ايڊيٽوريلخاصنئون

ترقيءَ لاءِ سنڌي قوم کي پنهنجي ثقافت جي حفاظت ڪرڻي پوندي

ثقافت قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي. سنڌي ثقافت دنيا جي قديم ثقافتن مان هڪ آهي. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي تهذيب سان گڏ مصر جي سوميري تهذيب هڪ ٻئي جون همعصر آهن. جتي انسان پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ پهريون دفعو شهري زندگي جيئڻ سکيو. جنهن جو وڏو مثال موهن جي دڙي جا آثار آهن. قديم تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل محقق ۽ سياح پنج هزار سال گذرڻ کانپوءِ به اڄ تائين انهيءَ ۾ دلچسپي رکن ٿا، ان جو سبب اهو آهي جو انسان جي تمدني ۽ تهذيبي زندگي اتان کان شروع ٿي آهي. اها ڪا گهٽ فخر جي ڳالهه نه آهي ته دنيا جي تهذيب جي تاريخ سنڌ کان شروع ٿئي ٿي. ثقافت انساني زندگي گذارڻ جي طور طريقي جو نالو آهي. اسانجي ثقافت شاهوڪار به آهي ۽ قديم به. سنڌ بلڪل آڳاٽي دور ۾ زندگي کي بهتر ڪيئن گذارجي، اهڙا ثقافتي اهڃاڻ دنيا کي ڏنا آهن. موهن جو دڙو ان جو ثبوت آهي. جتي موجود زماني جي شهري سهولتن جو نمونو موجود آهي، جيڪو مهر ڳڙهه جي تهذيب ۽ ثقافت جو به حصو هو. هڪ اهڙي تهذيب ۽ ثقافت جنهن کي پنهنجو عقيدو، لکت، فن ۽ زندگي جيئڻ جو بهتر طريقو موجود هو. اهو سڀ اڄ تائين پنج هزار سال گذرڻ بعد به ٿوري ئي فرق سان سڄي دنيا ۾ رائج آهي. هتي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته سڄي دنيا جي ثقافت موهن جي دڙي جي ثقافت جي سڌريل صورت آهي. سنڌي ثقافت جنهن جا بنياد اسان پنج هزار سال اڳ رکيا، اڄ به اسان ان ثقافت جا امانتدار آهيون ۽ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ان جو ثبوت آهي. اسين هن تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا وارث آهيون ۽ دنيا جي پراڻين ثقافتن، تهذيبن، تمدنن جو جڏهن ذڪر نڪري ٿو، تڏهن شروعات سنڌ کان ئي ٿئي ٿي. بجا طور چئي سگهجي ٿو ته انساني ثقافت سنڌي ثقافت مان ئي ڦُٽي نڪتي آهي. سنڌي ثقافت رواداري، انسان دوستي ۽ پنهنجن روين ۾ پُرامن سنڌي ماڻهو کي دنيا جي اڳيان پيش ٿي ڪري. اسانجي ثقافت جا پنهنجا رنگ آهن، اسانجي لباس جو پنهنجو ڍنگ آهي. اسانجي کاڌي پيتي جو سواد سڀني کان ڌار آهي. سبب انهيءَ جو اهو آهي جو سنڌي ثقافت پراچين ثقافت آهي، انهيءَ هزارين سالن جو سفر طئي ڪيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ جي ثقافت پنهنجو پاڻ ۾ ٻين ڪيترين ثقافتن کي جذب ڪندي ڪيترائي سفر طئي ڪيا آهن، پر ڪڏهن به پنهنجي بنياد کي تبديل ٿيڻ نه ڏنو آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته اسان شايد پنهنجي ثقافت کي وساريندا اچون، جنهن جي ڪري هاڻي اسان پنهنجن بنيادن کي ڪمزور ٿيندي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ اسانجي پُرامن ثقافت ۾ تشدد، اڻ سهپ، عورت جو مان جيڪو اسانجي ثقافت جو بنياد آهي، تعليم ۽ رواداري متاثر ٿيا آهن ۽ زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ پٺتي رهجي ويا آهيون. جڏهن ته اسانجي ثقافتي تاريخ شاندار رهي آهي، پر وقت جو جبر آهي جو ماضيءَ ۾ پُرامن رهندڙ تاريخ هاڻ پُرتشدد روين ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ ڏوهن، عورتن جو قتل، ٻارن سان ذيادتي، اڻ سهپ جو رويو وڌندو وڃي. اسان کي وري ان ساڳي روايت ڏانهن واپس ورڻو پوندو ۽ انهن بنيادن کي مضبوطي سان جهلڻو پوندو، جيڪا ايتري طاقتور آهي جو انهيءَ پنهنجي هزارن سالن جي مسافري ۾ پنهنجو پاڻ کي بهتري طرف به وڌايو ۽ پنهنجو دفاع به ڪيو. جنهن ۾ کِل ۽ خوشي آهي، مُرڪ ۽ محبت آهي، رنگ ۽ موسيقي آهي. اسانجي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جي روايت دنيا کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته انسان پنهنجين ثقافتن، ٻولين، ريتن ۽ رسمن تي فخر ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا کي اهو پيغام به ڏيون ٿا ته هو سنڌي ثقافت تي هڪ نظر وجهي ته ان ۾ ڪيترا خوبصورت رنگ شامل آهن، جن جو تعلق انسان جي روح سان به آهي. هن ڏهاڙي ملهائڻ جي ڪري سنڌ کي سڄي دنيا ۾ هڪ نئين سڃاڻپ ملي آهي ۽ دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا اتي ان ڏينهن کي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو. سنڌي ثقافت جي پلاند ۾ امن ۽ انسانيت جا ڪيترائي رنگ موجود آهن، پر هاڻي اهي رنگ ڪٿي نه ڪٿي ڌنڌلا ٿيندي نظر اچن ٿا، پر اسان سڀني کي گڏجي انهن رنگن کي وري ڳوڙهو ڪرڻو آهي ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻي آهي.
***