ايڊيٽوريلنئون

پڳڙيءَ جي نظام ڪراچيءَ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، سنڌ حڪومت ڪڏهن جاڳندي؟

ڪراچي سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هڪ ميٽرو پوليٽن شهر، جنهن ۾ بغير رٿابنديءَ جي هن وقت رهائشي اسڪيمون تعمير ٿي رهيون آهن. شهر جي خوبصورتي ڪيترائي سال اڳ موڪلائي وڃي چڪي آهي، روشنين جو شهر هن وقت هڪ پراڻي ۽ قديم شهر جو منظر پيش ڪري ٿو. سنڌ حڪومت هن شهر جي وارثي ڪندي نظر نٿي اچي، جيڪا حڪومت جي ذميداري آهي.

لينڊ گريبنگ مافيا هن شهر کي ايئن کائي رهي آهي ڄڻ هي ڪو مئل جانور هجي ۽ هر وحشي درندو ان مان پنهنجو حصو پٽي ان کي چٻاڙي رهيو هجي. انهيءَ تباهي ۽ برباديءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ “پڳڙيءَ جو نظام” رهائشي ملڪيتن لاءِ هڪ تاريخي ۽ غير رسمي رواج وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪرائي تي ڏنل ملڪيت جي حقن جي منتقلي جو هڪ مخصوص طريقو هوندو آهي، جنهن کي ڪابه قانوني پٺڀرائي حاصل نه آهي.

ان ۾ ڪرائي تي وٺندڙ ڌر مالڪ کي هڪ وڏي رقم ڏيندي آهي جنهن کي پڳڙي چيو ويندو آهي، جيڪا مارڪيٽ جي رقم کان ٿوري گهٽ هوندي آهي. پڳڙي جي ادائگي جي بدلي ڪرائيدار گهٽ ماهوار مسواڙ ادا ڪندو آهي ۽ ان ۾ مسواڙ تي رهندڙ ماڻهو کي اهو گمان به هوندو آهي ته هاڻي اها جاءِ سندس ملڪيت بڻجي سگهي ٿي يا بڻجي وئي آهي ۽ اتان کيس بي دخل نٿو ڪري سگهجي. هي نظام برطانوي راڄ دوران ممبئي ۾ شروع ٿيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ به پکڙجي ويو آهي.

ان نظام جو مقصد ٽيڪس کان بچڻ پڻ هو. پاڪستاني قومن پڳڙي کي واضح طور تي تسليم نه ڪيو آهي ۽ ان جون گهڻيون ذميواريون لکت ۾ اڄ ڏينهن تائين ناهن ٿينديون. بهرحال ڪجهه عدالتي فيصلن ۾ ان کي ٻن ڌرين جي وچ ۾ هڪ نجي معاملو قرار ڏنو ويو آهي. پڳڙي جو نظام اڻ سڌي طرح سرڪاري پلاٽن تي قبضو ۽ غير قانوني اڏاوتن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ وڏو سبب بڻجي چڪو آهي. جنهن کي سنڌ حڪومت قانون سازي ڪري شفاف طريقي سان دستاويزي نظام تحت مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندي نظر نه پئي اچي.

هن نظام تحت ماڻهو سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري بغير ڪنهن رجسٽريشن جي اهڙن پلاٽن يا جاين جي ڏي وٺ ڪندا رهندا آهن. جنهن سان لينڊ مافيا سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري غير قانوني اڏاوتون ڪري سرڪاري ملڪيتن کي ڦٻائي ناجائز آباديون وڌائي رهي آهي، جنهن سان ڪراچيءَ جهڙي شهر تي آباديءَ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ان کان علاوه ان ڳالهه جي به خبر ناهي ته ان پڳڙي جي نظام ۾ ڪهڙا ڪهڙا ادارا ۽ انهن جا نمائندا ڪرپشن ڪري هن صوبي کي ۽ صوبي جي گاديءَ واري هنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسان وٽ روينيو کاتو، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ٻئي موجود آهن، پر اهي ان غير قانوني ڪاروبار کي بند ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندي نظر نٿا اچن. هن وقت ڪراچي شهر جو بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي هڪ سمنڊ وانگر وڌڻ جو سبب صرف اهو ئي آهي ته پڳڙيءَ جو نظام هن سڄي شهر کي ڳڙڪائي رهيو آهي، جنهن سبب شهر جو انفرااسٽرڪچر تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. نه صرف ايترو ان سان غير قانوني ۽ غير معياري عمارتن جي ٺهڻ سبب ان ۾ رهندڙ ماڻهن جون جانيون به غير محفوظ آهن.

سنڌ حڪومت کي مڪمل طور تي ان بابت ڄاڻ حاصل آهي، پر شايد سياسي ۽ سماجي حساسيت جي ڪري ۽ پنهنجي ووٽ بينڪ کي بچائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت ان سڄي نظام کي چئلينج ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. جيڪڏهن حڪومت کي اهڙا چئلينجز آهن ته ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته اهڙي قانون سازي ڪري جنهن سان غريب ماڻهن کي سستا پلاٽ ملي سگهن ۽ انهن کي رجسٽرڊ پلاٽ الاٽ ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهي پنهنجا گهر ٺهرائي انهن سوسائٽين ۾ رهي سگهن.

هن پڳڙي واري نظام جي ڪري نه صرف شهر بغير رٿابندي جي وڌي رهيو آهي، پر ملڪ جي ٻين صوبن مان ڏوهاري ماڻهو سنڌ جي گادي واري هنڌ تي اچي پڳڙي تي گهر وٺي رهي پون ٿا، جن جي رهائش غير رجسٽرڊ ۽ غير دستاويزي هجڻ جي ڪري حڪومت انهن تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ۽ اهي پنهنجي غير قانوني ڪمن ۾ مصروف رهن ٿا. سنڌ رينٽيڊ پريميسز آرڊيننس 1979ع  تحت پڳڙي جي رقم کي اڳواٽ ڪرائي يا سيڪيورٽي  طور واپس وٺڻ يا ترتيب ڏيڻ ممڪن ناهي.

جيڪڏهن ڪنهن ڪرائي تي وٺندڙ ماڻهو پڳڙي جي رقم ادا ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هو بيدخلي کان بچي ويندو. هي نظام سئون سڌو سنڌ جي سرڪاري خزاني جي مٿان هڪ بوجهه بڻيل آهي ۽ سنڌ جي شهري ترقي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. ڇو ته سستي ۽ پڳڙي تي مليل رهائش سڄي ملڪ جي غريب ماڻهن کي ڪراچيءَ ڏانهن ڇڪي ٿي، جنهن سان ڪراچيءَ جي وسيلن تي بار پوي ٿو ۽ سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ جنهن کي رٿابندي جي حساب سان تعمير ٿيڻ گهرجندو هو ۽ خوبصورت نظر اچڻ کپندو هو، پر اهو سڀني جديد سهولتن کان وانجهيل نظر اچي ٿو. حڪومت جيڪڏهن هڪدم قانون سازي ڪري ان نظام کي تربيتوار ختم ڪندي ته ان سان جديد ۽ محفوظ عمارتون تعمير ٿينديون. پڳڙيءَ وارو نظام ختم ٿيڻ سان شهر رٿابندي تحت تعمير ٿيڻ سان غير قانوني رهائش پذير ماڻهن کان آزاد ٿي ويندو.

شفاف رجسٽريشن ٿيڻ سان حڪومت جي ٽيڪسن ۾ واڌ ايندي، خريد ۽ فروخت ۾ آساني ٿيندي ۽ ملڪيتن جي مالڪي ۽ قبضي جو واضح رڪارڊ هجڻ سان پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ ڏوهارين ۽ دهشتگردن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي پناهه گاهن کي ڳولهڻ آسان ٿي پوندو. ان سان گڏوگڏ ريئل اسٽيٽ ۾ نئين زمين پيدا ٿيندي جيڪا معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ تعميراتي شعبي ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ڪندي.

اميد آهي ته سنڌ حڪومت ۽ عدالتون سرڪاري زمينن تي قبضاگيرن کان جيڪي پڳڙي جي نالي تي ڏهاڪن کان سنڌ جون زمينون ڦٻائي ۽ ان کي بار بار وڪڻي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، انهن کان قبضا خالي ڪرائيندي انهن جو مين رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ شفافيت سان ڪم ڪندي ته جيئن سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هڪ ڀيرو وري پنهنجو اوج حاصل ڪري خوبصورتي سان نروار ٿي سگهي ۽ روشنين جو شهر بڻجي دنيا جي خوبصورت ميٽرو پوليٽن شهرن ۾ شامل ٿي سگهي.