اينٽي ٽيريرزم ڪورٽ، 3 ڊسمبر 2025 تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ کي بغاوت ۽ ٻين الزامن جي ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو. مٿس الزام هو ته هوءَ سيڪيورٽي ادارن جي مٿان الزام هڻي عوام کي گمراهه ڪري رهي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪيس ڪراچي عدالت مان ختم ٿي ويو آهي، پر ٻين ڪيترن ئي مقدمن ۾ اڃان سندس ڪيس دستور مطابق هلي رهيا آهن ۽ ماهرنگ بلوچ هن وقت ڪوئيٽا جي هڪ جيل ۾ قيد آهي. اي ٽي سي ڪورٽ نمبر 5 مطابق مدعي ايف آءِ آر ته درج ڪرائي، پر پنهنجي موقف ۾ ڪوبه ثبوت ۽ گواهه پيش نه ڪري سگهيو. ڪراچيءَ ۾ سندس وڪيل محمد جبران ناصر هي ڪيس وڙهي رهيو هو ۽ کيس K-256 تحت بريت ملي آهي. ماهرنگ بلوچ بلوچستان جي هڪ نوجوان متحرڪ اڳواڻ بڻجي سامهون آئي آهي، جيڪا جبري گمشدگين جي باري ۾ رياست کان انهن ماڻهن جي رهائي جو مطالبو ڪري ٿي، جيڪي سندس خيال موجب رياست وٽ آهن.
ڪيتري عرصي کان ماهرنگ بلوچ ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ تڪرار هلي رهيو آهي. ماهرنگ بلوچ جو مطالبو آهي ته رياستي ادارن هٿان ماڻهن جي جبري گمشدين کي ختم ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون اڳيان جوابده بڻايو وڃي. هوءَ سڌو سنئون سيڪيورٽي ادارن جي پاليسين تي سوال اٿاريندي موقف اختيار ڪري ٿي ته بلوچستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي ادارن جو هٿ آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن جو موقف آهي ته بدامني صرف دهشتگردن ۽ پرڏيهي مداخلت جو نتيجو آهي. گمشدگين جي ڪيسن کي اڳيان کڻي هلندي ماهرنگ بلوچ پاران ڪيترائي لانگ مارچ ڪيا ويا، ڌرڻا هنيا ويا ۽ هن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ عوام جي چڱي خاصي حمايت حاصل ڪئي. جنهن جي ڪري رياست کي هڪ قسم جو دٻاءُ محسوس ٿيڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ ماهرنگ بلوچ مٿان دهشتگرديءَ جا مقدمه قائم ٿيا. هن وقت به بلوچ يڪجهتي ڪميٽي بلوچستان ۾ پنهنجي طئي ڪيل مقصد تحت انساني حقن جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مرڪزي ۽ منظم پليٽ فارم طور نظر اچي ٿي.
هن ڪميٽي جي ليڊر شپ نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي پنهنجي موقف ۾ بلڪل واضح ۽ چٽا آهن. 2023ع جي آخر ۽ 2024ع جي شروعات تائين ماهرنگ بلوچ بي واءِ سي پاران اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب آڏو به هڪ ڌرڻو هڻي گمشده ماڻهن جي گمشدگين بابت پرامن احتجاج ڪيو هو، پر اتي پوليس رات جي وقت ڪارروائي ڪري ڌرڻو هڻندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اتان زبردستي هٽايو. ڪيترن ئي مرد ۽ عورت ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن تي قومي ميڊيا ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ رهيو ۽ رياست طرفان اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ان ڌرڻي سبب ٽريفڪ ۾ خلل پيدا ٿي رهيو هو ۽ ڌرڻو هڻندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا هئا. ڏٺو وڃي ته ماهرنگ بلوچ پنهنجي جدوجهد ۾ پرامن احتجاج، ڌرڻا ۽ لانگ مارچن جو سهارو ورتو آهي ۽ سندس پٺيان بلوچستان جو عوام وڏي تعداد ۾ بيٺل نظر اچي ٿو ۽ سڄي دنيا ان احتجاج تي فوڪس ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿي. جنهن جي ڪري حڪومت ۽ رياست کي بيچيني محسوس ٿئي ٿي. اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته ڪراچي اي ٽي سي ڪورٽ مان ماهرنگ بلوچ باعزت بري ٿي وئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اڃان تائين رياستي ادارن مان انصاف جي فراهمي جي اميد رکي سگهجي ٿي جيڪا هڪ مثبت ڳالهه آهي.
ان طريقي سان رياست جا سڀئي ادارا ڪم ڪندي پنهنجي ملڪ جي عوام کي تعميري طريقي سان ڳالهه ٻولهه ڪري انگيج ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن حڪومت ۽ رياست چاهين ٿا ته بلوچستان ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ عوام جو اعتماد بحال ٿئي ته انهن کي ماهرنگ بلوچ ۽ بي واءِ سي سان قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي ڊائيلاگ ڪرڻ گهرجي. حڪومت وٽ طاقت ضرور آهي، پر ان طاقت کي تشدد جي لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، پنهنجن نوجوانن کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي ڪائونسلنگ ڪري ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري. بي واءِ سي جنهن مسئلي تي پنهنجو آواز اٿاري ٿي ان بابت شفاف تحقيق ڪئي وڃي ته جيئن عوام اندر اعتماد بحال ٿي سگهي. ان کان علاوه هن وقت جن به سياسي ڪارڪنن تي سياسي ڪيس ٺهيل آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. مطلب ته ماهرنگ بلوچ کي هن وقت رياست دشمن سمجهڻ بدران هڪ شهري سمجهي آئيني حق ڏئي قانوني طريقي سان شفافيت سان ڊيل ڪيو وڃي. جيڪڏهن هن ڪٿي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته کيس ان بابت آئيني طور تي سزا ملڻ گهرجي، پر مٿس ڪوڙا ڪيس نه هلائڻ گهرجن. ڇو ته هوءَ هڪ وڏي نوجوان طبقي جي ليڊر بڻجي اڳيان اچي چڪي آهي. بهتر اهو آهي ته سندس سياسي طاقت کي مثبت طريقي سان رياست پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري ۽ بلوچستان جي عوام اندر رياست مخالف رويي کي ختم ڪري. جيڪڏهن رياست ان حل طرف ويندي ته بلوچستان اندر دهشتگرديءَ وارو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.