علي ۽ عبيد پاڻ ۾ ٻه سٺا سنگَتِي هئا، ٻئي هڪ ئي شهر ۽ هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هئا. ٻنهي جي اها عادت هوندي هئي جو اهي روزانو اسڪول کانپوءِ پنهنجي پاڙي ۾ ئي راند روند ڪندا هئا. هي ٻئي اٺين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا.
هڪ ڏينهن، جڏهن اهي راند ڪندي پاڙي جي هڪ پراڻي ڀت جي ويجهو پهتا ته هنن کي هڪ ننڍڙو پراڻو زنگيل لوهي دروازو نظر آيو، جيڪو عام طور تي نظر نه ايندو هو. ڇو ته ان جي چوڌاري وڏا وڏا سَرَ ۽ ٻُوڙا بيٺل هوندا هئا… عليءَ انهيءَ پراڻي در ڏانهن پنهنجون وکون وڌايون…
باغ ۾ گهمندي گهمندي، هنن کي هڪ پراڻي پٿر تي ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ ڪجھ لکيل نظر آيو: “جيڪو هن پراسرار باغ جو راز ڳولهيندو، ان کي وڏو انعام ملندو، پر خبردار! پنهنجا ارادا سهڻا ۽ نيتون صاف رکجو.”
عبيد ۽ علي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا: “شايد هتي ڪنهن جاءِ تي خزانو لڪل آهي!”
عليءَ چيو: “پر هيءَ لکت خبردار ڪري ٿي ته اسان کي هوشياريءَ سان رهڻ گهرجي.”
علي ۽ عبيد باغ ۾ ڪجھ ڳولهڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي دير ۾، علي هڪ وڻ جي پاڙ وٽ هڪ ننڍڙي لوهي پيتي ڏٺي. ٻئي لوهي صندوق وٽ پهتا، عبيد جڏهن اها لوهي پيتي کولي ته ان ۾ هڪ گول ننڍڙو شيشو پيو هو، جنهن ۾ باغ سان لاڳاپيل مختلف شيون ۽ منظر، عجيب انداز ۾ نظر اچي رهيا هئا.
“هن شيشي مان ڪجھ ڳجها پيغام ڏسڻ ۾ اچن ٿا!” عبيد چيو. جڏهن عليءَ شيشي جو رخ ڦوهاري ڏانهن ڪيو ته انهن کي روشنيءَ جي شعاعن ۾ هڪ تير نظر آيو، جيڪو کين باغ جي ٻيءَ ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو.
ٻئي ان تير واري هنڌ تي پهتا، جتي هنن کي ڳاڙهي رنگ جا گل نظر آيا. جيئن ئي عليءَ انهن گلن مان هڪڙي گل کي ڇهيو ته گل ڪنڊن سميت ٻنهي دوستن جي بدن کي وڪوڙي ويا ۽ هڪ پراسرار آواز آيو: “اوھان مهمان آهيو، جيڪڏهن توهان باغ جو راز ڳولهڻ گهرو ٿا ته ٻڌايو: “سچائي ۽ دوستيءَ جو مطلب ڇا آهي؟”
عبيد همت ڪري دوستيءَ بابت چيو… “۽ دوستيءَ جو مطلب آهي، هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي ڀروسو رکڻ.”
جڏهن ٻنهي جو جواب پورو ٿيو ته گلن مان اوچتو روشني تجلا ڏيڻ لڳي ۽ ٻئي گلن ۽ ڪنڊن جي قيد مان آزاد ٿي ويا… اوچتو ئي انهن ڳاڙهن گلن مان هڪ ننڍڙو چمڪندڙ ٽانڊاڻو نڪتو، جنهن چيو، “توهان باغ جا ذهين ۽ ڏاها مهمان آهيو! هي باغ هاڻي سدائين توهان لاءِ کليل رهندو.”
ٽانڊاڻي عليءَ ۽ عبيد کي اهو به چيو ته هي باغ هڪ خاص هنڌ تي آهي، جيڪو رڳو انهن لاءِ کلي ٿو، جيڪي دل جا صاف سٿرا ۽ دوستيءَ جي قدرن کي سمجهن ٿا. باغ جي هر شيءِ طلسمي آهي ۽ جيڪڏهن هو هن باغ ۾ ايندا رهندا ته هميشه سک ۽ سرهائي محسوس ڪندا.
علي ۽ عبيد ان ڏينهن کانپوءِ هر هفتي باغ گهمڻ ايندا هئا. هنن باغ جو اهو راز، راز ئي رکيو، ٻنهي گڏجي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته هو سدائين پنهنجي دوستي ۽ سچائيءَ کي قائم رکندا.
ايمانداري ۽ دوستيءَ جي اهميت زندگيءَ کي سهڻو بڻائي ٿي. گڏيل سوچ ۽ سهڪار سان ننڍا وڏا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.