بلاگنئون

رجب ضياءَ

تاريخ هن باشعور، بااخلاق، اهل علم ۽ ادب ۽ اعليٰ تعليم يافته گوهر ناياب جهڙي شخصيت کي ايندڙ ڏينهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام طور ياد رکندي يا سندس ابتدائي ادبي ۽ سياسي هلچل جو حصو رهندڙ رجب “ضياءَ” جماڻي، دڙائيءَ طور ياد رکندي يا بلڪل ئي سندس پڇاڙڪي سالن واري عزت، آجپو ۽ خوشحاليءَ واري ڀرپور سياسي جدوجهد جي ڏکي منزل جي مسافر طور ياد رکندي.
رجب ميمڻ پنهنجي نوجوانيءَ واري دور ۾ پاڻ لاءِ ٻن شين جي چونڊ ڪئي، هڪ ته هو شاعر ٿي ديس جا ڏک، درد، قوم جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ گيت لکي يا ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙ جي خوبصورت منظرن ۾ رهندي، ڪنهن حسين دلربا جي سونهن جا نغما لکي ۽ ان جي عشق ۽ جمالياتي حسن جي تعريف ڪري.
پر هن دڙي جي جماڻي ميمڻ هڪ پاسي “ضياءَ” ٿي شاعريءَ جي شمع ٻاري ته ٻئي پاسي انساني حقن جي برابريءَ لاءِ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي چونڊ ڪئي، جيڪا نظرياتي طور سوشلسٽ، ڪميونسٽ، پورهيت ۽ وطن دوست دستور جي سڃاڻپ ڪرائي رهي هئي. تڏهن رجب هڪ پاسي سياسي سڃاڻپ ٺاهي ته ٻئي پاسي “ضياءَ” بڻجي سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ ماهوار بادل روح رهاڻ، تحريڪ، ٽماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ شاعريءَ وسيلي ڏاهپ جا ڏيئا روشن ڪيا.
سندس اهو شروعاتي دور شاندار رهيو، پر علم جي شمع کيس اڳتي وڌائيندي وئي. هي زراعت جي تعليم کي اڳتي وڌائيندو نيٺ وڃي آمريڪا جي آئوا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي ڪري آيو ۽ نه رڳو دڙي، پر لاڙ پٽ جو هڪ مثالي پٽ ثابت ٿيو. جهڙو سهڻو هو، اهڙو ئي خوش گفتار ۽ خوش لباس هو. هي نوڪريءَ جي اعليٰ عهدي يعني وائيس چانسلريءَ کان رٽائر ٿيو ته وري سياسي رڳ ڦڙڪيس ۽ هڪ سچو، کرو ۽ وطن دوست سياستدان ٿي پيو.
شاعريءَ کي گهڻو پوئتي ڇڏي آيو هو، سو اُن ميدان ۾ وري نه آيو، پر سياست سان توڙ نڀايائين. اچو ته ضيائي سوچ ۽ سمجهه کي سندس شاعريءَ ۾ ڳوليون:
زهد جي امتحان ۾ مان ٿيس ناڪام اي ساقي،
وري آيس سندءِ در تي ڀري جام اي ساقي.
***
لٿي آ سندم بيقراري دڙي ۾،
ڏٺم چو طرف هوشياري دڙي ۾،
***
توهين سج جي روشنيءَ جي تيرگيءَ ڪري،
محلن ۾ رهندڙ اميريءَ سندي هتڪ،
پاسي ۾ ڪک ڪنڊن اڏيل جهوپڙي ڪري!
***
ضيا ڏات ڏاڍي مهانگي ملي آ،
ڏئي خون دل جو ڪيم ذهن روشن.
***
ڪڏهن نيٺ اهڙو به دستور ٿيندو،
ڪو انسان ڪنهن وٽ نه مجبور ٿيندو.
***
“ضياءَ” کي يقين آ ته جلدي اي ساقي،
نئون ميڪدي جو ڪو دستور ٿيندو.
***
پانڌين تائين پهچي ويندا پرت سندس پيغام،
الوميان پرت سندا پيغام.!
سنڌڙيءَ جي مئخاني ۾ ڪن گردش پنهنجا جام،
الوميان پرت سندا پيغام.!
ڊاڪٽر رجب علي ولد عبدالله ميمڻ جا وڏا، يعني جماڻي ميمڻ شروعات ۾ ڳوٺ ٽمڪ پور، ديهه دڙو ۾ رهندا هئا. جڏهن 1759ع ڌاري سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽايو ته پڃاري واهه ٻنيءَ وٽان درياءَ مان ڦاٽ کائي نڪتو، جنهن جي دڙن تي سن 1760ع ڌاري اچي آباد ٿيا ۽ ڳوٺ دڙا جو بنياد وڌائون، جيڪو وقت گذرڻ کانپوءِ دڙو سڏجڻ لڳو ۽ اڄ سوڌو اُنهيءَ تاريخي نالي سان موجود آهي. هي ميمڻ قبيلو جماڻي اُن ڪري سڏرائي ٿو، جو سندن هڪ وڏو نالي محمد جمن هو، تنهنڪري سندن پونيئرن پاڻ کي اُن وڏي جي نالي جي نسبت سان جماڻي سڏائڻ شروع ڪيو.
سنڌ جي هن جاکوڙي، کاهوڙي ۽ مثالي ڪردار “رجب ضياءَ” جو جنم جمعي مبارڪ تي 26 رجب هجري سن 1364هه عيسوي سن ۽ تاريخ 6 جولاءِ 1945ع ۾ دڙي شهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم دڙي مان وٺي، هن مئٽرڪ حيدرآباد اچي، نور محمد هاءِ اسڪول مان 1961ع ۾ ڪئي. زراعت ڏانهن ذهني ۽ دلي لاڙو هجڻ سبب بي.ايس.سي (آنرس) 1966ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان ڪري ساڳئي ئي ڪاليج مان ايم.ايس.سي 1967ع ۾ پاس ڪيائين. سندس اندر ۾ موجود علم جي اُڃ هن کي ماٺ ڪري ويهڻ نه ڏنو ۽ 1983ع ۾ آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا مان پي.ايڇ.ڊي ڪري آيو ۽ 1996ع ۾ يونيورسٽي آف مني سوٽا آمريڪا مان فل برائٽ سينئر اسڪالر پروگرام موجب پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪيائين. سندس اعليٰ زرعي تعليم ۽ خدمتن عيوض 1991ع ۾ مڃتا طور کيس صدر پاڪستان پاران “اعزاز فضيلت” جو تمغو ڏنو ويو.
هن رجب “ضياءَ” بڻجي شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ مولوي “پروان” کان اصلاح ورتائين. سندس ذوق ۽ شوق وڌيو ته مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳو، پر گڏوگڏ پنهنجن ٻن اُستادن جو قدر ڪندي محمد يوسف ڀٽو جو ڪلام “تنهنجا تير تفنگ” ڇپرايائون ۽ مولوي پروان جو ڪتاب “پيا منجهه پور پروانا” جي نالي سان پنهنجي تعليمي مصروفيتن سبب ذاتي دوست سيف ٻنويءَ کي ڏنائون ته اُن جي ترتيب ڪري، پر افسوس اهو سمورو مواد سيف ٻنويءَ کان وڃائجي ويو.
رجب “ضياءَ” جي همعصرن ۾ دڙي شهر جا سيد اڪبر، عالم شاهه علي محمد پرويز (ڪهاڻيڪار) ۽ ٻيا ادب دوست شامل رهيا. سندس دڙي شهر بابت لکيل ڪتاب اڃا منظرِ عام تي نه آيو آهي. سنڌ جي هن انمول موتيءَ 24 جولاءِ 2021 تي هن فاني جهان کي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد ۾ آهي. سندس هڪ خوبصورت وائيءَ جي آخري سٽ آهي:
سنڌ جي سينڌ سنواريون، پوءِ ڀل پورا ٿين پساهه ميان،
سمورن ۾ هي ساهه ميان.!