ڊالر تاريخ جي بلند سطح تي پهچي ويو
انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ بلند پرواز ڪندي ڊالر جي قدر ۾ 18.19 رپين جو اضافو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ان جي قيمت 284.30 رپيا ٿي وئي. اهڙي طرح اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر يڪ دم 16 رپين جي اضافي سان 290 رپين جي سطح تي اچي وئي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب آئي ايم ايف قرض پروگرام معاهدي ۾ دير ٿي رهي آهي ۽ درآمدي ادائگين جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

