بلاگنئون

سکر- حيدرآباد موٽروي (M-6) ۽ (M-10)

رميش راجا

ٿوري ماليت لاءِ نوان سرمائيدار ڳولھڻ خاطر نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي سکر کان حيدرآباد موٽروي (M-6) 300 ڪلو ميٽر ڊگھي ۽ 300 ارب تخميني واري 6- لين راڊ کي ٽوڙي پنج برابر حصن ۾ ورھايو ويو آھي. ھاڻ 60 ڪلو ميٽر جي ٽڪري لاءِ 60 ارب سرمائيڪاري ڪرڻ لاءِ انويسٽر ڳولھيا پيا وڃن. ھن وقت اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ راضپو ڏيکاريو آھي، انھن سان پاڪستان گورنمينٽ جون ڳالھيون ھلندڙ آھن. ان لاءِ پاڪستان گورنمينٽ ڪمپنين کي شروعاتي مدد (VGF) لاءِ 90 ارب رکي ڇڏيا آھن. زمينن جي معاملي جا سنڌ جي ٻن ضلعن نوشھروفيروز ۽ مٽياري جي DCs جا ھڙپ ڪيل پيسا سنڌ گورنميٽ ڏيڻا ڪيا آھن، جيڪي جلد زمين مالڪن کي ڏنا ويندا.

حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي (M-10):

حيدرآباد-ڪراچي موٽروي (M-9) ڪاروبارين ۽ ڪورٽن جي مداخلت ڪري ھڪ موٽروي جي شڪل اختيار نه ڪري سگھيو، انڪري ان جي بدلي ۾ حيدرآباد کان سڌو بحريا کا مٿان کيرٿر پارڪ مان ۽ حب ڊيم ۽ ھمدرد يونيورسٽي ڀرسان ٿيندو، ڪي پي ٽي پل ڀرسان ويسٽ وارف پورٽ ۾ اختتام ڪندو. ھن کي حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي (M-10) نالو ڏنو ويو آھي. ھي 168 ڪلو ميٽر ڊگھو موٽروي 280 ارب لاڳت جو آھي، جنھن ۾ 150ڪلو ميٽر 6-لين ۽ ڪراچي شھر مان گذرندڙ 18 ڪلو ميٽر 8-لين جو ھوندو، ھن روڊ لاءِ به سرمائيڪاري ڳولھي پئي وڃي.

پاڪستان ۾ سڀني ڊراءِ پورٽن کي سامونڊي پورٽن سان ملائڻ لاءِ موٽرويز جو بنياد نواز شريف جي پھرئين دور ۾ رکيو ويو. 1990 ۾ بنيادي طور 10 موٽرويز وسيلي پشاور کان لاھور ۽ ڪراچي تائين ملائڻ جو منصوبو ھو. ٻئي دور ۾ ميان نواز شريف 1997 ۾ پاڪستان جي پھرين موٽروي لاھور- اسلام آباد موٽروي (M-2) جي شروعات ڪئي، جنھن ۾ اھي منصوبا ڏھن کان وڌي سورنھن ٿي ويا ۽ سمورن صوبن ۾ گورنمينٽ پاڪستان جي فنڊ سان ٺھي ويا، پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رٿيل منصوبا گورنمينٽ جا پئسا نه ملڻ ۽ سرمائيداري جي اميد ۾ نه ٺھي سگھيا.

سرمائيداري طور ٺھندڙ منصوبي کي BOT Project چئجي ٿو جنھن تحت ھڪ سرمائيدار ڪمپني ھڪ روڊ تي پنھنجو سرمايو لڳائي ٺاھيندي، پوءِ 25 سالن لاءِ ان روڊ تي ٽول ھڻي منافعي سوڌا پنھنجا خرچ ڪيل پئسا ڪڍندي ۽ 25 سالن کانپوءِ ٺھيل روڊ کي سٺي حالت ۾ حڪومت کي واپس ڪندي.