اڄ جي سماج ۾ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ خطرناڪ رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي سخت ضرورت آهي. اها حقيقت هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي رهي ته نوجوانن ۾ خودڪشي جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. زندگي هڪ نعمت آهي، پر ڪيترن نوجوانن لاءِ ڄڻ بوجھه بڻجي وئي آهي. معمولي مسئلا، ننڍڙيون ناڪاميون يا گهريلو ناراضگيون ايتري حد تائين دل تي اثر انداز ٿين ٿيون جو نوجوان صبر ۽ همت جي بدران انتهائي قدم کڻڻ لڳن ٿا. پسند جي شادي نه ٿئي ته ڪو نوجوان زندگيءَ کان ئي بيزار ٿي وڃي ٿو، ڪا خواهش پوري نه ٿئي ته مايوسي کيس موت ڏانهن ڌڪي ٿي ڇڏي، ڪو زال سان ڪاوڙجي پنهنجي ساهن جو ڏيئو وسائي ڇڏي ٿو ته ڪو والدين جي ناراضگي کي دل تي اهڙو ته لڳائي ٿو جو پنهنجي ئي زندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويهي ٿو. افسوس جو اڄڪلهه ننڍن ننڍن معاملن تي اهڙا خطرناڪ قدم کنيا پيا وڃن، ڄڻ زندگيءَ جي قيمت ئي گهٽجي وئي هجي. اهو تصور غلط آهي ته صرف غربت يا محروميءَ جو شڪار ماڻهو ئي خودڪشي ڪن ٿا. حقيقت گهڻي تلخ آهي، ڇو ته معاشي طور خوشحال ۽ سماجي طور بااثر ماڻهو به هن اونداهي رستي ڏانهن وڌندا پيا وڃن. ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته ماڻهو ۽ سرڪاري عهدن تي ويٺل آفيسر به ذهني دٻاءُ، مايوسي ۽ اڪيلائي جي ور چڙهي زندگيءَ جو انت آڻي رهيا آهن. ڪنهن کي ڦاهيءَ جو ڦندو آخري سهارو لڳي ٿو، ڪو پاڻ مٿان گولي هلائي ٿو ته ڪو وري درياءَ جي ڇولين حوالي ٿي زندگيءَ جي داستان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هر روز اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي ايندڙ اهڙيون خبرون صرف واقعا ناهن هونديون، پر سماج جي ضمير لاءِ هڪ سوال بڻجي بيهنديون آهن ته آخر اسان جي نوجوانن جي دلين ۾ اميد ڇو ختم ٿيندي پئي وڃي؟