فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ امڪاني صورتحال
نگران حڪومت، سپريم ڪورٽ، سياسي پارٽيون سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته اليڪشن ڪنهن به صورت ۾ 8 فيبروري، 2024 تي ٿيندي، ان جي باوجود ملڪ ۾ سياسي ماحول ماٺار ۾ آهي، سياسي پارٽيون اليڪشن جي مهم جنهن طريقي سان هلائڻ کپي، ان طريقي سان نه پيون هلائن، ڪهڙا سبب آهن. ڇا اڃا به سياسي پارٽين کي ڪٿي ڪو شڪ آهي ته چونڊون مقرر تاريخ تي نه ٿينديون. اهڙي قسم جون ڳالهيون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وقتن بوقتن انهيءَ نموني سان ڪيون ٿيون وڃن ته ”طاقتور حلقن ۾ افواهه هلن ٿا ته اليڪشن ملتوي ڪئي ويندي“ اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري پوءِ پورو اڌ ڪلاڪ ان تي ڳالهائڻ مطلب اهو ڪنهن کي ٻڌايو ٿو وڃي ته اليڪشن ٿيڻ ۾ پڪ آهي يا نه. ٿيڻ ته ائين کپي ته هاڻي ميڊيا جا پروگرام ان تي ٿين ته اليڪشن کي شفاف بنائڻ جي لاءِ حڪومت، ڪورٽون، ڪهڙا بهتر اپاءَ وٺي سگهنديون. هاڻي ان شڪ جي فضا کي ختم ڪيو وڃي، پر شايد سياسي پارٽيون به انهيءَ خوف ۾ ورتل آهن، انهيءَ ڪري هو پوري طاقت سان اليڪشن جي مهم هلائيندي نظر نه پيون اچن. اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تي حلقه بندين جي فائنل لسٽ انائونس ڪندي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ڊسمبر جي ٻئين هفتي ۾ اليڪشن جو شيڊيول به اچي ويندو. اليڪشن جي اهميت ان ڳالهه مان واضح آهي ته صرف ان جي تاريخ مقرر ٿيڻ سان ملڪ جي معيشت بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. سرمائيڪارن جو اعتماد حڪومتي پاليسين ۾ بحال ٿيندي نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 60 هزار 600 سئو پوائنٽن کان مٿي وڃي رهي آهي، اميد آهي ته ڊسمبر مهيني ۾ 70 هزار پوائنٽون ڪراس ڪري ويندي، جيڪو معيشت جي سڌاري جو هڪ بهتر اهڃاڻ آهي. انهيءَ ماحول ۾ شڪ پيدا ڪرڻ وارن کي سازشي عنصر سمجهون ٿا. ڇو ته نگران حڪومت ڪيڏي به ڀلي هجي، پر اها چونڊيل ناهي. انهيءَ ڪري چونڊيل حڪومت اچڻ لاءِ اليڪشن جو ٿيڻ اڻٽر آهي. جيڪي ڪنهن به حوالي سان ملتوي ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. ايندڙ اليڪشن نون ليگ جو ۽ خاص طور اتي ان جي اڳواڻ ميان نواز شريف جو امتحان هوندي. نون ليگ پنجاب جي پوري خدمت ڪئي آهي ۽ نون ليگ کي اميد به پنجاب ۾ آهي. نون ليگ چاهي ٿي ته پنجاب جي 141 قومي سيٽن تان گهٽ ۾ گهٽ 100 سيٽون سندس حصي ۾ اچن. راڻا ثناءُالله ته 120 کان 125 سيٽن جي هام هڻي پيو. ميان صاحب جيڪو اڃا ڪورٽن ۾ متحرڪ آهي. عوامي جلسن ۾ متحرڪ نه ٿيو آهي. کيس پنجاب جي عوام ۾ ڇا ايترو يقين آهي ته پنجاب جو عوام نون ليگ جي ڪيل ماضي جي خدمت )جنهن ۾ پي ڊي ايم حڪومت جا 16 مهينا ڪڍي ڇڏيون( عيوض نون ليگ کي ايتريون سيٽون ڏيندو. هن وقت جڏهن پي ٽي آئي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته مرڪز ۾ پي ڊي ايم وانگر مخلوط حڪومت اچي، جيڪا ڳالهه ميان نواز شريف کي پسند نه آهي، ميان صاحب جي سوچ مطابق ڀلي پيپلز پارٽي کي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪريو، پر نون ليگ کي سادي اڪثريت ضرور ملڻ کپي، ڇا جي ڪري ته نون ليگ پنهنجين پاليسين ۾ خودمختيار ٿي فيصلا ڪري سگهي ۽ ڪنهن به ٻي پارٽي جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچي. سادي اڪثريت لاءِ سڌي چونڊ ۾ 134 سيٽن جي ضرورت آهي. اگر نون ليگ کي سندس توقع مطابق پنجاب مان 100 سيٽون ملي ٿيون وڃن، ته پوءِ بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي مان ڪوشش ڪري هو 25 کان 30 سيٽون حاصل ڪري ويندا ۽ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ جيڪڏهن 5/8 سيٽن جي گهٽتائي ٿي ته ڪنهن به ننڍي پارٽي کي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سرفهرست هوندي، پاڻ سان ملائي وٺندا. ڏسڻو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجو پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ فعال ڪري سگهي ٿي يا نه. باقي سنڌ ۾ هن وقت تائين پيپلز پارٽي کي ڪو خاص خطرو نظر نه پيو اچي، ڇو ته آصف زرداري جي گذريل انٽرويو مان اهو واضح ٿيو ته پيپلز پارٽي جو پورو زور صرف سنڌ تي هوندو ۽ سنڌ مان ئي کنيل قومي سيٽن تي مرڪزي سرڪار ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي. هاڻي پيپلز پارٽي وزيراعظم جي ڪنهن به صورت ۾ اميدوار نه آهي، جيڪو بيانيو بلاول ڀٽو کڻي ملڪ ۾ جلسا ڪري رهيو هو. آصف زرداري جي انهيءَ انٽرويو جي ڪري ان بيانيئي جي هاڻي ڪا خاص اهميت نظر نه ٿي اچي. آصف زرداري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هن کي سنڌ حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت ۾ حصو گهرجي، جيڪو ڪجهه شرطن پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس ملي ويندو ۽ پيپلز پارٽي ايندڙ پنجن سالن ۾ سنڌ سان ساڳيو ئي حشر ڪندي، جيڪو گذريل پندرنهن سالن کان ڪندا رهيا آهن. هاڻي رهي ٿو ڪي پي ڪي اتي مولانا فضل الرحمان ڪوشش ته ڪري پيو ته ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آئي کي هارائي سگهي، پر اڄ تائين پي ٽي آئي جو ڪي پي ڪي ۾ اسٽرانگ هولڊ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن پي ٽي آئي کي اليڪشن ۾ کلي مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وئي ته ڪي پي ڪي جي سيٽن ۾ وڏو حصو پي ٽي آئي جو ئي هوندو. ڀلي سندس اميدوار جيلن ۾ ڇو نه پيا هجن، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جون سڌي چونڊ ۾ 16 سيٽون آهن ۽ جهڙي طرح نون ليگ اليڪٽ ايبل کي قابو ڪيو آهي. نظر ائين ٿو اچي ته چڱو خاصو حصو نون ليگ کڻي ويندي. سنڌ جي اليڪٽيبل سان به نون ليگ رابطو ڪري رهي آهي، اها خبر ڊسمبر جي شروعات ۾ پئجي ويندي، جڏهن ميان نواز شريف سنڌ جو دورو ڪندو ته ساڻس سنڌ مان ڪي اهڙا اليڪٽيبل سندس پارٽي ۾ وڃن ٿا. ملڪ جو ساڃاهه وند طبقو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن مرڪز ۾ مخلوط حڪومت هوندي، ته پوءِ حال پي ڊي ايم جي 16 مهينن واري حڪومت جهڙو ٿيندو. ان لاءِ بهتر آهي ته ملڪ جو عوام اهڙو فيصلو ڪري جنهن سان ڪنهن به هڪ پارٽي کي گهٽ ۾ گهٽ سادي اڪثريت ضرور ملي ته جيئن هو پنهنجي منشور مطابق پاليسيون وضع ڪري ملڪ کي ڪنهن بهتر دڳ طرف وٺي وڃي ۽ سياسي پارٽين لاءِ به ضروري آهي ته پنهنجا منشور عوام جي لاءِ ٺاهين، نه ڪي اشرافيه جي لاءِ عوام اهو به چاهي ٿو ته ملڪ ۾ اشرافيه ڪلچر کي خاتمي لاءِ اپاءَ پڻ ورتا وڃن، جنهن جي شروعات چيف جسٽس ڪري چڪو آهي، ته ڪنهن به آفيسر کي صاحب نه سڏيو. ججن جي لاءِ ماءِ لارڊ وارو جملو ختم ڪريو، سپريم ڪورٽ کي اعليٰ عدالت نه سڏيو، جيئن آئين ۾ لکيل آهي، انهيءَ نالي سان سپريم ڪورٽ کي سڏيو وڃي. هاڻي ڪوشش ته ٿي رهي آهي آئين پٽاندڙ ڪم هلي، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته 75 سالن جو گند صاف ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ضرور هوندا آهن. عوام انهيءَ گند کي صاف ڪرائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندو؟ اميد ڪجي ٿي ته سندس ايندڙ اليڪشن ۾ فيصلو جذبات جي بنياد تي نه هوندو، پر سمجهه جي بنياد تي هوندو.
***

