بلاگنئون

ضلعي ڪشمور جي اڪائونٽس آفيس ۾ حد درجي جي بدانتظامي

سنڌ جي سرڪاري ادارن جو بنيادي مقصد عوام ۽ سرڪاري ملازمن کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، پر بدقسمتي سان ڪجهه هنڌن تي انتظامي ڪمزورين ۽ لاپرواهي سبب عوام کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙي ئي صورتحال ضلعي ڪشمور جي اڪائونٽس آفيس ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي ڪيترن ئي مهينن کان انتظامي بي ضابطگين بابت شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن. مليل ڄاڻ موجب ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالرسول ابڙو ۽ اڪائونٽ آفيسر ظهير احمد ميمڻ جي انتظامي بدانتظامي سبب آفيس جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي مهينن کان آفيس بنا مڪمل عملي جي هلي رهي آهي، جنهن ڪري سرڪاري ملازمن جا روزمره جا اهم ڪم رڪجي ويا آهن. شڪايتن موجب ڪيترن ئي ڏينهن تي آفيس تي تالو لڳل هوندو آهي ۽ سائلن کي پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ گهڻو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترائي سرڪاري ملازم جيڪي پري وارن علائقن مان سوين ڪلو ميٽر سفر ڪري آفيس پهچن ٿا، سي مايوسيءَ مان هٿين خالي موٽي وڃن ٿا. خاص طور تي تازو ڀرتي ٿيل JEST (جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر) استاد گذريل تقريبن 10 مهينن کان پنهنجي ID کولڻ ۽ پگهارن جي جاري ٿيڻ لاءِ سخت پريشان آهن. ڪيترائي نوان استاد پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ باوجود اڃان تائين پگهارن کان محروم آهن، جنهن سبب سندن معاشي حالتون متاثر ٿي رهيون آهن.

ٻئي طرف مختلف ذريعن موجب ڪجهه مقامي ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جهڙن ضلعن ۾ ويهي ماڻهن جا ڪم پئسن جي عيوض ڪرائڻ جا دعويدار آهن. مقامي ماڻهن موجب اهي ايجنٽ مقامي ماڻهن مان ئي آهن ۽ انهن جي سرگرمين بابت ثبوت پڻ موجود آهن. اهڙن ايجنٽن ذريعي سرڪاري ملازمن جا ڪم ڪرائڻ جي نالي تي رقمون ورتيون پيون وڃن، جڏهن ته اصل آفيس ۾ ايندڙ ملازمن کي مناسب رهنمائي يا حل نٿو ملي. اهڙي صورتحال سبب عام ۽ غريب سرڪاري ملازم سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجا جائز ڪم ڪرائڻ لاءِ بار بار آفيس جا چڪر ڪاٽين ٿا، پر کين ڪوبه واضح حل نٿو ملي. نتيجي طور ڪيترائي ماڻهو مجبور ٿي انهن ايجنٽن ذريعي پئسا ڏئي پنهنجا ڪم ڪرائڻ تي مجبور ٿين ٿا، جيڪو سرڪاري نظام جي شفافيت تي وڏو سوال اٿاري ٿو. سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ادارن ۾ اهڙي قسم جي بدانتظامي جاري رهي ته عوام جو اعتماد ادارن تان ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو. شفافيت، ايمانداري ۽ احتساب سرڪاري نظام جا بنيادي اصول آهن، جن تي سختي سان عمل ٿيڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ٽريزري کاتو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ۽ لاڳاپيل اختياريون هن صورتحال جو فوري نوٽيس وٺن ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر يا فرد جي خلاف بدانتظامي يا ڪرپشن ثابت ٿئي ته قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن متاثر ٿيندڙ ملازمن خاص طور تي JEST استادن کي انصاف ملي سگهي ۽ سندن پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن.