ترجمو: زاهده ابڙو
اوڀر جي بيداري جي موقعي تي اتي موجود هجڻ هڪ اعزاز هو- اهي شديد جذبا، گرم جوشي ۽ شڪ جا لمحا هئا- ڪهڙا خيال، تابناڪ ۽ شيطان صفت ٻئي، ان جي ننڊاکڙي ذهن ۾ پيدا ٿي سگهيا ٿي؟ هو جاڳڻ کانپوءِ ڪهڙو عمل ڪندو؟ ڇا هو انهن ماڻهن تي جن کيس لوڏي ڇڏيو هو انهن مٿان هو سخت حملو ڪرڻ وارو هو؟ مون کي پڙهندڙ جا خط ملي رهيا هئا جن ۾ مستقبل جي پيشنگوئين جون تڪليف ڏيندڙ درخواستون هيون- کين 1900ع ۾ پيڪنگ جي “باڪسر بغاوت” اڃان تائين ياد هئي، غير ملڪي ڊپلوميٽ جن کي يرغمال ڪري پڪڙيو ويو هو اهي تڪليفون جيڪي حملا آور فوج کي عمر رسيده ملڪه، هيبتناڪ “دختر سماءَ” کي منهن ڏيندي پيش آيون، ۽ اهي ايشيا کان ڊنل هئا- ڇا ايران ان کان مختلف هوندو؟ مون ان جو جواب ڏاڍي تاڪيد سان “ها” ۾ ڏنو، اڀرندڙ جمهوريت تي اعتماد ڪندي- حقيقت ۾ هڪ “دستور” هاڻي هاڻي لاڳو ڪيو ويو هو، گڏوگڏ شهرين جي حقن جو دستورِ عمل هو- روز نوان نوان ڪلب وجود ۾ اچي رهيا هئا، اخبار به- هڪ مهيني جي اندر اندر نوي روزانه ۽ هفتيوار اخبارون جاري ٿيون هيون- انهن جا نالا هئا تهذيب، مساوات، آزادي، ۽ ڏاڍا لڪل ۽ ڏاڍا معنيٰ خيز- برطانوي صحافت ۾ انهن جو حوالو ڏنو ٿي ويو يا روس مخالف اخبارن ۾ جهڙوڪر لبرل رَيش ۽ جمهوريت پسند اشتراڪين سان ويجهڙائي رکندڙ سوفرميني مير- هڪ غيبت ڪندڙ اخبار کي پنهنجي پهرين اشاعت کان ئي ڏاڍي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي- ان جي ڪارٽون سازن جو پسنديده نشانو بدڪردار ۽ مشڪوڪ ماڻهو هئا، زار جا چمچا ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪوڙا ۽ ڏيکاءُ ڪندڙ متقي هئا-
شيرين ته خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي: “گذريل جمعي تي” هن لکيو هو، “ڪجهه نوجوان مُلن بازار ۾ هجوم کي هُشي ڏئي مشتعل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي- انهن ‘آئين’ کي هڪ ملحدانه بدعت قرار ڏنو ۽ عوام کي پارليامان واري خاص جاءِ ‘بهارستان’ تي وڃي مٿس چڙهائي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو، پر ڪامياب نه ٿيا- رڙيون ڪري ڪري سندن آواز ويهي رهيا، پر سڀ بيڪار ويو ڇو ته شهرين مٿن ڪوبه توجهه نه ڏنو ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪو ماڻهو اچي ٿوري دير بيهي کين ڏسڻ لڳو ڪنهن لعنت ملامت واري آخري حصي کي ٻڌي پنهنجي راهه ٿي ورتي آخرڪار شهر جا ٽي وڏي نالي وارا عالم اچي اتي پهتا ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي انهن واعظن کي پنهنجي گهر موٽڻ ۽ پنهنجين نظرن کي هيٺ رکڻ جي هدايت ڪئي- مون کي به مشڪل سان ئي يقين ٿو اچي ته تعصب ايران ۾ مري چڪو آهي-”
هن آخري جملي کي مون پنهنجي بهترين مضمون جو عنوان بڻايو- شهزادي جو جوش مون ۾ ان حد تائين جڳهه وٺي چڪو هو ته جيڪو ڪجهه مون لکيو اهو ڏاڍو اعتماد سان لکيو اخبار جي ايڊيٽر مون کي صلاح ڏني ته ان معاملي تي ٿورو هلڪو هٿ رکان، پر پڙهندڙن منهنجي گرم جوشيءَ کي ساراهيو، منهنجي نالي ايندڙ خطن جي گهڻائيءَ ته اهو ئي ٿي ظاهر ڪيو-
انهن مان هڪ تي ڪنهن هاورڊ سي- باڪسر ويل جي صحيح ٿيل هئي، نيوجرسي جي پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو ڪو شاگرد هو- هن تازو ئي بي. اي ڪئي هئي ۽ انهن واقعن کي جيڪي مون بيان ڪيا آهن ايران وڃي پنهنجين اکين سان ڏٺا- سندس هڪ جملي مون کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو: “مون کي گهرو يقين آهي ته جيڪڏهن هن صديءَ جي شروعات ۾ اوڀر ننڊ مان نٿو جاڳي، ته اولهه وڌيڪ ننڊ نه سمهي سگهندو-” مون جواب ۾ سندس اتي وڃڻ لاءِ سندس همت افزائي ڪئي ۽ واعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو فيصلو ڪري وٺي ته کيس ڪجهه دوستن جا نالا ڏئي سگهان ٿو جيڪي سندس استقبال ڪن ۽ کيس مهمان طور رهائي سگهن ٿا-
ڪجهه هفتن کانپوءِ باڪسر ويل بذات خود اناپولس اچي اهو ٻڌايو ته کيس تبريز جي “ميموريل بوائز اسڪول” ۾، جنهن کي “آمريڪي پرس بٽيرين مشن” هلائي رهيو هو جتي ڇوڪرن کي انگريزي ۽ سائنس جي تعليم ڏني ويندي هئي اتي کيس جڳهه ملي وئي هئي- هو جلد ئي روانو ٿيڻ وارو هو ۽ هن مون کان ڪجهه صلاحون ۽ تعارفي خط ورتا- مون کيس گرم جوشيءَ سان مبارڪ ڏني ۽ گهڻو سوچڻ سمجهڻ کان بنا هن سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن مان ايران آيس ته ساڻس ضرور ملندس-
مان ايترو جلدي اوڏانهن وڃڻ جو نه سوچيو هو- اها ڳالهه نه هئي ته اتي وڃڻ جي خواهش نه هئي، سفر ڪرڻ ۾ ان ڪري سوچ ويچار ڪري رهيو هئس جو منهنجي مٿان لڳل ڪوڙن الزامن جو بار اڃان تائين موجود هو- ڇا مون کي شاهه جي قتل ۾ شريڪ نه سمجهيو ويو هو؟ انهن تبديلين جي باوجود جيڪي ايتري تيزيءَ سان تهران ۾ ظاهر ٿي رهيون هيون، مون کي خوف هو ته ڪٿي ڪنهن هِتان هُتان جي اختيار نامي سبب سرحد تي ئي گرفتار نه ڪيو وڃان ۽ پنهنجن دوستن يا لگيشن وارن کي اطلاع ڏيڻ جي مهلت ئي نه ملي سگهي-
بهرحال باڪسر ويل جي ڪوچ مون کي پنهنجي صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو- مون شيرين سان ڪڏهن به خط نه لکڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ سندس خطن جي محرومي جو خطرو نه کڻڻ جي خاطر مون فاضل کي لکيو جنهن جو اثر ۽ رسوخ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو- قومي اسيمبليءَ ۾، جتي وڏا وڏا فيصلا ڪيا ٿي ويا، هڪ نائب جي حيثيت سان سندس وڏي پهچ هئي-
سندس جواب مون کي ٽن مهينن کانپوءِ مليو- اهو ڏاڍو گرم جوشيءَ ۽ پنهنجائپ وارو هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ان سان گڏ هڪ سرڪاري دستاويز به جڙيل هو جنهن تي انصاف واري وزارت جي مهر لڳل هئي- ان ۾ لکيل هو ته مون کي اڳوڻي شاهه جي قتل ۾ شرڪت جي مڙني شڪن ۽ شبهن کان آجو قرار ڏنو ٿو وڃي، ان ڪري مون کي ايران جي مڙني علائقن ۾ آزاديءَ سان چرپر ڪرڻ جي اجازت آهي-
وڌيڪ هڪ لمحو انتظار ڪرڻ کان بنا مون سفر جو ارادو ڪيو ۽ اتان کان سلونِڪا ۽ قسطنطنيه ۽ پوءِ ترابزون وڃڻ جو. ٽٽوءَ تي سوار ٿي ارارات جبل جي چوڌاري ڦرندي آخرڪار تبريز پهچي ويس-
مان جون جي هڪ گرم ڏينهن تي اتي پهتس- جڏهن سج گهرن جي ڇتن جي مٿان برابر چڙهيو بيٺو هو، مون آرميني پاڙي جي هڪ ڪاروان سراءِ ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو- جيئن ته مان باڪسر ويل سان جلد کان جلد ملڻ جو مشتاق هئس، ان ارادي سان “پرس بٽيرين مشن” ويس اها آلوبخاري جي وڻن سان هڪ ننڍي قد واري پر پکڙيل عمارت هئي جنهن تي تازوئي اڇو رنگ ڪيو ويو هو ڦاٽڪ تي ڏاڍي پرده پوشيءَ سان ٻه صليب لڳل هئا، ۽ صدر دروازي جي ڇت تي ستارن سان سينگاريل جهنڊو-
هڪ ايراني مالهي اچي مليو ۽ مون کي پادريءَ جي آفيس ۾ وٺي ويو جنهن جا وار ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٿلهو ٿنڀرو ماڻهو هو، منهن تي ڏاڙهي هئس ۽ هو ڏسڻ ۾ ڪنهن بحري جهاز جي عملي جو رڪن ٿي معلوم ٿيو- هن ڏاڍي مضبوطيءَ ۽ گرم جوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ ويهڻ جي دعوت ڏيڻ کان پهرين منهنجي اتي رهائش کاڌي پيتي ۽ کٽ جي پيشڪش ڪري چڪو هو-
“اسان وٽ ڪمرا آهن، اهي اسان پنهنجي هم وطنن لاءِ تيار رکندا آهيون جيڪي اوچتو ئي اچي اسان جي عزت افزائي ڪندا آهن- توسان ڪو خاص ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي- مون کي خوشي آهي ته بس هڪ اهڙي رسم جو ورجاءُ ڪري رهيو آهيان، جيڪو هن مشن جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان وٺي ڪيو ويو آهي-” مون ڏاڍي ڏک سان ان ايڏي وڏي پيشڪش کي رد ڪيو-
“مان پنهنجو سامان اڳ ۾ ئي ڪاروان سراءِ ۾ رکي آيو آهيان ۽ ٻئي ڏينهن تهران وڃڻ جو ارادو آهي-”
تبريز هڪ هڻ وٺ واري ڏينهن کان وڌيڪ جو مستحق آهي- تون ايترو پري کان اچي ۽ ٻه ٽي ڏينهن فرصت جا ان اوڀر جي ايڏي وڏي بازار جي پيچدار رستن ۾ گذارڻ کان بنا نيري مسجد جي کنڊرن جو نظارو ڪرڻ کان بنا هليو وڃين جنهن جو ذڪر الف ليليٰ و ليل ۾ آيو آهي؟ اڄ ڪلهه مسافر ڏاڍي جلد بازيءَ جو مظاهرو ٿا ڪن، ڏاڍي جلديءَ ۾ پهچڻ چاهين ٿا- چاهي ڪجهه به ٿي پوي- پر ماڻهو پنهنجي منزل تي پهچن ئي نٿا- سفر جي هر پڙاءُ تي ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي ضرور پهچندو آهي ۽ هر قدم تي اسان جي ڌرتيءَ جو ڪونه ڪو لڪل پهلو ڳولهي لهبو آهي- بس ايترو ئي انسان کي ڪرڻو هوندو آهي ته اهو خواهش ڪري، يقين ڪري ۽ محبت ڪري-
ايئن معلوم ٿي رهيو هو ته کيس واقعي افسوس هو ته مان ايترو بيڪار مسافر نڪتس، مون پنهنجي نجات جي ڪوشش ڪئي-
“حقيقت اها آهي ته مون کي تهران ۾ هڪ تمام ضروري ڪم ڪرڻو آهي- مون تبريز جو چڪر صرف پنهنجي هڪ دوست سان ملڻ لاءِ هلايو آهي جيڪو اوهان جي مشن ۾ پڙهائيندو آهي، هاورڊ باڪسر ويل-”
ماحول کي ملول ڪرڻ لاءِ هن جو ذڪر ڪافي هو- زنده دلي، سڄو جوش ۽ پيءُ واري ڪاوڙ سڀ موڪلائي ويون- باقي بچي هڪ شرمنده نگاهه، جنهن کي مون نگاهه مٽائڻ وانگر سمجهيو ۽ رهجي وئي هڪ گهري خاموشي- پوءِ هن چيو:
“ڇا تون هاورڊ جو دوست آهين؟”
“هڪ طرح سان مان سندس ايران اچڻ جو ذميدار آهيان-”
“ڪيڏي وڏي ذميداري آهي!”
مون اجايو سندس چپن تي مرڪ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي- هو اوچتو ئي اوچتو تمام ڪمزور ۽ نٻل نظر اچڻ لڳو- سندس ڪلها ڍرڪي پيا ۽ هو صفا ڄڻ مون کي منٿون ڪندي نظر آيو-
“مان پندرهن سالن کان هي مشن هلائي رهيو آهيان- اسان جو اسڪول شهر ۾ سڀ کان بهترين آهي ۽ مون کي ايستائين يقين آهي ته اسان جو ڪم فائديمند ۽ مسيحي آهي- جيڪي اسان جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا آهن انهن جي دلين ۾ هن ملڪ جي ترقيءَ جو خيال هوندو آهي، نه ته، يقين ڪر ڪابه شيءِ کين ايترو پري وٺي اچڻ ۽ اهڙي ماحول جو مقابلو ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي جيڪو گهڻو ڪري مخالف رويي تي ٻڌل هوندو آهي-”
مٿس شڪ ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪوبه سبب نه هو، پر جنهن شد و مد سان اهو ماڻهو پنهنجو بچاءُ ڪري رهيو هو ان ٿورو منهنجي دل ۾ شڪ پيدا ڪري ڇڏيو- مون کي سندس مشن ۾ ڪجهه گهڙيون ٿيون هونديون، مون مٿس ڪنهن به ڳالهه جو الزام نه لڳايو هو ۽ نه ئي کانئس ڪجهه گهريو هو- مون بس شائستگيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيو- هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
“جڏهن هڪ مشنري انهن ڏکائين سان لاتعلقي ظاهر ڪندو آهي جيڪي ايرانين کي پيش اچي رهيون آهن يا جڏهن ڪو استاد پنهنجن شاگردن جي ترقيءَ تي خوشيِءَ جو اظهار ناهي ڪندو، ته مان کيس تاڪيد سان آمريڪا واپس موٽي وڃڻ جو مشورو ڏيندو آهيان- ڪڏهن ڪڏهن جوش گهٽجي ويندو آهي خاص طور تي ننڍي عمر جي استادن ۾ ان کان وڌيڪ انساني جبلت جي تابع ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟”
پنهنجي ڳالهه جو ٿل ٻڌڻ کانپوءِ محترم بلڪل گم سم ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجي جسم تي هڪ قسم جو ڇڪ وارو احساس کڻي هو پنهنجن گول مٽول هٿن سان سلفيءَ کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ کيس مناسب لفظ ڳولهڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي- مون پنهنجو فرض محسوس ڪيو ته مان سندس مشڪل کي آسان ڪريان- مون پنهنجو حد کان وڌيڪ غير جانبدارانه لهجو اختيار ڪيو:
“ڇا اوهان جو مطلب اهو آهي ته هاورڊ ڪجهه مهينن اندر ئي همت هاري چڪو آهي ۽ سندس اوڀر سان لڳاءُ بس ايئن ئي دل لڳي آهي؟”
هو پنهنجي جاءِ تان ڄڻ ڇرڪ ڀري اڀو ٿيو-
“خدايا، نه- باسڪر ويل هرگز نه مان ته صرف اها وضاحت ڪري رهيو هئس ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي نوجوان سکڻ وارن کي اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي- تنهنجي دوست جو مهانڊو ان جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ مان ان ڳالهه تي انتهائي فڪرمند آهيان- هڪ لحاظ کان هو هڪ بهترين استاد آهي اسان جيڪي ملازم هيستائين رکيا آهن انهن مان- سندس شاگرد حيرت انگيز ترقي ڪري رهيا آهن انهن شاگردن جا والدين سندس قسم کائيندا آهن ۽ ان کان اڳ “مشن” ڪڏهن به ايتري تعداد ۾ تحفه وصول ناهن ڪيا- رڍون، ڪڪڙيون ۽ مختلف قسمن جا حلوه- ۽ اهو سڀ باسڪر ويل جي عزت افزائي لاءِ- سندس مسئلو اهو آهي ته هو هڪ غير ملڪيءَ واري طور طريقي جو انڪاري آهي- جيڪڏهن هو صرف هتان جي ماڻهن جو لباس پائيندي خوش رهي ها، پلاءُ کائي زندگي گذاري ها ۽ مون سان هن ملڪ جي ٻوليءَ ۾ سلام دعا ڪري ها، ته مان انهن سڀني ڳالهين تي مرڪي خوشيءَ جو اظهار ڪريان ها- باسڪر ويل اهڙو ماڻهو بلڪل ڪونهي جو صرف ظاهري ڳالهين تي قناعت ڪري ويهي رهي، هن ته دل جي گهرائيءَ سان پنهنجو پاڻ کي سياسي جنگ واري ميدان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي- جماعت ۾ هو “دستور” جي مدح ڪندو آهي ۽ پنهنجن شاگردن کي روسين، انگريزن، شاهه ۽ رجعت پسند ملائن تي ڪڙي تنقيد ڪرڻ جو حوصلو ڏيندو آهي، مون کي ته شڪ آهي ته جنهن کي هتي جا ماڻهو ‘ابن آدم’ چوندا آهن ڪٿي اهو ته ناهي يعني خفيه جماعتن جو رڪن-”
هن هڪ ڊگهو ساهه ڀريو-
“ڪلهه صبح جو اسان جي ڦاٽڪ جي بلڪل سامهون هڪ مظاهرو ٿيو جنهن جي اڳواڻي ٻه انتهائي مقبول مذهبي رهنما ڪري رهيا هئا، ان مطالبي سان گڏ ته باسڪر ويل کي واپس اماڻيو وڃي، ۽ جيڪڏهن اهو نٿو ڪيو وڃي ته کيس بنا ڪنهن رک رکاءُ جي مشن ئي بند ڪيو وڃي- ٽن ڪلاڪن کانپوءِ بلڪل انهيءَ جاءِ تي باسڪر ويل جي حمايت ۾ هڪ تمام وڏو ٻيو مظاهرو ٿيو، انهن جو مطالبو هو ته کيس قائم رکيو وڃي- توکي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ان قسم جا جهيڙا جاري رهيا ته پوءِ اسان هن شهر ۾ وڌيڪ عرصي تائين رهي نه سگهنداسين-”
“اوهان هاورڊ سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ته ڪئي هوندي-”
“سئو ڀيرا ۽ سئو دفعا مختلف انداز ۾- هو هميشه هڪڙو ئي جواب ڏيندو آهي: اوڀر جي بيداري ‘مشن’ جي قسمت کان وڌيڪ اهم آهي، ۽ جيڪڏهن ‘دستوري’ انقلاب ناڪام ٿو ٿئي ته پوءِ اسان کي پنهنجو هنڌ بسترو ويڙهي هر حال ۾ واپس وڃڻو پوندو- ظاهر آهي مان سندس معاهدو ڪنهن به وقت ختم ڪري سگهان ٿو، پر ماڻهو ان کي درست نموني سان سمجهي نه سگهندا ۽ عوام جو اهو طبقو جنهن اسان جي هميشه مدد ڪئي آهي دشمنيءَ تي لهي ايندو- ان جو حل صرف اهو ئي آهي ته باسڪر ويل پنهنجي جوش کي ٿورو ٿڌو رکي- تون شايد ان سلسلي ۾ کيس ڪا هدايت ڪري سگهين-”
مون ان مهم کي ڄڻ ته رسمي طور قبول نه ڪيو هو مون باسڪر ويل سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي- ڪاميابيءَ جي جهلڪ سان محترم پادريءَ جو چهرو خوشيءَ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺو-
“منهنجي پويان پويان اچ،” هن چيو- “مان توکي باسڪر ويل وٽ وٺي ٿو هلان- مون کي خبر آهي ته هو هن وقت ڪٿي هوندو- تون بس خاموشيءَ سان ان جو مشاهدو ڪجانءِ- پوءِ توکي منهنجا ٻڌايل سڀ سبب سمجهه ۾ اچي ويندا ۽ منهنجي مايوسيءَ ۾ منهنجو شريڪ ٿي سگهندين-”
***