون رائلٽيون به بلوچن کي ملنديون ۽ انهن تي خرچ ٿينديون جيڪي اڃان تائين بلوچن يا اتان جي عوام کي نه ٿيون ملن ۽ نه ئي اهي صوبي مان نڪرندڙ ڪنهن به معدني وسيلي تي ڪنهن به طرح حق رکن به ٿا. ڇو ته گوادر پورٽ جي نوڪرين ۾ بلوچن جي حصيداري، مالڪي، مئنيجمينٽ ۽ فائدو بلوچن کي ملڻ گهرجي، پر ان جو فائدو به وفاق کڻي ٿو وڃي جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ته وفاق جي ڏنل ان پئڪيج يا اعلان ۾ اهو به طئي ڪيو هو، پر بدقسمتي سان اعلان رڳو اعلان رهجي ٿا وڃن يا ان پئڪيج تحت اها ڳالھ به طئي هئي ته ريڪوڊيڪ ۽ سينڊيڪ جا مالڪ به بلوچ هوندا يا انهن جي ٺيڪيداري يا ايگريمينٽ پهرين وفاق آسٽريليا وارن سان ڪئي جيڪا مشرف جي دور ۾ ٿئي هئي ان ڪري ته اسان وٽ ليبر ڪاسٽ مهانگي آهي ۽ اسان جي ملڪ جي وس جي ڳالھ ناهي، ان ڪري هاڻي وري هنن اهي سڀ ٺيڪا ۽ مالڪيون به چيني سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، معنيٰ ان سڄي ٺيڪي جا پئسا ۽ پرافٽ به وفاق جي کيسي ۾ هوندو، ان ڪري ته “ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير”
يا سينٽر به وفاق جو صوبا به وفاق جا، معنيٰ “تنهنجي پگهار به منهنجي ۽ منهنجي پگهار به منهنجي” پر سوشلي اهو اصول ئي غلط آهي، ان ڪري جو وفاق جي اهڙي رويي جي ڪري صوبا احساس محرومي جو شڪار ٿي ٿا وڃن، معنيٰ وسيلا صوبن جا ۽ ڪمائي وفاق جي هجي، پر ڪنهن حد ۽ دائري اندر يا ٽيڪس ڪليڪشن واري “رَيٽ” تحت هجي يا ائين هجي ته اهي پئسا صوبن تي به خرچ ٿيندا. ڇو ته رياست جي معدني وسيلن مان جيڪا به ڪمائي ٿئي ٿي اها “اين ايف سي” ايوارڊ وانگي وفاق جي هڪڙي سينٽرل اڪائونٽ ۾ هلي ٿي وڃي پوءِ هر چئن سالن کانپوءِ اهو ڀانڊارو ڀڄي صوبن کي پنهنجي مرضي سان اها رقم ورهائي ٿي وڃي يا فوجي دورن ۾ ته اها ملي به ڪا نه يا جي ٻين جمهوري دورن ۾ ملي به ته اها ڪل رقم جو 25 سيڪڙو هئي ته ڪڏهن مشڪل سان 38 سيڪڙو هئي، پر زرداري واري 2008 واري دور ۾ جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ٿي جيڪا 2010 ۾ صوبن جي کيسي ۾ وڌي وئي، ان تحت 80 سيڪڙو صوبن کي مليو هو ۽ 20 سيڪڙو وفاق جي کيسي ۾ پيو هو، پر گيس ۽ معدني وسيلن جي رائلٽي تي ته بلوچن ۽ ان سوئي جي غريب رهواسين ۽ بلوچ عوام جو حق آهي، پر ٿئي ائين ٿو ته ان گيس جي ٺاهيل ڊپارٽمينٽس ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ آفيسرن کي لکين پگهارون، گهر گهاٽ، گاڏيون، سندن ٻارن کي اعليٰ تعليم، وڏيون اعليٰ درجي جون آفيسون ملن ٿيون، پر بدلي ۾ انهن بلوچن کي ڪجھ نٿو ملي جيڪي ان ملڪيت جا اصل مالڪ آهن، اهي غريب بکون ٿا ڪاٽن، انهن جي زندگي ڪسمپرسي ۾ ٿي گذري، اهي بنيادي سهولتن تحت زندگي نٿا گذارين، انهن کي بنيادي ضرورتون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن، انهن جا ٻار ڪنهن طرح به سرڪاري اسڪولن ۾ نٿا پڙهن، انهن کي گهر گهاٽ ۽ ترقي يافتا معاشرا مهيا ناهن ان ڪري ڪمائي هڪڙو ۽ کائي ٻيو يا بلوچن جي زمين هيٺان گيس نڪري ٿي، پر ان زمين جي مٿان رهندڙ بلوچ بي يارو مددگار آهن.
چيني سامان جي سيڪيورٽي ۽ سي پيڪ جي پريشاني هاڻي وفاق کي ورائي وئي آهي، ان ڪري جو چين جيڪي سي پيڪ جا پروجيڪٽس گوادر ۾ هلائي ٿو انهن کي اتي فول پروف سيڪيورٽي کپي. ڇو ته چينين جون حياتيون اتي محفوظ ۽ سلامت هجن، ان ڪري موقعي پرستن اهو ڏٺو ته جتي اهي ماڻهو (چيني) ڪنهن طرح بنا سيڪورٽي جي ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهائين ٿا ته انهن کي نشانو بڻايو ٿو وڃي، جيئن ڪراچي يونيورسٽي آسان ٽارگيٽ هئن ته اهي ان هدف تي حملو ڪري ڏين ۽ ڪري ويا، هاڻي کڻي سڀني چيني باشندن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيندا (جيئن اسٽيل مل ۾ ڪن ڪندڙ چيني انجنيئر) ان کان اڳ چيني انجنيئرن گوادر پورٽ تي قربانيون ڏنيون هيون يا داسو واري پاور پروجيڪٽ تي هي چينين جان جوکم ۾ وجهي پئي ڪم ڪيو پوءِ موقعو وٺي يا ان تاڙ ۾ هئا ته اهي چيني مخالف ايجنسيون ڪنهن طرح انهن داسو پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن ۽ سڄي عملي کي نشانو بڻائي ۽ شاطر ايجنسين ان معاملي جي سڄي زميداري طالبان تي وڌي ۽ ڪراچي واري ذميداري به هڪ اهڙي بي نام عورت تي وجهي ويا، ڳالھ سمجھ کان وري به چڙهي وئي، ان ڪري جيترا چيني گوادر پورٽ يا بلوچستان جي پروجيڪٽس تي ڪم ڪن ٿا ان جيترا ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ڪم ڪن ٿا، پر سي پيڪ جي سڀني منصوبن ڪي لاءِ چين پاڪستاني سرڪار کان فول پروف سيڪيورٽي به گهري ورتي. ڇو ته سنڌ جي ڪوسٽل ايرياز تي چين ترقياتي ڪم ڪندو، اتي چين سيڙپ ڪندو ۽ اتي “پلان بي” تحت ڪم هلائيندو، پوءِ گرين بس پروجيڪٽ هجي، سرڪيولر ٽرين پروجيڪٽ هجي يا ڪوسٽل ايريا وارا علائقا جيڪي سڀاڻي چيني ڪالونيون ٺهنديون. بهرحال، پر ڳالھ اها به آهي ته گوادر پورٽ جي ٺيڪن ۽ نوڪرين کان وٺي انتظاميه ۾ بلوچ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن يا انهن به ان ڪري وفاق اتي بلوچن جي مالڪي تسليم نٿو ڪري.
رياست جڏهن به ڏمرجي ٿي تڏهن بلوچن کان جيئڻ جو حق به کسي ٿو وٺي. ڇو ته تاريخ ۾ بلوچن جي مٿان آرمي آپريشن متعدد دفعا ڪيا ويا آهن، پر حيرت اها به آهي ته ملڪ ۾ سياسي انارڪي ڪاهي پئي آهي، ملڪ ۾ لسانيت ڪاهي پئي آهي، ملڪ ۾ مذهبي جنونيت پر ڪڍيا آهن، ملڪ ۾ باغي پڻو وڌي ويو آهي، ملڪ اندر قانون شڪنيون وڌڻ لڳيون آهن، ان ڪري ملڪ ان ڳالھ جو متحل ناهي ته ڪمزورن کي مٿان بندوقون سڌيون ڪري انهن جا نسل خاموش ڪرايا وڃن، يا هيل تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بلوچستان جو حصو رڳو 4 سيڪڙو رهندو آيو آهي، جيڪو وڌائي 10 سيڪڙو ڪيو وڃي، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي ڪفالت نٿي ٿي سگهي يا ڪجھ رهجي ٿا وڃن ان ڪري ٽرانس پيرنسي ڪئي وڃي يا ايراني بارڊر سان گڏ جيڪا بزنس يا واپار يا امپورٽس ٿين ان جو فائدو لوڪل کي ملڻ گهرجي. ان ڪري ته اتان جيڪي به شيون وڃن ٿيون اهي سڌو سنئون “ايل اِي اي” جيڪي اتان جون بارڊر فورسز يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن انهن جي مدد سان ملڪ جي ٻين حصن ۾ پڄن ٿيون، پر بلوچن جي اتي ڄڻ رڳو چوڪيداري ڪندا هجن، ان ڪري انهن کي به ۾ حصيداري ملڻ گهرجي جيڪي اتان جا نشنل آهن، جيڪي اتان جا لوڪلز آهن انهن جو حق آهي ته اهي به ان طريقي ڪجھ ڪمائين ۽ پنهنجي زندگي ان صورت بهتر ڪري سگهن.
هڪ ٻيو ٻرندڙ اشو اهو به آهي ته بلوچن جي گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪن، انهن جي خاندانن کي بدلي ۾ معاشي مدد ڪن. ان ڪري ته گهر جا ڪمائو پٽ جڏهن غائب ۽ گم ڪيا ويندا يا گم ٿيل ماڻهو سال جا سال ڪنهن اذيت ۾ رکي وري چچريل لاش مالڪن جي حوالي ڪندا ته پوءِ انهن غريب ماڻهن جي مٿان ڇا گذريندي هوندي. ان ڪري جو بلوچ باشنده وفاق کان پنهنجو حق ٿا گهرن، اهي ماڻهو جيئندان ٿا گهرن، اهي آسودي صوبي جا غريب ماڻهو روزگار جي لاءِ تڙپن ٿا، اهي ماڻهو بنيادي سهولتن جي لاءِ پريشان آهن اهي ماڻهو چاهين ٿا ته انهن جا نسل به هن ملڪ جي خدمت ڪن، اهي غريب الحال ماڻهو ڪنهن طرح نوڪرين ۾ اچن، اهي چاهين ٿا انهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن، نه ڪي انهن کان انهن جو حق کسيو وڃي، انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي گهرڻ تي اذيتون ٿيون ملن، انهن کي صحت جون سهولتون گهرڻ تي جيل ٿا ملن، انهن کي تعليم گهرڻ تي دربدر ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري شهباز سرڪار جون سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر هيل اهي اعلان ساڀيان ڪري ڏيکارين، جنهن ۾ سرڪار بس پروجيڪٽ کان وٺي روزگار جا مسئلا ۽ انهن خاندان جي ڪفالت جو ذمو به کڻي جيڪي سالن کان پنهنجا ڪمائو پٽ غائب ٿيڻ جي صورت ۾ اڌ چريا ٿي زندگي ٿا گذارين، جو ڪنهن کان حقن گهرڻ جي بدلي انهن ٻارن کان انهن جو پيءُ کسيو ٿو وڃي، ڪنهن ماءُ کان ان جو پٽ کسيو ٿو وڃي، ڪنهن زال کان ان جو مڙس کسيو ٿو وڃي ڪنهن پيءُ کان ان جو کاٽو پٽ کسيو ٿو وڃي، هاڻي اهي جي حقن جي بدلي مار موچڙا، جيل ڦاهيون ڪوڙا ۽ اذيتون سهندا ته پوءِ اهي ان ڳالھ ۾ جائز آهن ته اهي بي ايل او ٺاهن يا ڪا ٻي لبريشن آرمي جيڪا انهن جو آواز بڻجي ۽ انهن کي انهن جا حق ڏياري.