بلاگنئون

انڊس ريور سسٽم تي ٺهندڙ ڪئنال ۽ چولستان پروگرام

سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنال ۽ چولستان پروگرام سنڌ جي زندگيءَ لاءِ ھڪ وڏو خطرو آھي جيڪو ايندڙ وقت اسان لاءِ اڃ ۽ بک جو ئي نه، پر اسان جي نسل کي صحرا ڀيڙو ڪندڙ منصوبو آھي. سنڌو درياءَ سنڌ جي پاڻي جو درياءَ ئي نه، پر ھي سنڌ جو سڪون، ساھ، خوشي ۽ اونڌاري ۾ ڄڻ روشني آھي جياپي لاءِ ساھ جي رڳ آهي، سنڌو درياءَ هزارين ورهين کان سنڌي تهذيب، زراعت، ثقافت، واپار ۽ ماحوليات جي لاءِ ساهه جيان رهيو آهي. هن درياءَ جي وهڪري سان ئي سنڌ جي زمين سرسبز رهي ٿي، هتان جا ماڻهو آباد رهن ٿا ۽ هڪ مهذب معاشرو پنھنجو وجود قائم رکي ٿو، پر افسوس جو مقام آهي ته اڄ اهو ئي درياءَ سياسي مفادن، پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ وسيلن تي قبضي جي سازشن جو شڪار بڻجي ويو آهي. تازو ئي “چولستان پروگرام” جي نالي سان جيڪو منصوبو وفاقي حڪومت سامهون آندو آهي، اهو سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهي، پنجاب جي ريگستاني علائقي چولستان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پر ان جو سڌو سنئون نقصان سنڌ کي پهچندو ته ڇا جي اسان ايئن سمجھون ته بلڪل به غلط نه ھوندو ته چولستان پروگرام پنجاب جي ترقي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو آهي.

چولستان پروگرام جي بنيادي دعويٰ آهي ته پنجاب جي ريگستاني علائقن کي آباد ڪري، اتي زرعي انقلاب آڻڻ، مقامي آباديءَ لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ ۽ خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ مقصد آهي، پر جڏهن ان منصوبي جي گھرائي سان جاچ ڪئي وڃي ٿي ته خبر پوي ٿي ته اها ترقي نه، پر سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي هڪ منظم منصوبي جي شڪل آهي. هن وقت ماحوليات جا ماهر ۽ حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته سنڌو درياءَ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ برساتون گهٽ هجڻ جي ڪري پورو پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار آهي، اهڙي صورت ۾ جڏهن پاڻي گهٽ ٿيندو هجي، برساتون اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ٿينديون هجن ته سنڌوءَ جي سسٽم مان پاڻي ڪڍڻ غير قانوني، غير آئيني ۽ غير فطري  آهي، نه صرف ايترو، پر وفاقي اصولن جي ڀڃڪڙي به آهي. سنڌو درياءَ بابت 1991ع جو پاڻي ورڇ وارو معاهدو صاف لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته ڪو به صوبو، بغير ٻين صوبن جي منظوريءَ جي، ڪوبه نئون ڪئنال يا منصوبو شروع نه ڪندو، پر چولستان پروگرام ان معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

سنڌ لاءِ ھڪ وڏو خطرو پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي:

سنڌ جو وڏو حصو زراعت تي دارومدار رکي ٿو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي فراهمي گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر سميت ڪيترائي علائقا ڏڪار هيٺ آهن، زمين جي بنجر ٿيڻ ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي. جيڪڏهن نوان ڪئنال تعمير ٿيا ته اهي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. سنڌ جون زمينون پوکڻ لائق نه رهنديون ۽ پاڻيءَ لاءِ وڏيون ويڙهون جنم وٺنديون. ان درياءَ جي فطري وهڪري ۾ مداخلت سان ڪيترائي نقصان رسندا. درياءَ جي جڏهن وهڪري ۾ زبردستي تبديليون آڻبيون آهن، نوان ڪئنال ڪڍبا آهن ته ان سان نه فقط درياءَ جي حياتي متاثر ٿئي ٿي، پر ساحلي ماحول، سامونڊي زندگي ۽ زميني توازن به بگڙجي ٿو. سنڌ جي دريائن ۾ آبي حيات، خاص ڪري مڇي ۽ جهينگو ۽ ٻين نسلن جي خاتمي جو امڪان وڌي وڃي ٿو. ھي چولستان پراجيڪٽ پروگرام ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ تي ھڪ انتھائي گھرو وار آھي جيڪو چولستان پروگرام جي نالي ۾ اهو به خدشو موجود آهي ته نوان آبادڪاريءَ جا سلسلا شروع ڪيا ويندا. تاريخ شاهد آهي ته وفاقي ادارا، مختلف ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪري مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا حربا استعمال ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن چولستان علائقو آباد ڪيو ويو ته اها ساڳي روش وري دهرائي ويندي. نتيجي طور نقصان سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ، ٻولي ۽ علائقائي ساڃاهه کي سخت نقصان پهچندو. ھتي ته قانوني ۽ سياسي بدديانتي واضح آھي ته چولستان پروگرام کي پيش ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي طريقيڪار مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پاران ڪنهن به لاڳاپيل صوبن، خاص ڪري سنڌ سان ڪوبه صلاح مشورو نه ڪيو ويو آهي. اهو وفاقي جمهوريت جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ هميشه کان ئي پاڻيءَ جي ورڇ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي رهي آهي، پر ان جي آوازن کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ، نوان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ جيڪا رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان جو مقصد صرف زرخيز زمين ٺاهڻ نه آهي. ڇو ته زرخيز زمين کي ملندڙ پاڻي روڪي غير آباد زمين بنجر زمين کي ڪئنال ڪڍي پاڻي ڏيڻ جو مطلب ته ھٿ سان سرسبز سنڌ  کي بنجر ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي ھڪ پل ته ايئن ٿو لڳي ته سياسي طور تي وفاق جي صرف هڪ صوبي پنجاب کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ٻين صوبن جي وسيلن جو رخ به غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي پنجاب ڏانهن پيو موڙيو وڃي ته جيئن انهن وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول قائم رکي سگهجي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هي منصوبو واڌاري کان وڌيڪ وسيلن جي مرڪزي قبضي جو هٿيار هجي. گذريل ڇھن مھينن کان سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي ھتي ٻار کان پڪي پوڙھي تائين سمورا ماڻھو روئي پٽي اها گهر ڪري رهيا آهن، ھتان جو ھاري ناري، شاگرد استاد، مزدور، سياسي سماجي ورڪر، ڊاڪٽر وڪيل، عورت يا ماءُ ۽ کير پيئندڙ ٻار سڀ چئي رھيا آھن نو مور ڪئنال آن انڊس ريور اھو سنڌ جو مطالبو جيڪو اڄ سياسي ڪنن ۾ پڻ گونجي رھيو آهي، پر ان تي عمل اڃان ڪونهين ڏور نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ماحولياتي حلقن پاران واضح مطالبو ڪيو ويو آهي ته الصوبائي معاهدي جي مڪمل طور تي پاسداري ڪئي وڃي ۽ سنڌو ريور سسٽم تي ڪوبه نئون ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي.

سنڌ کي پاڻيءَ جي فوري فراهمي ڪئي وڃي، درياءَ جي قدرتي وهڪري کي بحال ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تباهيءَ کان بچاءُ لاءِ بين الاقوامي اصولن تي عمل ڪيو وڃي. وفاقي ۽ بين الاقوامي سطح تي سنڌو درياءَ کي هڪ “محفوظ حياتي نظام” طور تسليم ڪيو وڃي، جيئن ان کي غير ذميوار منصوبن کان بچائي سگهجي. چولستان پروگرام جي نالي ۾ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي رٿا، سنڌ جي وجود لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. اهو منصوبو ترقيءَ کان وڌيڪ سياسي بالادستيءَ، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جو اڳواٽ اعلان آهي. سنڌ جي عوام، سياسي قيادت ۽ شهري سماج کي گهرجي ته هن خطري کي سنجيدگي سان وٺن، پنهنجو آواز اٿارين ۽ پنهنجي درياءَ، زمين ۽ سڃاڻپ جي بچاءُ لاءِ متحد ٿين. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسلن لاءِ رڳو بنجر زمينون، درياءَ جي پيٽ ۾ اڏندڙ واري ۽ تباهه ٿيل تهذيبون ئي بچنديون.