خاص

حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ

حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر ۾ عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ آيو. قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر ۾ عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ والد جان محمد قريشي جو چوڻ آهي ته ڌيءَ جي موت بابت رات دير سان اطلاع مليو. والد پوليس کي ٻڌايو آهي ته مرڪ جان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، نياڻي ڇو آپگهات ڪندي؟ جاچ ڪرائي وڃي. مرڪ جان جي والد وڌيڪ ٻڌايو ته پنج وڳي کان لاش اسپتال ۾ پيو آهي، پر ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب اڃا تائين پوسٽ مارٽم ناهي ٿيو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. جسقم اڳواڻ جو چوڻ آهي ته مرڪ جان جسقم ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر هئي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.