خاص

پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف درخواست غير موثر قرار

لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ نه ڏيڻ جي معاملي تي داخل درخواست غير موثر قرار ڏئي ڇڏي. عدالت عاليه جي جسٽس جواد حسن شهري منير احمد جي اليڪشن ڪميشن سميت ٻين فريقين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست غير موثر قرار ڏئي نمٽائي ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ توهينِ عدالت جي درخواست جو جواز ئي نٿو رهي.