ڪهاڻيوننئون

اطالوي مختصر ڪهاڻي: هڪڙو جرنيل لائبريريءَ ۾

پينڊوريا جي مشھور قوم ۾ ھڪ ڏھاڙي، اعليٰ حاڪمن جي دماغ ۾ اھو شڪ اچي اڀريو ته ڪتابن ۾ اھڙا خيال ملن ٿا، جيڪي عسڪري عزت ۽ وقار جي رد ۾ آھن. اصل ۾ ٿيو ھينئن ته پڇا ڳاڇا ۽ قائم ڪيل مقدمن، انھيءَ مامري جي نشاندھي ڪئي ھئي ۽ اھا اھڙي لھر ھئي جيڪا ماڻھن منجھ ججھي پکڙيل ھئي. انھن سمجھيو پئي ته جرنيل ئي اھي ماڻھو آھن، جيڪي اصل ۾ غلطيون ڪن ٿا ۽ آفتن ۽ جنگين جا ذميدار ٿين ٿا… ٻيو ته اھو سڀ ڪجھ قوم کي شاندار نصيب ڏانھن نيو نه پيو وڃي ۽ نه ئي قوم کي بچائڻ خاطر ڪيو ٿو وڃي. اھي خيال گھڻن ڪتابن منجھ ساڳيا ئي ھئا، چاھي اھي آڳاٽا ھئا يا ھاڻوڪا، ڪتاب پينڊوريا جا ھئا يا پرڏيھي.

پينڊوريا جو ‘جنرل اسٽاف’ گڏجي ويٺو ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگھي. کين اھا سڌ ئي نه ھئي ته ڪٿان کان شروع ڪجي ڇو جو منجھانئن ڪوبه خاص طور تي ڪتابيات جي معاملن کان واقف نه ھو. تنھنڪري انھن جنرل فيڊينا جي سربراھيءَ ۾ ھڪ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي. اھو جرنيل، سخت طبيعت جو ليڪن فرض شناس آفيسر ھو. انھيءَ ڪميشن کي، پينڊوريا جي مڙني کان وڏي لائيبريريءَ ۾ موجود سمورن ڪتابن جي جاچ پڙتال ڪرڻي ھئي.

ھيءَ لائيبريري، ھڪڙي جھوني عمارت اندر ھئي، جنھن ۾ اڀا سٿيل اڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ ڏاڪڻيون ھيون. ان جي ڀتين جو پلستر ھنڌان ھنڌان اکڙيل ھو. بلڪه ڪيترين جاين تي ته اھو ڇڻي ڪرڻ تي ھو. ان جي ٿڌن ڪمرن ۾ ڪتاب ائين دٻي ڦسي ڀريل ھئا جو ڪيترن ڪتابن تائين پھچڻ به ڏاڍو ڏکيو ھو. منجھن ڪي کُھريون ڪنڊون اھڙيون به ھيون جن مان رڳو ڪوئا ئي ڪا شيءِ ڳولهي پئي سگھيا. ھيڪاندن فوجي خرچن ھيٺان دٻيل پينڊوريا جي رياست، ان سلسلي ۾ ڪنھن مالي مدد جي قابل نه ھئي.

فوج نومبر ۾ ھڪڙي صبح، وسندي مينھن ۾ ئي لائيبريريءَ تي قبضو ڪري ورتو. جرنيل، پنھنجي گھوڙي تان لٿو. پيرَ ڦٻائي، سيٽجي بيٺو. ڏاڙھي ڪوڙيل ھئس، ڪنڌ ٿلھو ھئس ۽ نڪ تي رکيل عينڪ جي مٿان سندس ڀرون ڪاوڙ منجھان ڦڙڪيا پئي. چار لمڍينگ (ڊگھا پر ڏؤڙا) ليفٽيننٽ، وات پٽيو، پر اکيون ھيٺ ڪيو ڪار مان ٻاھر نڪتا. ھرھڪ جي ھٿ ۾ بريف ڪيس ھو. ان کانپوءِ سپاھين جو ھڪڙو جٿو پهتو. انھن لائيبريريءَ جي آڳاٽي اڱڻ ۾ وانڍ ھنئي، جنھن ۾ خچر ۽ انھن لاءِ گاھ جون ڀريون، خيما، کاڌي پچائڻ جو سامان، ٿانوَ ٿپا، ڪئمپ ريڊيو ۽ سگنل ڏيڻ واريون جھنڊيون شامل ھيون.

دروازن تي نه رڳو سنتري بيھاريا ويا ھئا، بلڪه مٿن اھڙا نوٽيس به ٽنگيا ويا ھئا، جن تي لکيل ھو؛ “اوستائين اندر وڃڻ جي منع آھي، جيستائين وڏي پيماني جي ھيءَ مشق جاري آهي.” ائين ڪرڻ ان لاءِ به ضروري سمجھيو ويو ھو ته جيئن ھيءَ انڪوائري انتھائي رازداريءَ سان ڪري سگھجي. ڪتابن جا شوقين، جيڪي سيءَ کان بچڻ خاطر ڳؤرا ڪوٽ، ڳچين جا مفلر ۽ ڪنٽوپ پايو، لائيبريريءَ ويندا ھئا، تن کي موٽي وڃڻو پيو پوي. مونجھاري ۾ ڦاٿل انهن ماڻهن ھڪٻئي کان ٿي پڇيو ته؛ ”لائيبريريءَ ۾ وڏي پيماني تي ھيءَ فوجي مشق ڇا لاءِ آهي؟ ڇا ھي ھتي پيل ھر شيءِ ھيڏي ھوڏي نه ڪري ڇڏيندا؟ ڇا ھيءُ ھتي نشاني بازي به ڪندا؟ يعني گوليمار وارو ڪم ڪندا؟”

لائيبريريءَ جي عملي منجھان فقط ھڪڙي ڪراڙي شخص، سينيور ڪرسپينو کي ساڻ رکيو ھئائون ته جيئن ھو آفيسرن کي ٻڌائي سگھي ته ڪتاب ڪھڙي ترتيب سان رکيل آھن. ھو عملي منجھ، مڙني مان ننڍي قد جو ھو. سندس بيدي جھڙو مٿو، گنجو ھو ۽ سندس اکيون عينڪ جي پويان ننڍڙن بٽڻن وانگر ھيون. جنرل فيدينا لاءِ ھن آپريشن جي ھر چرپر اولين ۽ اھم ترجيح ۾ شامل ھئي، ڇو جو کيس اھو حڪم ڏنو ويو ھو ته انڪوائري مڪمل ڪرڻ کان اڳي ڪميشن جو ڪوبه فرد لائيبريريءَ کان ٻاھر نه ويندو. ھيءُ ھڪ اھڙو ڪم ھو، جنھن جي لاءِ وڏي ڌيان جي ضرورت ھئي. ٻيو ته ڪميشن، پاڻ کي ان ڳالھ جي اجازت نه پئي ڏئي سگھي ته منجھس شامل فوجين جو ڌيان ڪنھن به طرح ھيڏي ھوڏي ٿئي. تنھنڪري ضرورت جون سموريون شيون حاصل ڪيون ويون ۽ بيرڪن ۾ ھلايا ويندڙ چلھا ۽ ڪاٺين جو کوڙُ ھنيو ويو. انھن ڪاٺين سان گڏ پراڻن رسالن جو ڍير سٿيو ويو، جن کي غير دلچسپ ڄاتو پئي ويو. ھونئن ھيءَ لائيبريري، سياري جي موسم ۾ ايتري گرم نه ٿي ھئي، جيتري ھيل ٿي ھئي. جرنيل ۽ سندس آفيسرن لاءِ به ڀريل گاديلا ٿانيڪن ھنڌن تي وڇايا ويا ۽ انھن جي آسپاس ۾ ڪوئن پڪڙڻ واريون ڪوڙڪيون به رکيون ويون ھيون.

اھو سڀ ڪرڻ کانپوءِ ذميداريون ورھايون ويون. ھر ليفٽيننٽ کي ھڪڙي مخصوص شاخ يا وري تاريخ جي ڪا مخصوص صدي ڏني وئي. جرنيل کي، پاڻ ڪتابن جي جلدن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي ھئي ۽ رٻڙ جو ھڪڙو ٺپو مٿن ھڻڻو ھو ته ھرھڪ ڪتاب آفيسرن، نان ڪميشنڊ آفيسرن، سپاھين چڱيءَ طرح سان پرکيو آھي يا نه، ٻيو يا ٻيھر انھن کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي.

ائين ڪميشن کي سونپيل ڪم شروع ڪيو ويو. ھر شام جو جنرل فيدينا جي رپورٽ ڪيمپ ريڊيو جي ذريعي، ھيڊڪوارٽر کي موڪلي ويندي ھئي؛ “ھيترن ڪتابن جو جائزو ورتو ويو. ھيترا مشڪوڪ سمجھي، ضبط ڪيا ويا. ھيترا آفيسرن ۽ فوجين جي لاءِ مناسب سمجھيا ويا.”

ڪڏھن ڪڏھن انھن انگن اکرن (انگوئڙن) سان گڏ، عام ڳالھين کان ھٽي ڪري ڪا شيءِ ھيئن به موڪلي ويندي ھئي، جيئن: ھڪڙي آفيسر جي لاءِ ھڪ عدد عينڪ جي ضرورت آهي ته جيئن صحيح نموني پڙھي سگھي، ڇو جو ھو پنھنجي عينڪ ڀڃي ويٺو آهي يا وري ھيءَ خبر نشر ڪئي ويندي ھئي ته ھڪڙي خچر، سيسيرو جو ھڪڙو نادر قلمي مسودو کائي ڇڏيو آهي، ڇو جو ڪنھن جي به مٿس نظر نه ھئي.

پر اھڙيون ڳالھيون به ٿيون پئي، جيڪي انھن کان گھڻيون اھم ھيون، جيڪي ڪيمپ ريڊيو، پھچايون نه پئي. لڳو ائين پئي ته ڪتابن جو ڍير کُٽڻ بجاءِ وڌيڪ گڏمڏ ٿيندو ۽ گينڊاڙبو پئي ويو. جيڪڏھن سينيور ڪرسپينو، مدد لاءِ نه ھجي ها ته ھوند آفيسر پنھنجو رستو به وساري ويھن ها. مثال طور: ميز تي ويٺل ليفٽيننٽ ايبروگاٽي، ڪتاب پڙھندي پڙھندي ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ ڪتاب پري اڇليندي چيائين؛ “پر ھيءُ ته ڀڙڪائيندڙ آهي. پيونڪ جنگين بابت، ھن ڪتاب ۾ ڪارٿيجن کي سٺو ڏيکاريو ويو آهي ۽ رومين تي تنقيد ڪئي وئي آھي! ھن ڪتاب جي ترت رپورٽ ڪرڻ گھرجي!” (ان ۾ ته اھو چوڻ گھربو ھو ته پينڊوريا جا ماڻھو پاڻ کي رومين جو اولاد سمجھندا ھئا. پوءِ اھو سچ ھو يا ڪوڙ). ڪراڙو لائيبريرين، پنھنجي نرم چپل ۾، وٽس آيو؛ “ھيءُ ته ڪجھ به ناھي.” ھن چيو؛ “ھيءُ پڙھو! رومين بابت ھتي ڇا لکيل آھي. اوھان پنھنجي رپورٽ ۾ ھيءُ به لکي سگھو ٿا ۽ ھيءُ به… ھيءُ به.” وري ھن ڪتابن جو ٻيو ڍڳ کڻي  کين آڻي ڏنو. ليفٽيننٽ پھرين ته حيران ٿي ڪتابن جا پنا اٿلائي ڏٺا ۽ جيڪي کيس دلچسپ لڳا اھي پڙھيائين ۽ نوٽس ٺاھڻ کي لڳي ويو. ھو مٿو کنھندو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو؛ “حيرت آهي! ڇا ته ڄاڻڻ لاءِ پيو ملي! مان ڀلا ائين ڪيئن ٿو سوچي سگھان.”

سينيور ڪرسپينو، ليفٽيننٽ لوچيٽيءَ وٽ ويو، جيڪو جوش وچان ھڪڙو ڪتاب ٺپيندي چئي رهيو هو؛ “ڇا ته ڀلو مواد آهي! انھن ماڻھن ڪيڏي نه دليري ڏيکاري آهي ۽ انھن نظرين جي پاڪائيءَ کي شڪ جي نظر سان ڏٺو آھي جيڪي صليبي جنگين جو سبب بڻيا… جي جناب!… صليبي جنگيون.”

سينيور ڪرسپينو مرڪندي چيو؛ “اوھ! پر ڏسو جيڪڏهن اوھان کي ان موضوع تي رپورٽ ٺاھڻي آهي ته ڇا مان اوھان کي ٻين ڪتابن کي ڏسڻ جو مشورو ڏيان! جن ۾ اڃان وڌيڪ تفصيل ڏنل آھن.” پوءِ ھن ڪتابن سان ڀريل، اڌ خانو سندس آڏو اچي ڍير ڪيو. ليفٽيننٽ لوچيني، اڳتي نِوڙندي منجھن گم ٿي ويو ۽ ھفتو کن ته ويٺو انھن جا پنا اٿلائيندو، چپن ئي چپن ۾ ويٺو چوندو رهيو؛ “مان اھو ضرور چوندس ته اھي صليبي جنگيون ھيون شاندار!”

ڪميشن جي شام وارين رپورٽن ۾ انھن ڪتابن جو تعداد ويو وڌندو، جن جو جائزو ورتو پئي ويو، پر اھي رپورٽون، انھيءَ نسبت جو تعداد چٽو نه پئي ڪري سگھيون ته حتمي طور تي مثبت ڪھڙيون ۽ منفي ڪھڙيون ھيون. جنرل فيدينا جا رٻڙ وارا ٺپا پئي پئي بيڪار ٿيڻ لڳا. جيڪڏھن ھن پنھنجي ڪنھن ليفٽيننٽ جي ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ٿي پڇيو؛ “پر توھان ھن ناول کي پاس ڪيئن ڪيو؟ ھن ۾ ته سپاھي، آفيسرن کان ڀلا ڏيکاريل آھن! انھيءَ مصنف وٽ ته درجي بندي ۽ تنظيم جي ڪا عزت ئي ناھي!”

ليفٽيننٽ جواب ۾ ٻين مصنفن جا حوالا ڏيندي تاريخ، فلسفي ۽ معيشت جا معاملا پاڻ ۾ گڏ-مڏ ڪري ٿي ڇڏيا. ان سان کليل بحث جو سلسلو شروع ٿي ٿي ويو، جيڪو پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روان رھڻ لڳو. سينيور ڪرسپينو پنھنجي نيري قميص ۾ لڳ ڀڳ گم، پنھنجي چپل ۾ ڇپ ڇپ ڪندو ھميشه اھڙي وقت اچي پھچندو ۽ بحث ھيٺ موضوع تي اھڙا وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لاءِ پيش ڪندو هو، جيڪي سندس نظر ۾ دلچسپ معلومات رکندڙ ھوندا ھئا ۽ اھي ڪتاب پڪ سان جنرل فيدينا جي پڪن عقيدن کي به کائي ويندا ھئا.

انھيءَ دوران سپاھين وٽ، ڪرڻ لاءِ ڪجھ به نه ھوندو ھو ۽ بيزار ٿيڻ لڳندا ھئا. انھن پيادن ۾ ھڪڙو براھاسو ھو، جيڪو مڙني کان سرس پڙھيل لکيل ھو. ان، آفيسرن کان پڙھڻ لاءِ، ھڪڙو ڪتاب گھريو. پھرين ته کيس، انھن چند ڪتابن منجھان ھڪڙو، جيڪو فوجين جي پڙھڻ لاءِ موزون چيو ويو ھو، ڏيڻ چاھيائون، پر کين وري انھن ھزارن ڪتابن جو خيال پيو جن جو اڃان جائزو وٺڻو ھو. جنرل فيدينا به اھوئي سوچي گھٻرائجي ويو ته ائين براھاسو ڊيوٽيءَ تي ھوندي به اھڙا ڪتاب پڙھڻ ۾ وقت وڃائيندو، جيڪي پھرين پڙھجي چڪا آھن. ھن کيس اھڙو ڪتاب ڏئي ڇڏيو، جنھن جو جائزو وٺڻ اڃان باقي ھو. اھو ھڪڙو ناول ھو، جيڪو ڏسڻ ۾ سھنجڙو پئي لڳو. اھو ناول به سينيور ڪرسپينو ئي تجويز ڪيو ھو. براھاسو کي ھدايتون ڏنيون ويون ته ھو اھو ناول پڙھي، جنرل کي رپورٽ پيش ڪري. ٻين پيادن به ساڳيون فرمائشون ڪيون ۽ کين پڻ اھڙيءَ طرح ڪم تي لڳايو ويو. پيادي توماسن پنھنجي ھڪڙي سنگتي پيادي کي وڏي آواز ڪتاب پڙھي ٻڌايو. ڇو جو ھو پڙھي نه ڄاڻندو ھو. توماسن چاھيو پئي ته ھو به انھيءَ ڪتاب تي پنھنجا تاثر ڏئي. ائين فوجي جوان به، آفيسرن سان کليل بحث ۾، حصو وٺڻ لڳا.

ڪميشن جي ڪم ۾ ڪھڙي اڳڀرائي ٿي، تنھن بابت ته ڪا گھڻي ڄاڻ ناھي، ڇو جو سياري جي انھيءَ ڊگھي موسم ۾ ڪيترن ئي ھفتن تائين اھا رپورٽ نه موڪلي وئي ته لائيبريريءَ ۾ ڇا پيو ٿئي. اسان کي فقط اھا ڄاڻ ملي آهي ته جنرل اسٽاف ھيڊڪوارٽر کي جنرل فيدينا جون اھي رپورٽون ڏھاڙي وڃڻ بجاءِ پھرين وِٿين سان وڃڻ لڳيون، پوءِ انھن ۾ به بي قاعدگي وڌندي وئي ۽ نيٺ ھلي اھي به بند ٿي ويون. چيف آف اسٽاف کي ان تي ڳڻتي ٿي ۽ ان حڪم اماڻيو ويو ته انڪوائري، جلد کان جلد سهيڙي ان جي مڪمل ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

لائيبريريءَ ۾ ويٺل فيدينا ۽ سندس ساٿين تي انھيءَ حڪم مختلف قسم جا اثر ڇڏيا. ھڪ طرف ھو لڳاتار نيون دلچسپيون دريافت ڪري رھيا ھئا ۽ پنھنجي مطالعي ۽ پڙھائيءَ مان مزو ماڻي رھيا ھئا، جيئن اڳي ڪڏھن نه ٿيا ھئا ۽ کين ان جو تصور به نه ھو. ٻئي طرف ھو پنھنجي دنيا ۾ موٽي وڃڻ لاءِ پڻ آتا ھئا ۽ زندگي ٻيھر شروع ڪرڻ پئي چاھيائون، ھڪ اھڙي زندگي ۽ دنيا، جيڪا ھاڻ سندن لاءِ اڳي کان الائي ڪيترو پيچيده ٿي چڪي ھئي، جنھن جي انھن پاڻ پنھنجي اکين سان نواڻ محسوس ڪئي ھئي. انھيءَ تضاد جو ھڪڙو ٻيو رخ اھو به ھو ته اھو ڏھاڙو گھڻي تيزيءَ سان ويجھو اچي رھيو ھو جنھن ڏينھن کين ھن لائيبريريءَ مان موڪلائي نڪرڻو ھو. سندن دليون شڪ جو شڪار ھيون، ڇو جو کين پنھنجي مقصد جي مڪمل رپورٽ پڻ ڏيڻي ھئي. سندن دماغن ۾ اھڙا خيال ٻڙڪيا پئي، جن بابت کين پاڻ کي به خبر نه ھئي ته انھن کين ڪيڏانھن کان ورائي سرائي اچي ڪھڙيءَ سوڙھيءَ گھٽيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ھو.

ھو شام ڌاري، لھندڙ سج جي روشنيءَ ۾، درين مان ٻاھر ليئا پائيندا ھئا. اتي ٽارين تي نوان گؤنچ پيا ڦٽندا ھئا. شھر جون بتيون ٻري رھيون ھيون. ايتري ۾ منجھانئن ڪو ھڪڙو وڏي آواز سان شعر پڙھڻ لڳندو ۽ باقي ويٺا ڪنڌ ڌوڻيندا هئا. فيدينا، ساڻن نه ھوندو هو. ان اھو حڪم ڏئي ڇڏيو ھو ته کيس سندس ميز تي اڪيلو ڇڏيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي رپورٽ کي آخري شڪل ڏئي سگھي… پر رکي رکي سندس گھنٽي وڄندي ھئي ۽ ھي سڀ سندس ‘ڪرسپينو!’.. ‘ڪرسپينو!’ جا سڏ ٻڌندا ھئا. ھو انھيءَ ڪراڙي لائيبريرين جي مدد کانسواءِ ڪٿي به پھچي نه پئي سگھيو… ۽ پوءِ اهو ٿيو جو اھي ٻئي ھڪ ئي ميز تي، گڏ ويھي رپورٽ لکڻ لڳا.

ھڪڙي روشن صبح جو، ڪميشن لائيبريريءَ کي خدا حافظ چيو ۽ چيف آف اسٽاف وٽ رپورٽ ڪرڻ لاءِ ھيڊڪوارٽر ويو. فيدينا جنرل اسٽاف جي آڏو، انڪوائريءَ جا سمورا نتيجا رکڻ شروع ڪيا. سندس تقرير، انساني تاريخ جي منڍ کان موجوده زماني تائين جو ھڪڙو نچوڙ ھئي. اھو خلاصو ھو، پينڊوريا جي ڏاھن جي انھن مڙني خيالن جو، جن کي بنا ڪنھن بحث مباحثي جي، تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ھو ۽ منجھس اھو چيو ويو ھو ته؛ حاڪم طبقا ئي ھن قوم جي بدقسمتيءَ جو سبب ھئا ۽ ان جي عوامَ سندن غلط پاليسين ۽ اجاين جنگين جو شڪار بڻي ھئي. اھا ھڪ قسم جي گڏ-مڏ تقرير ھئي، جيئن ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جي ھجي، جنھن نون خيالن، چند موت- نامن ۽ دستاويزن جو تازو مطالعو ڪيو ھجي ۽ ھو انھن مڙني جي اندرين پيچيدگين کان اڻ واقف ھجي ۽ انھن جي پاڻ ۾ اختلافن کان پڻ اڻ ڄاڻ ھجي. ھا البته، عام طور تي ڏسڻ سان اھا تقرير پنھنجي مطلب جي باري ۾ واضح پيغام رکندي ھجي.

سمورن جرنيلن جون وايون بتال ھيون ۽ وائڙا ٿيا ويٺا ھئا. ڄڻ گونگا ھئا ۽ اکيون پٽي فيدينا کي تڪي رھيا ھئا. جڏھن سُرت ۾ ٿيا ۽ ڳالھائڻ کلين ته وٺي شور ڪيائون.

فيدينا کي پنھنجي ڳالھ پوري ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنائون. اتي ئي ڪورٽ مارشل جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. سندس عھدو گھٽائڻ جي پڻ چڻ ڀڻ ٿيڻ لڳي… پر وري اھو سوچي ته ڪٿي وري ھيءُ به نه وڏو ۽ سنجيده اسڪينڊل ٺھي وڃي، جنرل فيدينا ۽ سندس چارئي ليفٽيننٽ، صحت جي خرابيءَ جي بھاني سان رٽائر ڪري پينشن تي لاٿا ويا. چيو ھيءُ ويو ته پنھنجي فرضن جي بجا آوريءَ دوران، تشويشناڪ حد تائين نروس بريڪ ڊائون جو شڪار ٿي ويا ھئا.

ان کانپوءِ، ماڻھو کين اڪثر انھيءَ جھوني لائيبريريءَ ڏانھن ويندي ڏسندا ھئا. کين عام شھرين وارو لباس پھريل ھوندو ھو. ٿلھا سوئيٽر ۽ ڳؤرا ڪوٽ پاتل ھوندا ھئن ته جيئن پاري ۾ ڄمي نه وڃن… ۽ جھوني لائيبريريءَ ۾ ڪراڙو سينيور ڪرسپينو، ڪتاب کنيو سندن انتظار ۾ بيٺل ھوندو ھو.

(قيصر نذير خاور جي اردو ترجمي تان کنيل)

***