اڳوڻي وفاقي ماحولياتي تبديلي جي وزير شيري رحمان ماحوليات تي پاڪستان جو هڪ مضبوط آواز آهي. شيري رحمان پاڪستان ۾ ماحوليات جي تبديليءَ ۽ ان جي منفي اثرن جي باري ۾ هميشه پنهنجو موقف بيان ڪندي رهندي آهي. 31 مئي 2025ع تي هن هڪ بيان ڏنو آهي ته پاڪستان هاڻي دنيا جي ڏهن خطرناڪ ماحولياتي تبديلين جي شڪار ملڪن ۾ شامل ناهي، بلڪه هاڻي اهو دنيا جو پهريون نمبر ماحولياتي تبديلين جو شڪار ملڪ بڻجي ويو آهي.
هن انهن ڏهن ملڪن مان پاڪستان جي پهرين نمبر تي اچڻ واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته “جرمن واچ” مئگزين جي رپورٽ مطابق پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي خطرن جو شڪار ملڪ بڻجي ويو آهي. ان رپورٽ مطابق پاڪستان هاڻي انهن ڏهن خطرناڪ ملڪن ۾ بدقسمتيءَ سان پهرين نمبر تي ماحولياتي تبديلين جو شڪار ملڪ بڻجي چڪو آهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ۾ اسان جو حصو تمام معمولي آهي، پر اسان کي وڌيڪ نقصان کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماحولياتي تبديلين جي اثرن سبب هوا، پاڻي زهريلا بڻجي چڪا آهن ۽ انهيءَ گدلاڻ جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جو انگ وڌي ويو آهي ۽ معيشت خطري ۾ پئجي چڪي آهي.
شيري رحمان جيڪا موسمياتي تبديلين جي باري ۾ گهري ڄاڻ رکي ٿي، سندس چوڻ آهي ته طوفاني برساتون، ڳڙا پوڻ، گليشيئرن جو تيزيءَ سان پگهرجڻ خطرن ۾ شديد اضافي صورتحال جي ڳڻتيءَ جوڳي حالت کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي. ڪوبه ملڪ ٻاهران اچي پاڪستان کي انهن تبديلين کان بچائي نٿو سگهي. پاڪستاني عوام کي شديد موسمي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ تربيت ڏيڻ جو وقت اچي چڪو آهي. سندس چوڻ مطابق ماحولياتي گدلاڻ جو انتهائي درجي تائين رسڻ صرف موسمي تبديلي ناهي، بلڪه اسان جي زندگين ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي رهي آهي، ڪيتريون ئي زندگيون برباد ٿي رهيون آهن، ماڻهن جا روزگار ختم ٿي رهيا آهن، ماحولياتي تبديلي اسان جي پيرن هيٺان زمين کي چپ چاپ ڳڙڪائي رهي آهي، هاڻي دنيا کي اکيون کولڻيون پونديون.
هن دنيا کان سوال ڪندي پڇيو ته دنيا جي ڪاربان جي وڏي پئماني تي استعمال جي سزا اسان جهڙن ملڪن کي ڇو ملي رهي آهي؟ هاڻي ماحولياتي عدل جو وقت اچي ويو آهي، بين الاقوامي برادريءَ کي گهرجي ته ان سڄي وارتا ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ کي جيڪو انهن تبديلين جو شڪار ٿي ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال تائين پهچي چڪو آهي، ان کي پائيدار ترقيءَ طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ ان جي مدد ڪئي وڃي. شيري رحمان چيو ته گلوبل وارمنگ جي سببن کي سمجهڻ جي لاءِ غور ڪيو وڃي تڏهن ترقي ڪندڙ ملڪ ۽ غريب ملڪ ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهندا. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ ماحولياتي ايمرجنسي جا آثار، پاليسي، اصلاحات ۽ عالمي مدد کانسواءِ بهتري اچڻ نا ممڪن آهي.
اسان جي خيال ۾ ماحولياتي تبديلي سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي ۽ هر ملڪ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان ڳالهه جي لاءِ آماده به ڪيو آهي ته اهي پنهنجي پيرن تي بيهندي پنهنجي مدد پاڻ ڪندي پنهنجي ماحول ۾ بنيادي تبديليون آڻين، جنهن جي لاءِ حڪومتون سڄي دنيا ۾ متحرڪ ٿي ڪم ڪري رهيون آهن. ماحولياتي تبديلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر هوا، پاڻي ۽ مٽي ٿئي ٿي. اسان کي گهرجي ته وڌندڙ سرمائيڪاري واري ماحول ۾ ڪاربان جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ جيڪي ايس او پيز آهن انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. دريائي پاڻي ۽ سمنڊ کي گدلو ڪرڻ وارا جيڪي به ادارا يا صنعتون آهن، انهن کي استعمال ٿيل پاڻيءَ کي پهرين گدلاڻ کان پاڪ ڪرڻ واري ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ته جيئن اهو پاڻي سمنڊ يا دريائن ۾ ملڻ سان پاڻيءَ جي گدلاڻ جو سبب نه بڻجي سگهي.
ان کان علاوه ماحول جي تحفظ جي لاءِ سڀني کان وڏي ۾ وڏو ذريعو اسان جي ماحول ۾ وڻ آهن. پاڪستان ۾ ٻيلا تيزيءَ سان وڍجي رهيا آهن، جنهن جي ڪري آڪسيجن جو مقدار هوا ۾ گهٽجي رهيو آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌي رهيو آهي، ان سبب ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. جيستائين بين الاقوامي ادارا پاڪستان جي اندر اچي ماحوليات کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ان کان پهرين حڪومت کي انهن چند ڳالهين تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ ٻين جاندارن جي زندگين کي بچائڻ جي لاءِ هڪدم عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.