بلاگنئون

حقيقي صحافت ضمير جي آئيني اڳيان

صحافت جو پيشو لفظن جو ڪو کاتو ناهي، اهو ضميرن جو ذميوار مينار آهي، جتي هر تحرير، هر خبر ۽ هر تبصرو سماج جو آئينو بڻجي سامهون اچي ٿو. حقيقي صحافت فقط خبر ڏيڻ جو نالو ناهي، پر ڄاڻ، سچائي ۽ شعور جو اهو سفر آهي، جيڪو ماڻهن کي محفوظ، باخبر ۽ باوقار بڻائي ٿو. جنهن وقت قلم ماڻهو جي تڪليفن جو ترجمان بڻجي ٿو، تڏهن صحافت محض شعبو نه، پر عبادت بڻجي وڃي ٿي. اڄ جي دنيا ۾، جتي گمراهه ڪندڙ آواز بلند ٿي چڪا آهن، اتي ضرورت آهي اهڙي صحافت جي جيڪا خلق جي خدمت کي پنهنجو مرڪز بڻائي. حقيقي صحافت اهوئي آئينو آهي جيڪو طاقت ۽ حڪمرانن جي فيصلي کي نه، پر ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن کي پڙهي ٿو. صحافت جو اصل امتحان اهو نه آهي ته خبر ڪيتري تيز پهتي، پر اهو آهي ته اها خبر ڪيتري ايمانداريءَ سان پهتي، ڪيتري انسان دوست هئي، ۽ ڪيتري خلق جي ڪم آئي۔

صحافت جو سچ سڀني کان ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سچ هر در تي وڄ وانگر لڳندو آهي، پر حقيقي صحافي ان خوف کان آزاد هوندو آهي. هو زبان نه، پر ضمير جي آڱر سان لکي ٿو. حقيقي صحافت، ظلم جي اڳيان بيهي سچ چوندي آهي، بنا ڪنهن دٻاءُ، بنا ڪنهن لالچ جي۔ حقيقت جو اهو سفر سيکاري ٿو ته صحافت مصلحت سان نه، پر ايمانداري سان جنم وٺندي آهي. ڪنهن به عظيم سماج جي تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته جڏهن قلم وڪيا ته قومون برباد ٿيون ۽ جڏهن قلم ضمير سان گڏ ڪم ڪيو ته مستقبل روشن ٿيو.

خلق جي خدمت ڪندڙ صحافت جو سڀ کان وڏو مقصد اهو آهي ته هو دردن کي آواز ڏئي، ڏکن کي لفظ ڏئي ۽ ماڻهن کي اميد ڏئي. هڪ سٺي خبر ڏسندڙ يا پڙهندڙ کي صرف باخبر نه ڪري ٿي، پر فڪر، احساس ۽ سجاڳي سان به ڀري ٿي. اها ماڻهن کي ٻڌائي ٿي ته سندن مسئلا اڪيلائي ۾ نه آهن، ڪنهن جي دل انهن لاءِ به ڌڙڪي ٿي، ڪنهن قلم جي نوڪ پنهنجي پستي ۾ سندن سڏ ٻڌي ٿي. سماج کي روشني، ترتيب ۽ توازن ڏيڻ ۾ صحافت جو ڪردار بنيادي آهي۔ حقيقي صحافت سوال پيدا ڪري ٿي، جواب نه لڪائي ٿي، خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي، نه ڪي ان تي پردو وجهي ٿي. اها ماڻهن ۽ رياست جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪري ٿي پل جيڪا اعتبار، شفافيت ۽ ايمانداري تي ٻڌل هجي۔

اسان لاءِ ضروري آهي ته صحافت کي واپار نه بڻايون، خبر کي جنس نه بڻايون ۽ حقيقت کي مذاق نه بڻايون۔ صحافت جيڪڏهن خلق جي خدمت کان هٽي وڃي ته پوءِ اها رڳو هڪ ڏيکاءُ رهجي وڃي ٿي، جنهن مان روشني نه، پر فقط شور نڪري ٿو۔

سچ، ضمير ۽ ذميواري سان جڙيل صحافت ئي اها صحافت آهي جيڪا قومن جو مستقبل سنواريندي آهي، ماڻهن ۾ اعتماد وڌائيندي آهي ۽ سماج کي ظلم ۽ اونداهين جي هٿن کان بچائيندي آهي۔ خلق جي خدمت ڪندڙ قلم سڀ کان وڏو فرض ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو لفظن جي ذريعي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻي ٿو۔

آخر ۾ اهو ئي چونداسين ته حقيقي صحافت رڳو خبرن جي ترسيل ناهي، هي ضميرن جي بيداري، عوام جو آواز ۽ سندن دلين جي ترجمان ۽ خلق جي اصل خدمت آهي.