نئونناول

سمرقند (قسط اٺٽيهين)

ترجمو: زاهده ابڙو

شام جي وقت تبريز جي بازار ۾ بس ڪجهه دڪان ئي کليل هئا، پر پوءِ به روڊن ۽ رستن تي چڱي خاصي رش نظر اچي رهي هئي ۽ چوراهن تي ماڻهو ويٺي ڪچهريون ڪري رهيا هئا، بيد جي ڪرسين کي گول دائري ۾ رکي ۽ چلمون لڳائي رهيا هئا جنهن جو دونهون ڏينهن جي هزار خوشبوئن کي هوريان هوريان ڌڪي ڪڍي رهيو هو- مان هاورڊ جي بلڪل پٺيان پٺيان هلي رهيو هئس ۽ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي هڪ گهٽي کان ٻي گهٽيءَ ۾ وڃي رهيو هئس، هلندي هلندي هو پنهنجي ڪنهن شاگرد جي والد صاحب سان سلام دعا ڪرڻ لاءِ بيهي ٿي رهيو، ۽ جتان لنگهيو ٿي اتي ٻار پنهنجي راند ڇڏي کيس رستو ڏيڻ لاءِ ٽڙي پکڙي ٿي ويا-

آخرڪار اسان هڪ ڦاٽڪ جي سامهون پهتاسين جنهن کي زنگ لڳ ڀڳ کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو منهنجي ساٿي ان کي ڌڪو ڏيئي کوليو ۽ اسان هڪ ننڍڙي باغ جهڙي جاءِ، جنهن ۾ ڊڀ ڄمي ويا هئا، لنگهندي ڪچين سرن جي هڪ گهر ۾ پهتاسين جنهن جو در، ست دفعا کڙڪائڻ کانپوءِ، چيچاٽ ڪندي هڪ وڏي ڪمري ۾ کليو- اهو ڇت ۾ لڙڪيل تيز هوا جو مقابلو ڪرڻ وارين بتين جي هڪ پوري قطار سان روشن هو جيڪي هوا جي ڪري لڳاتار لڏي رهيون هيون- اتي موجود ماڻهو ان کان واقف هئا، پر مون کي جلد ئي ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڪمزور ڪاٺيءَ سان ٺهيل ٻيڙيءَ تي سوار هجان- ڪنهن جي به چهري تي نگاهه قائم رکڻ مشڪل لڳي رهيو هو ۽ جلد کان جلد ليٽڻ تي ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ اکيون پورڻ جي حاجت محسوس ٿي رهي هئي- باسڪر ويل “ابناءِ آدم” جي “مجلس” جي لاءِ اجنبي نه هو- سندس اتي پهچڻ سان ئي هڪ خاص قسم جي هلچل محسوس ٿي ۽ جيئن ته مان ان سان گڏ اتي پهتو هئس ته ڪجهه ڀائرن جي ڀاڪرن تي منهنجو به حق هو جيڪي هاورڊ جي ان انڪشاف ڪرڻ تي ڏاڍي فرض شناسي سان ٻيهر دهرايا ويا ته منهنجي ايران اچڻ جو سبب هو آهي-

جڏهن مون کي خيال آيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته مان به ديوار سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهان، ڪمري جي منڍ تي ويٺل هڪ صحتمند ماڻهو اوچتو ئي اٿي بيٺو- سندس ڪلها ويڪرا، بنا ٻانهن جي اڇو لباس ڍڪيل هئس جنهن سبب هو جلسي جي ٻين ماڻهن کان بلڪل ڌار ۽ معزز ترين هستي نظر اچي رهيو هو- هن مون ڏانهن قدم وڌايا:

“بينجامن!”

مان ڊڄي رهيس، ٻه قدم اڳتي وڌيا ۽ اسان جون اکيون مليون- “فاضل!” اسان حيرت جا قسم کائيندي ڀاڪرن ۾ ڀرجي وياسين-

“مسٽر لسيج، جمال الدين جو دوست هو!”

هڪدم منهنجي معزز مهمان سان تاريخي يا ايئن کڻي چئجي ته مذهبي يادگار ۾ دل جي حالت ئي تبديل ٿي وئي- ماڻهو منهنجي رعب ۾ گرفتار ٿي مون ڏانهن آيا، جنهن سان مون کي ڏاڍي شرمندگي محسوس ٿي-

مون هاورڊ جو فاضل سان تعارف ڪرايو- اهي هڪٻئي کي بس پنهنجي شهرت سبب ئي سڃاڻندا هئا- هڪ سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو هو جو فاضل تبريز ڏانهن آيو هو، جيتوڻيڪ اها سندس پيدائش جي جاءِ هئي- ٻئي پاسي، انهن ڀاڻ ٿيل ڀتين جي وچ ۾ ۽ انهن نچندڙ روشنين جي هيٺان فاضل جو وجود ان پوري شام کي ڪجهه غير معمولي، بيچين ۽ بيقرار ڪري رهيو هو- ڇا هو پارليامان ۾ جمهوري جماعت جي سربراهن مان نه هو، “دستوري” انقلاب جو خاص ميمبر نه هو؟ ڇا اهو تخت کان پري ٿيڻ جو وقت هو؟ اهي به ته اهڙا سوال هئا جو مون سندس سامهون رکيا- هو ڪجهه پشيمان نظر آيو بهرحال، مون  اهو سڀ ڏاڍي آهستگيءَ سان فرانسيسيءَ ۾ چيو هو- هن پنهنجي ويجهو ويٺل ماڻهن کي چور نظرن سان ڏٺو، ۽ پوءِ جواب طور چيو، “تون ڪٿي رهيل آهين؟”

“آرميني پاڙي جي هڪ ڪاروان سراءِ ۾-”

“مان شام جو اتي توسان ملڻ ايندس-”

اڌ رات جي لڳ ڀڳ اسان ٻيهر ملياسين، منهنجي ڪمري ۾- اسان ڇهه ڄڻا هئاسين: باسڪر ويل، آئون فاضل ۽ سندس ٽي دوست جن جو تعارف رازداريءَ سبب هن ڏاڍي تيزيءَ سان ٻڌايو، ۽ انهن جا صرف پهريان نالا ئي ورتائين-

“تو اتي محفل ۾ پڇيو هو ته مان هتي ڇا پيو ڪريان ۽ تهران ۾ ڇو نه آهيان- ڳالهه اها آهي ته جيتري حد تائين ‘دستور’ جو تعلق آهي، گاديءَ جو هنڌ پهرين ئي هٿن مان نڪري چڪو آهي- مان ٽيهن ماڻهن جي وچ ۾ اها ڳالهه ٻڌائي نٿي سگهيس، ان سان سخت خوف ۽ حراس پيدا ٿي ويندو آهي- پر حقيقت اها ئي آهي-”

اسان سڀ صفا سن لڳا پيا هئاسين ۽ ڪوبه رد عمل نه ڏيکاري سگهياسين- هن وضاحت ڪئي:

“ٻه هفتا پهرين سينٽ پيٽرز برگ کان هڪ صحافي مون سان ملاقات لاءِ آيو- ريش جو نمائندو هو- پانوف نالو هئس، پر ‘تانئي’ جي فرضي نالي سان لکندو آهي-”

مون سندس بابت ٻڌو آهي- لنڊن جي صحافت ۾ اڪثر سندس مضمون حوالي طور ڏنا ويندا آهن-

“اشتراڪي جمهوري آهي،” فاضل بيان جاري رکيو، “۽ زاريت جو دشمن، پر جڏهن ڪجهه مهينا اڳ تهران پهتو هو ته پنهنجا عقيده لڪائي رکڻ ۾ ڪامياب ويو، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روسي لگيشن تائين پهچڻ جو ڪو نه ڪو رستو ڪڍي ورتائين، ۽ محض اتفاقن يا ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ساز باز جي ذريعي ڪجهه گرفت ۾ اچڻ جهڙا دستاويز سندس هٿ چڙهي ويا هجن، جن ۾ تختو اونڌو ڪرڻ جهڙا منصوبا به شامل هئا جيڪي راهزن ‘ملوڪيت مطلق’ کي ٻيهر مسلط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا- سڄو ڪچو چٺو صاف صاف لکيل هو- نئين حڪومت ۾ ٺڳن ۽ چورن کي کلي آزادي ملڻ واري هئي ته بازار ۾ دڪاندارن جي اعتماد جو خاتمو ڪن، ۽ ڪجهه مذهبي پيشوا شاهه کي ڪجهه درخواستون پيش ڪرڻ وارا هئا ته ‘دستور’ کي ان بنياد تي منسوب ڪري جو اهو اسلام جي خلاف آهي- ظاهر آهي پانوف اهي سڀ دستاويز مون وٽ پهچائڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ وجهي رهيو هو- مون سندس ٿورا مڃيا ۽ فورن پارليامان جو جدا اجلاس طلب ڪيو- سڄي حقيقت جو مڪمل تفصيل ظاهر ڪرڻ کانپوءِ مون مطالبو ڪيو ته شاهه کي معزول ڪيو وڃي ۽ سندس جاءِ تي ان جي نوجوان پٽن مان ڪنهن کي ويهاريو وڃي، ته قذاق برگيڊ کي ٽوڙيو وڃي ۽ دستاويز ۾ ملوث مذهبي سربراهن کي گرفتار ڪيو وڃي ڪيترن مقررن اوچي جڳهه تي اچي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي حمايت ڪئي-

“اوچتو ئي هڪ دربان اچي اطلاع ڏنو ته روس ۽ برطانيه جا سفير عمارت ۾ موجود آهن ۽ اسان کي هڪ نهايت ئي اهم ڪاغذ ڏيڻ چاهين ٿا- اجلاس عارضي طور تي معطل ڪيو ويو ۽ ‘مجلس’ جو صدر ۽ وزيراعظم ٻئي ٻاهر هليا ويا، جڏهن موٽيا ته سندن چهرو لٺي وانگر اڇو لڳو پيو هو- سفارتڪار اهو ٻڌائڻ آيا هئا ته جيڪڏهن شاهه کي برطرف ڪيو ويو ته ٻئي قوتون فوجي مداخلتون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون- نه صرف اهو ته اسان جو گلو گهٽيو پيو وڃي، پر اسان کي پنهنجي دفاع کان به روڪيو پيو وڃي!”

“ان جبر جي ضرورت؟” باسڪر ويل ناگواريءَ مان پڇيو-

“زار پنهنجي حدن ۾ جمهوريت نٿو چاهي- پارليامان جو لفظ ئي کيس ڪاوڙ مان ڏڪايو ڇڏي-”

“پر پوءِ به، برطانيه سان اهڙو معاملو ڪونهي!”

“نه- جيڪڏهن ايراني پنهنجن بالغن تي حڪومت ڪرڻ جي قابل ٿي ويا ته ان ڳالهه سان هندستانين کي به شهه ملندي! اهڙي صورت ۾ برطانيه کي به اتان پنهنجو سامان ويڙهڻو پوندو- پوءِ تيل جو معاملو به آهي- 1901ع ۾ برطانوي شهري مسٽر نوڪس دارسي 20 هزار اسٽرلنگ پائونڊن جي عيوض پوري مملڪت ايران ۾ تيل جي ذخيرن جا مڪمل حق حاصل ڪري ورتا هئا- اڃان تائين پيداوار تمام معمولي رهي آهي، پر ڪجهه مهينا پهرين بختياري قبائلي علائقي ۾ تمام وڏا تيل جا ذخيرا لڌا ويا آهن، تو ان بابت يقينن ٻڌو هوندو- اهي ذخيرا ملڪ جي لاءِ آمدنيءَ جو اهم وسيلي ثابت ٿي سگهن ٿا اهڙيءَ طرح مون پارليامان کي چيو ته لنڊن سان معاهدي تي نظرثانيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري ته جيئن اسان کي وڌيڪ منصفاڻيون شرطون ملي سگهن- گهڻن نوابن منهنجي حمايت ڪئي آهي- اهو ڏينهن آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن برطانوي وزير مون کي لگيشن ۾ دعوت ناهي ڏني-”

“پر ‘بست’ لگيشن جي باغ اندر ٿي رهي آهي،” مون ڳڻتيءَ مان چيو-

“انگريزن جو خيال آهي ته هلندڙ دور ۾ روسين جو اثر تمام گهڻو آهي ۽ روس ايراني کاڌي پيتي ۾ انهن لاءِ تمام گهٽ حصو ڇڏي ٿو ان ڪري انهن اسان کي احتجاج ڪرڻ جي همت ڏياري آهي ۽ پنهنجي باغ جا دروازا اسان لاءِ کولي ڇڏيا آهن- ايتري تائين جو اهو چيو وڃي ٿو ته انهن ئي اها تصوير ڇپرائي هئي جنهن موسيو نائوس جي اثر رسوخ ۾ روڙا وجهي ڇڏيا- جڏهن اسان جي تحريڪ ڪامياب ٿي وئي ته ڪهڙي به طرح لنڊن زار کان ملڪ کي ورهائڻ تي رضامندي ڪرائي ڇڏي- اتر ايران ايران جي عملداريءَ جو منطقه هوندو ۽ ڏکڻ وارو علائقو برطانيه جي ذاتي ملڪيت آهي- پنهنجي مراد پوري ٿيندي ئي برطانيه کي اسان جي جمهوريت سان دلچسپي نه رهي- زار وانگر اهي به ان کي هڪ زحمت ئي تصور ڪن ٿا ۽ ان جي ختم ٿيڻ کي ترجيح ڏيندا-”

“ڪهڙي حق سان؟!” باسڪر ويل ڄڻ ڦاٽي پيو

ڳالهه جاري رکڻ کان پهرين فاضل کيس پدرانه مسڪراهٽ سان ڏٺو-

“ٻنهي سفيرن جي زيارت کانپوءِ نواب دلگير ٿي ويا- هڪ ئي وقت هو ايترن دشمنن جو مقابلو نٿي ڪري سگهيا ڪجهه ڪري سگهيا ٿي ته اهو ئي ته سڄو الزام بدقسمت پانوف جي مٿي تي مڙهي ڇڏين- ڪيترن مقررن ان تي جعلساز ۽ انتشار پسند هجڻ جي تهمت لڳائي جنهن جو واحد مقصد ايران ۽ روس جي وچ ۾ باهه ڀڙڪائڻ هو- صحافي مون سان گڏ گڏ پارليامان آيو ۽ مان کيس وڏي هال جي دروازي جي ويجهو هڪ آفيس ۾ ڇڏي آيو هئس ته جيئن ضرورت وقت هو پنهنجي شاهدي ڏيئي سگهي- هاڻي نواب کيس گرفتار ڪرڻ ۽ زار جي لگيشن جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا ۽ ان قسم جي تجويز به فيصلي جي لاءِ پيش ٿي چڪي هئي-

“اهو ماڻهو جنهن پنهنجي حڪومت جي خلاف اسان جي مدد ڪئي هئي جلادن جي حوالي ڪيو وڃڻو هو! مان جيڪو مزاج ۾ ڏاڍو ٿڌو ماڻهو آهيان، وڌيڪ ضبط نه ڪري سگهيس- ٽپ ڏئي هڪ ڪرسيءَ مٿان چڙهي بيٺس ۽ ڪنهن جن ورتل ماڻهوءَ وانگر رڙيون ڪرڻ لڳس: ‘هن مٽيءَ جو قسم جنهن منهنجي پيءُ کي ڍڪيو آهي جيڪڏهن هي ماڻهو گرفتار ٿيو ته “ابنائي آدم” کي هٿياربند ٿيڻ لاءِ ۽ پارليامان کي رت سان رنڱڻ لاءِ سڏ ڏيئي ڇڏيندس- جيڪو به هن تجويز جي حق ۾ ووٽ ڏيندو هتان کان بچي ڪونه نڪرندو!’ هو منهنجي رهائي منسوخ ڪري سگهيا ٿي ۽ مون کي به گرفتار ڪري ٿي سگهيا، پر انهن کي ان ڳالهه جي جرئت نه ٿي- اجلاس ٻئي ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو- ٺيڪ انهيءَ رات مان گاديءَ واري هنڌ تي پنهنجي پيدائشي جاءِ تي پهچڻ لاءِ نڪري پيس، جتي اڄ ئي پهتو آهيان- پانوف مون سان گڏ آيو آهي ۽ هن وقت تبريز ۾ ڪٿي لڪو ويٺو آهي ملڪ ڇڏڻ جي انتظار ۾-”

اسان لڳاتار ڳالهيون ڪندا رهياسين تان جو فجر جو وقت ٿي ويو- شروعاتي اذانون ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون ۽ روشني پکڙجڻ لڳي- اسان ڏاڍا بحث مباحثا ڪيا، هزار تاريڪ مستقبل تعمير ڪيا، پوءِ بحث ٿيو، ۽ ايترا ٿڪجي پياسين جو بيهڻ جو نالو نٿي کنيوسين- باسڪر ويل ليٽي پيو- پنهنجي ڳالهه جي وچ ۾ ئي بيهي رهيو گهڙي ڏٺائين ۽ ڪنهن ننڊ ۾ ورتل ننڊاکڙي ماڻهو وانگر اٿي بيٺو ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان پنهنجو ڪنڌ کنهڻ لڳو-

“يا خدا ڇهه ٿي ويا، ۽ سڄي رات بنا سمهڻ جي، مان پنهنجي شاگردن جي سامهون ڪيئن ويندس؟ ۽ مون کي هن وقت واپس ويندي ڏسي ريورنڊ ڇا سوچيندو؟”

“تون هميشه ڪنهن عورت سان گڏ رات گذارڻ جو بهانو ڪري سگهين ٿو!”

پر هاورڊ مرڪڻ جي موڊ ۾ نه هو-

مان اتفاقن جو ذڪر نٿو ڪرڻ چاهيان، ڇو ته ان معاملي ۾ اتفاق جو ڪوبه ڪردار نه آهي، پر مون تي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ واجب آهي ته اڃان هاڻي فاضل پانوف جي اڏايل دستاويز جي بنياد تي ايراني جمهوريت خلاف سازش جو ذڪر ختم ئي ڪيو هو ته تختو اونڌو ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو-

جيئن ته مون کي بعد ۾ معلوم ٿيو، اربع، 23 جون 1908ع جي صبح لڳ ڀڳ چئين وڳي هڪ هزار قذاق سپاهين جو دستو ڪرنل ليا خوف جي قيادت ۾ تهران جي وچ ۾ پارليامان جي مستقل ٺڪاڻي “بهارستان” جي پاسي هليو ويو- عمارت جو گهيرو ڪيو ويو ۽ دروازن تي پهريدار بيهي رهيا- اتان جي هڪ انجمن جي ڪجهه ميمبرن جن سپاهين جي اچ وڃ جو مشاهدو ڪيو هو ڀڄندي هڪ ويجهي ڪاليج پهتا جتي اڃان تازو ئي ٽيليفون لڳايو ويو هو، ته جيئن ڪجهه نوابن ۽ مذهبي جمهوريت پسندن، جيئن ته آيت الله بهباني ۽ آيت الله تباتبائي کي اطلاع ڏيئي سگهجي- اهي سڀ صبح سوير اتي پهچي ويا هئا ته جيئن پنهنجي موجودگيءَ سان “دستور” سان پنهنجي وابستگيءَ جو مظاهرو ڪري سگهن- حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته قذاقن کين اندر وڃڻ ڏنو- کين جيڪو حڪم مليو هو ان جي حساب سان ته انهن جي ذمي اها ڳالهه لڳل هئي ته ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو وڃي، داخل ٿيڻ کان نه-

احتجاج ڪندڙن جو هجوم مستقل وڌندو ويو ۽ صبح ٿيڻ تائين سوين ماڻهو جمع ٿي ويا جن ۾ ڪيترائي “ابنائي آدم” شامل هئا- وٽن رائفلون هيون، پر اسلحو تمام گهٽ هو- مڙئي 60 کن ڪارتوس هڪ ماڻهوءَ وٽ هئا، جيڪو ظاهر آهي ته محاصري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ناڪافي هئا مٿان وري اهو اسلحو به استعمال ڪرڻ کان لهرائي رهيا هئا- انهن گهرن جي ڇتين تي درين جي پٺيان ڏاڍي چابڪ دستي سان مورچا سنڀالي ورتا هئا پر کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته شروعات ڪيئن ڪن، جيڪو قتل عام جي علامت ثابت ٿئي ها، يا ڪو به جارحاڻو قدم کڻڻ کان بغير بس انتظار ڪن ۽ ان جي وچ ۾ تختي اونڌي ڪرڻ جي تيارين تي عمل ٿي وڃي-  بس ٺيڪ اها ئي شيءِ هئي جنهن قذاقن جي حملي ۾ دير ڪئي هئي- لياخوف، روسي ۽ ايراني آفيسرن ۾ گهيريل هو، پنهنجن سپاهين جي ترتيب ۽ پنهنجين توپن کي مناسب جڳهين تي نصب ڪرڻ ۾ مصروف هو- ان ڏينهن ڇهه توپون ڳڻيون هيون ۽ انهن مان سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ “توپ خانا چوڪ” ۾ لڳائي وئي ڪيترن ئي موقعن تي ڪرنل بچاءُ ڪرڻ وارن جي نظر کي سڌو رکيو، پر اتي موجود ماڻهن “ابنائي آدم” کي گولي هلائڻ کان باز رکيو، ائين نه ته زار ان موقعي کي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ بهاني طور استعمال ڪري-

حملي جو حڪم ٻنپهرن جي وچ واري ٽائيم تي ڏنو ويو- جيتوڻيڪ ٻنهي پاسي ماڻهن جو تعداد هيٺ مٿي هو، ڇهن ستن ڪلاڪن تائين گهمسان جي جنگ جاري رهي- هڪٻئي جي پٺيان بيحد جرئت مندانه حڪمت عملين جي نتيجي ۾ مزاحمت ڪرڻ واريون ٽي توپون تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا-

بهرحال اها مردانگي مايوسيءَ جو نتيجو هئي- شام ٿيندي ٿيندي شڪست جو اڇو جهنڊو پهريون ڀيرو ايران جي پارليامان جي مٿان بلند ٿي چڪو هو، پر آخري گولي هلڻ کان ڪجهه منٽن کانپوءِ لياخوف هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجين توپن جي گولا باري جو حڪم ڏنو- زار جون هدايتون بلڪل واضح هيون، صرف پارليامان جو ٽٽڻ ڪافي نه هو، کين ان عمارت جو نالو نشان تباهه ڪرڻ جو حڪم مليل هو جنهن ۾ هنن جو قيام هو، ته جيئن تهران جا ماڻهو انهن کنڊرن کي ڏسن ۽ سڀني کي دنيا جي باقي رهڻ تائين عبرت ملندي رهي-

…(هلندڙ)…

***