خاص

آمريڪا سان ڊگهي عرصي واري شراڪت جا خواهشمند آهيون: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي عرصي تائين شراڪتداري چاهي ٿو. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گفتگو ڪندي چيو ته پاڪستان جو آمريڪا سان مثبت ۽ تعميري تعلق آهي. هن چيو ته ملڪن جي وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف به ٿيندا آهن، اسان منفي توانائين تي وقت وڃائڻ نه ٿا چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهي کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ۾ مسئلا وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ آهن. ياد رهي ته ڪالهه هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي هڪ گروپ جي ايڇ ڪيو جو به دورو ڪيو هو ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان به ملاقات ڪئي. آئي ايس پي آر مطابق ان گروپ ۾ 9 ملڪن سان تعلق رکندڙ 38 شاگرد شامل هئا.