بلاگنئون

نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشي جو رجحان‎

اڄ جي سماج ۾ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ خطرناڪ رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي سخت ضرورت آهي. اها حقيقت هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي رهي ته نوجوانن ۾ خودڪشي جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. زندگي هڪ نعمت آهي، پر ڪيترن نوجوانن لاءِ ڄڻ بوجھه بڻجي وئي آهي. معمولي مسئلا، ننڍڙيون ناڪاميون يا گهريلو ناراضگيون ايتري حد تائين دل تي اثر انداز ٿين ٿيون جو نوجوان صبر ۽ همت جي بدران انتهائي قدم کڻڻ لڳن ٿا. پسند جي شادي نه ٿئي ته ڪو نوجوان زندگيءَ کان ئي بيزار ٿي وڃي ٿو، ڪا خواهش پوري نه ٿئي ته مايوسي کيس موت ڏانهن ڌڪي ٿي ڇڏي، ڪو زال سان ڪاوڙجي پنهنجي ساهن جو ڏيئو وسائي ڇڏي ٿو ته ڪو والدين جي ناراضگي کي دل تي اهڙو ته لڳائي ٿو جو پنهنجي ئي زندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويهي ٿو. افسوس جو اڄڪلهه ننڍن ننڍن معاملن تي اهڙا خطرناڪ قدم کنيا پيا وڃن، ڄڻ زندگيءَ جي قيمت ئي گهٽجي وئي هجي. اهو تصور غلط آهي ته صرف غربت يا محروميءَ جو شڪار ماڻهو ئي خودڪشي ڪن ٿا. حقيقت گهڻي تلخ آهي، ڇو ته معاشي طور خوشحال ۽ سماجي طور بااثر ماڻهو به هن اونداهي رستي ڏانهن وڌندا پيا وڃن. ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته ماڻهو ۽ سرڪاري عهدن تي ويٺل آفيسر به ذهني دٻاءُ، مايوسي ۽ اڪيلائي جي ور چڙهي زندگيءَ جو انت آڻي رهيا آهن. ڪنهن کي ڦاهيءَ جو ڦندو آخري سهارو لڳي ٿو، ڪو پاڻ مٿان گولي هلائي ٿو ته ڪو وري درياءَ جي ڇولين حوالي ٿي زندگيءَ جي داستان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هر روز اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي ايندڙ اهڙيون خبرون صرف واقعا ناهن هونديون، پر سماج جي ضمير لاءِ هڪ سوال بڻجي بيهنديون آهن ته آخر اسان جي نوجوانن جي دلين ۾ اميد ڇو ختم ٿيندي پئي وڃي؟

تازو ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ڪيترين ئي دلين کي جهاٻوڙي ڇڏيو. هڪ ڊگري يافته نوجوان نياڻي شديد مايوسي جي عالم ۾ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خوشقسمتي سان اتي موجود ماڻهن جي بروقت همت ۽ انسانيت سبب کيس بچائي ورتو ويو. جيڪڏهن اهي ماڻهو وقت سر اڳتي نه اچن ها ته شايد هڪ وڌيڪ خوابن سان ڀريل زندگي خاموشيءَ سان پاڻيءَ جي وهڪري ۾ گم ٿي وڃي ها. اهڙا واقعا اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته آخر اسان جو سماج نوجوانن کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. اصل مسئلو ذاتي ناڪامين يا گهريلو جهيڙن تائين محدود ناهي، پر ان جي پاڙ سماجي بيحسي، معاشي دٻاءُ، بيروزگاري، ذهني پريشاني ۽ وڌندڙ مايوسي ۾ لڪل آهي. نوجوان نظام جي بيحسي ۽ پنهنجي اميدن جي مري وڃڻ ڪري خود کي به ختم ڪري ڇڏي ٿو. گڏوگڏ گهرن ۽ سماج ۾ وڌندڙ دٻاءُ ۽ سوشل ميڊيا تي ٻين جي چمڪندڙ زندگين جو اثر به ڪيترن نوجوانن کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن انسان جي دل ۾ اميد جو چراغ وسامي وڃي ته پوءِ ننڍڙو مسئلو به جبل بڻجي سامهون بيهي ٿو. زندگي دراصل اميد ۽ آزمائش جي وچ ۾ هلندڙ هڪ ڊگهو سفر آهي. انسان جڏهن دنيا ۾ اکيون کولي ٿو ته هن جي دل ۾ بيشمار خواب جنم وٺن ٿا، پر وقت جي وهڪري سان ڪيترائي خواب ٽٽي پون ٿا. حقيقت اها آهي ته ناڪامي، محرومي ۽ تڪليف زندگي جو فطري حصو آهن؛ اهي انسان کي ٽوڙڻ بجاءِ تعمير لاءِ اڳيان اچن ٿا، پر جڏهن سماج ۾ برداشت گهٽجي وڃي ۽ دلين ۾ اميد جا ڏيئا وسامي وڃن ته پوءِ انسان مسئلن کي زندگي جي سبق طور قبول ڪرڻ بدران موت جو آسان رستو اختيار ڪندو آهي. فلسفو اهو ٿو سيکاري ته زندگيءَ جي قيمت ڪاميابين ۾ نه، پر جدوجهد ۾ لڪل آهي، ڇو ته هر اونداهه کانپوءِ روشني جنم وٺندي آهي، شرط رڳو اهو آهي ته انسان صبر سان وقت جي آزمائش مان گذرڻ جي همت رکي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سماج هن خطرناڪ رجحان کي رڳو خبر يا حادثو سمجهي نظرانداز نه ڪري، پر ان جي سببن تائين پهچڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي. والدين کي پنهنجي ٻارن سان حاڪم بدران دوستاڻو رشتو قائم ڪرڻ گهرجي ۽ کين اهو احساس ڏيارين ته هر مسئلي جو حل موت نه، پر صبر، حوصلي ۽ گڏيل سهڪار ۾ لڪل هوندو آهي. تعليمي ادارن ۾ به ذهني صحت بابت آگاهي ۽ نفسياتي رهنمائي جو بندوبست ٿيڻ گهرجي، حڪومت لاءِ به ضروري آهي ته نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ته جيئن مايوسي بدران اميد جنم وٺي. زندگي هڪ قيمتي امانت آهي، جيڪا هڪ پل جي جذباتي فيصلي سان ختم ڪرڻ نه رڳو پنهنجن سان ظلم آهي، پر سماج لاءِ به وڏو نقصان آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن جي دلين ۾ اميد، اعتماد ۽ سهارو پيدا نه ڪري سگهنداسين ته خودڪشي جا اهي واقعا وڌندا رهندا ۽ هڪ ڏينهن شايد اسان کي احساس ٿيندو ته اسان جو مستقبل آهستي آهستي مايوسي جي اونداهي ۾ گم ٿي ويو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان وقت سر جاڳنداسين يا خاموشي سان پنهنجي نوجوان نسل کي مايوسي جي کاهي ۾ ڪرڻ ڏينداسين؟