پاڪستانخاصنيو‍‍ز

درياءِ ستلج ۾ سيلابي صورتحال برقرار، پي ڊي ايم اي جي وارننگ جاري

پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وارننگ جاري ڪندي سڀني متعلقه ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايندڙ 10 کان 12 ڪلاڪن ۾ گنڊا سنگهه جي مقام تي به پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. پاڪ فوج جون بهاولپور جي هيٺاهن علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فوج ميلسي، چشتيان، منچن آباد، پاڪپتن، عارف والا ۽ وهاڙي ۾ ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي موڪلي رهي آهي. ان کان علاوه متاثرين لاءِ وبائي بيمارين کان بچاءَ لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپون، ريسڪيو آپريشن ۽ فري راشن جي ورڇ به جاري آهي.