ايڊيٽوريل

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران قرض جي منظوري ۽ معاشي لاها چاڙها

ملڪ جون مالي حالتون بهتر ٿيندي محسوس ٿي رهيون آهن، لڳي ٿو ته عالمي مالياتي ادارن جو اسان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. ملڪ جي خزاني ۽ مالي معاملن جي پاليسي ڪامياب ٿي رهي آهي ۽ ضروري اصلاحات جيڪي عالمي ادارن کي گهربل هيون اهي اسان ڪري ورتا آهن.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جو قرض هڪ خاص شعبي لاءِ آهي. انهيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اها مدد سال 2022ع جي ٻوڏ سبب ماڻهن جو ۽ ماحول جو جيڪو نقصان ٿيو هو انهيءَ لاءِ آهي. ان ٻوڏ ۾ پاڪستان جا ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا جيڪو اسان جي آباديءَ جو وڏو انگ آهي. ايڪيهه لک گهر مڪمل طور يا جزوي طور تباهه ٿي ويا هئا. دنيا ۽ ان جا مالياتي ادارا اسان جي مدد لاءِ موجود آهن، پر ڇا اسان انتظامي ۽ قانوني معاملا بهتر ڪري رهيا آهيون؟ جي نه، بهتري ته پري جي ڳالهه آهي، پر لڳي ٿو ته انتظام ۽ قانون نالي ڪابه شيءِ اسان وٽ موجود نه آهي. ماحول ته پري جي ڳالهه آهي، پر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جيئن 2022ع جي ٻوڏ هئي، اسان لاءِ ڄڻ اها قدرتي آفت امتحان هئي ۽ اسان امتحان کي منهن تڏهن ئي ڏئي سگهياسين جڏهن عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارا اسان جي ساٿ ۾ هئا. اسان جي ملڪ کي پرڏيهي ناڻي جي هر وقت ضرورت آهي. ڀلي کڻي اهو ڪنهن خاص شعبي لاءِ ڇو نه هجي. اسان وٽ جيئن ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ماليات جي سلسلي ۾ ملندڙ جلندڙ اشارا آهن، هڪ طرف آءِ ايم ايف آگسٽ ۾ لڳي ٿو ته اسان کي پنهنجي ست ارب ڊالرن جي قرض مان پهرين قسط ڏيڻ وڃي رهيو آهي ۽ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به اميد ڀري صورتحال آهي. انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي ماليت ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ گذريل سال کان ڊالر جي قيمت کي هڪ حد کان مٿي وڃڻ کان روڪڻ ۾ اسان جي سرڪار ۽ وزارتِ خزانه ڪامياب وئي آهي. ڊالر جيئن ته سڄي دنيا ۾ ڏيتي ليتي جو سڪو آهي ۽ اسان جي ملڪ جو بين الاقوامي واپار به ڊالر جي ذريعي ٿئي ٿو. ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت کي روڪڻ جي ڪاميابي اسان جي گذريل نگران سرڪار ۽ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ ٺهيل حڪومت جي ڪاميابي آهي. جيڪڏهن موجوده حڪومت پنهنجي مالي مشڪلاتن کي قابو پاتو ۽ انهيءَ کي بهتري طرف وٺي وئي ته اها موجود وقت ۾ اسان جي وڏي ڪاميابي هوندي. اسان جيڪا گڏ وچڙ اشارن جي ڳالهه ڪئي آهي، اها ملڪ جي سياسي صورتحال متعلق آهي، جنهن گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ پنهنجي شڪل ظاهر ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ سئو انڊيڪس ۾ 439 جي ڪمي سان ڪاروبار جو منفي ڏينهن رهيو، جڏهن ڪاروبار ۾ هڪ سئو انڊيڪس جي ڪمي ڏٺي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ سرمايو تقريبن هڪ ارب رپيا گهٽ ٿيو. اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته اسٽاڪ ايڪسچينج ڪنهن به ملڪ جي مالياتي نظم و ضبط کي ظاهر ڪري ٿو. ملڪ جون سياسي حالتون جيئن ته هٿ وٺي بگاڙيون پيون وڃن. ملڪ جي هڪ مذهبي سياسي پارٽي اسلام آباد تي ڄڻ ڪاهه ڪئي آهي. سياسي احتجاج ۽ ڌرڻا ڄڻ اسان جو سياسي مزاج ٿي ويا آهن. ڪنهن به سياسي جماعت کي ملڪ جي عوام سان سروڪار نه آهي. انهيءَ جماعت بجليءَ جي وڌيڪ بلن جي نالي تي سياست ڪندي وفاقي گاديءَ واري هنڌ تي ڪاهه ڪئي آهي. انهيءَ ڌرڻي جو نتيجو ايندڙ ڏينهن ۾ اچي ويندو ته انهيءَ جو اصل حقيقي مقصد موجوده حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي ايجنڊا ته ناهي؟
اسين وري واپس ايشيائي ترقياتي بينڪ جي چاليهه ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري جي ڳالهه ٿا ڪريون جيڪا 2022ع ٻوڏ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڏني وئي آهي. اها رقم سيلاب کان متاثر گهرن ۽ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير تي خرچ ٿيندي ۽ انهيءَ رقم مان سنڌ ۾ صحت جي بنيادي سهولتن کي بحال ڪرڻ لاءِ مدد پڻ ورتي ويندي. هڪ طرف دنيا ۽ ان جا مالياتي ادارا اسان سان ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيا آهن، ٻئي طرف وري ملڪ جون مذهبي ۽ سياسي جماعتون ڌرڻا هڻي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيون آهن. اسان کي يقين آهي ته اسين دنيا سان گڏ پنهنجي مشڪل گهڙين مان نڪري پار پونداسين.