بلاگنئون

علم جو وڻ: جڳ مشهور ڪتاب

“Sapiens: A Brief History of Humankind by Yuval Noah Harari”

مان ماخوذ

عاقلمان ڏيڍ لک سال اڳ اوڀر آفريقا کي والاري چڪا هئا. اٽڪل ستر هزار سال اڳ هنن دنيا جي ٻين علائقن کي والارڻ ۽ اتي رهندڙ ٻين انساني نسلن کي ناپيديت ڏانهن ڌڪڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ 70 هزار سالن کان اڳوڻا عاقلمان ڏسڻ ۾ اسان جهڙا ئي هئا ۽ سندن دماغ به اسان جيترائي وڏا هئا، پر وٽن ٻين انساني جنسن جي ڀيٽ ۾ ڪا خاص اضافي اهليت ڪو نه هئي. هنن اڃان ڪي ڪارآمد اوزار ڪونه ٺاهيا هئا ۽ نه ئي ڪي ٻيا اهم ڪارناما ڪيا هئا.

حقيقت اها آهي ته عاقلمان ۽ نئينڊرٿال جي پهرين سانڀاريل ٽڪراءَ ۾ نئينڊرٿال سوڀارا ٿيا. اٽڪل لک سال اڳ ڪجھه عاقلمان گروهه اتر طرف لڏپلاڻ ڪري ليونٽ پهتا، جيڪو نئينڊرٿال جو علائقو هو، پر هو اتي پير پختو نه ڪري سگھيا، ان جو سبب اڻوڻندڙ اصلوڪا رهاڪو، غير مناسب موسم ۽ غير معروف جيوتون ٿي سگھن ٿيون. سبب کڻي ڪهڙو به هجي، نيٺ عاقلمان پوئتي پير کنيا ۽ نئينڊرٿال کي وچ اوڀر جو اڪيلو وارث ڪري ڇڏي ويا هليا.

عاقلمان جي وچ اوڀر والارڻ جي ناڪام ڪوشش مان ساڃاهه وندن اهو اندازو لڳائڻ شروع ڪيو آهي ته شايد ان دور ۾ عاقلمان جي دماغ جي اندروني بناوٽ اسان جي دماغ کان مختلف هئي. هو ڏسڻ ۾ ته اسان جهڙا ئي هئا، پر سندن شناسائي لياقتون، جن ۾ سکڻ، ياد ڪرڻ ۽ رابطو ڪرڻ اچي وڃن ٿا، تمام محدود هيون. انهن پراڻن عاقلمانن کي انگريزي سيکارڻ، کين عيسائيت جو درس ڏيڻ يا وري کين ارتقائي نظريو سمجھائڻ بلڪل بي فائدوہ ثابت ٿئي ها. ساڳئي طريقي سان اسان کي به سندن رابطي ۽ سوچڻ جي طريقي کي سمجھڻ ۾ ڪافي ڏکيائي درپيش اچي ها، پر پوءِ اٽڪل 70 هزار سال اڳ، عاقلمان ڪجھه منفرد شيون ڪرڻ لڳا. ان ئي عرصي دوران عاقلمان جا ڪجھه جٿا ٻيهر آفريقا کان ٻاهر نڪتا. هن دفعي هنن نئينڊرٿال ۽ ٻين سڀني انساني جنسن کي نه رڳو وچ اوڀر مان بلڪه سڄي دنيا مان تڙي ڪڍيو. تمام ٿوري ئي عرصي ۾ عاقلمان يورپ ۽ اوڀر ايشيا تائين پهچي ويا. اٽڪل 45000 سال اڳ هو ڪنهن طريقي سان سمنڊ پار ڪري آسٽريليا تائين پهچي ويا. اهو کنڊ ان وقت تائين ڪنهن به انساني جنس جي رسائيءَ کان پري رهيو هو. 70 هزار سال اڳ کان 30 هزار سال اڳ تائين جي عرصي دوران ڪيترين ئي شين جي ايجاد عمل ۾ آئي، جن ۾ بتيلو، تيل جي بتي، تير ڪمان، گرم ڪپڙا ۽ انهن کي سبڻ جي سئي اچي وڃي ٿي. پهريون شيون جن کي اسين آرٽ جي دائري ۾ آڻي سگھون ٿا، هن دور سان تعلق رکن ٿيون. شڪل نمبر 1 ۾ ڏيکاريل شينهن نما ماڻهو ان دور جو ئي آهي، جيڪو اسٽاڊل غار مان مليو ۽ جيڪو مذهب، تجارت ۽ سماجي طبقابنديءَ جو پهريون واضح ثبوت پڻ آهي.

شڪل نمبر 1: عاج مان ٺهيل شينهن- مرد يا شينهڻ- عورت جو 32 هزار سال پراڻو مجسمو، جيڪو جرمنيءَ جي اسٽاڊل غار مان مليو آهي. ان جو جسم انساني آهي، پر مُنهن شينهن جو آهي. اهو پهريون فن جو غير متنازع مثال آهي، جنهن بابت گمان آهي ته ان دور جي مذهب جو عڪاس آهي ۽ انساني دماغ جي غير حقيقي شين کي تصور ڪرڻ واري اهليت جو اهڃاڻ پڻ آهي.

گھڻا تحقيقدان اهو سمجھن ٿا ته اهي بيمثال ڪاميابيون عاقلمان جي شناسائي لياقتن ۾ انقلاب جو نتيجو هيون. هنن جو خيال آهي ته جن ماڻهن نئينڊرٿال کي ناپيد ڪيو، آسٽريليا ۾ آباد ٿيا ۽ اسڪاڊل شينهن نما ماڻهو گھڙيو، اهي ايترائي هوشيار، تخليقڪار ۽ حساس هئا، جيترا اسين آهيون. جيڪڏهن اسان جي ملاقات شينهن نما ماڻهو ٺاهيندڙن سان ٿي وڃي ته اسين هنن جي ٻولي سکي سگھنداسين ۽ هو به اسان جي ٻولي سکي سگھندا. اسان کين هر اها ڳالهه سمجھائي سگھنداسين، اسين کين ڪوانٽم طبعيات جي تضادن تائين پھچائي سگھنداسين ۽ هو به اسان کي سمجھائي سگھندا ته سندن ماڻهو دنيا کي ڪيئن پسين ٿا.

70 هزار سال کان 30 هزار سال اڳ وچ ۾ سوچڻ ۽ رابطو ڪرڻ جي نون طريقن جي ظهور کي شناسائي انقلاب جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو انقلاب ڇا جي ڪاڻ عمل ۾ آيو؟ اسان ان باري ۾ يقين سان ڪجھ به نٿا چئي سگھون. ان باري ۾ عام نظريو اهو چوي ٿو ته اتفاقي بڻيادي تبديلين عاقلمانن جي دماغ جي اندروني تارڪاري بدلائي ڇڏي، جنهن جي ڪري هو نون طريقن سان سوچڻ لڳا ۽ رابطي لاءِ بلڪل نئين ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ لڳا. اسان ان بڻيادي تبديليءَ کي علم جو وڻ چئي سگھون ٿا. اها تبديلي عاقلمان جي ئي بڻ ۾ ڇو آئي ۽ نئينڊرٿال جي بڻ ۾ ڇو ڪونه آئي؟ اسان پنهنجي محدود علم جي بنياد تي اهائي قياس آرائي ڪري سگھون ٿا ته عاقلمان جي بڻ ۾ اها تبديلي رونما ٿيڻ صرف هڪ اتفاق هو، پر هاڻي علم جي وڻ واري بڻيادي تبديليءَ جي رونما ٿيڻ جي سببن کان وڌيڪ ان جي نتيجن کي سمجھڻ وڌيڪ ضروري آهي. عاقلمان جي نئين ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه هئي جنهن کيس دنيا فتح ڪرڻ جي لائق بڻايو؟

عاقلمان جو اهو ڪو پهريون رابطي جو سرشتو ڪونه هو. هر جانور وٽ پنهنجو رابطي جو سرشتو موجود آهي. ويندي جيتن، مکين ۽ ماڪوڙين کي به خبر آهي ته هڪ ٻئي کي خوراڪ جو ڏس ڪيئن ڏجي. وڏي ڳالهه ته اهو ڪو پهريون با آواز رابطي جو سرشتو به ڪونه هو. ڀولڙن ۽ باندرن سميت ڪيترائي جانور آوازن جا اشارا استعمال ڪن ٿا. مثال طور: ساوا ڀولڙا هڪ ٻئي کي خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا واڪا استعمال ڪندا آهن. حياتدانن هڪڙو واڪو سڃاڻي ورتو آهي، جنهن جو مطلب عقاب پکيءَ کان خبردار ڪرڻ آهي. شينهن کان خبردار ڪرڻ لاءِ ٿورو مختلف واڪو آهي. جڏهن تحقيقدانن عقاب پکيءَ جي خطري واري واڪي جي رڪارڊنگ ڀولڙن جي هڪ گروهه جي سامهون وڄائي ته هو پنهنجو معمول ڇڏي رڪجي ويا ۽ ڊپ وچان مٿي نهارڻ لڳا. جڏهن وري کين شينهن جي خطري واري واڪن جي رڪارڊنگ ٻڌائي وئي ته هو هڪدم وڻ تي چڙهي ويا. ساون ڀولڙن جي ڀيٽ ۾ عاقلمان ته گھڻا آواز ڪڍي سگھن ٿا، پر وهيل مڇين ۽ هاٿين وٽ به ساڳيون ئي اهليتون موجود آهن. طوطو هر اها ڳالهھ چئي سگھي ٿو، جيڪا البرٽ آئنسٽائن چئي سگھيو ٿي. ان کانسواءِ هو فون جي گھنٽي، دروازي جي کڙڪ ۽ گھگھو وڄڻ جا آواز به ڪڍي سگھي ٿو. لحاظه آئنسٽائن کي طوطي مٿان جيڪا به برتري هئي، ان جو تعلق سندس آواز ڪڍڻ جي صلاحيت سان بلڪل به ڪو نه هو. پوءِ اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھه آهي جو اسان ٻين ساهه وارن کان گوءِ کڻي ويا آهيون؟

عام طور تي ان جو جواب اهو ڏنو وڃي ٿو ته اسان جي ٻولي حيرت انگيز حد تائين لچڪدار آهي. اسان محدود آواز ۽ اشارا ڳنڍي مختلف معنائون رکندڙ لاتعداد جملا ٺاهي سگھون ٿا. لحاظه اسان دنيا متعلق لاتعداد معلومات، ڳڙڪائي، گڏ ڪري ۽ منتقل ڪري سگھون ٿا. سائو ڀولڙو صرف واڪو ڪري ساٿين کي شينهن جي خطري کان آگاهه ڪري سگھي ٿو، پر جديد دور جو عاقلمان پنهنجي ساٿين کي ٻڌائي سگھي ٿو ته اڄ صبح جو هن نديءَ جي موڙ تي شينهن ڏٺو، جيڪو بائسن (شڪل نمبر 2) جي ڌڻ جو پيڇو ڪري رهيو هو. هو پوءِ نه صرف ان جاءِ جو پتو سمجھائي سگھي ٿو، بلڪه ان طرف ويندڙ مختلف رستن جو به ڏس ڏئي سگھي ٿو. اها معلومات ملڻ سان عاقلمان جو جٿو صلاح ڪري سگھي ٿو ته ڇا کين نديءَ طرف وڃي شينهن کي ڀڄائي بائسن جو شڪار ڪرڻ گھرجي؟

شڪل نمبر 2 بائسن:

ٻيو نظريو اهو چوي ٿو ته اسان جي منفرد ٻولي دنيا متعلق معلومات جي منتقليءَ جي ذريعي طور اسري آهي، پر جيڪا سڀن کان اهم معلومات منتقل ٿيڻ ضروري هئي سا شينهن ۽ بائسن متعلق نه بلڪه خود عاقلمان بابت هئي. اسان جي ٻولي ڪچهري ڪرڻ لاءِ اسري آهي.

ان نظريي مطابق عاقلمان بنيادي طور تي سماجي جانور آهي. اسان جي بقا ۽ ويجهھ جو محرڪ سماجي تعاون آهي. عاقلمان لاءِ شينهن ۽ بائسن جو پتو معلوم ڪرڻ ڪافي ناهي. سندن لاءِ اهو معلوم ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي ته سندن گروهه ۾ ڪير ڪنهن کان نفرت ٿو ڪري، ڪير ڪنهن سان سمهي ٿو، ڪير ايماندار آهي ۽ ڪير دوکيباز آهي.

صرف هڪ ڊزن فردن جي بدلجندڙ تعلقات کي ڌيان ۾ رکڻ لاءِ گھربل معلومات جو مقدار جيڪو ڪنهن جي لاءِ به حاصل ڪرڻ ۽ سانڍڻ ضروري آهي، حيران ڪن حد تائين گھڻو آهي. 50 فردن جي گروهه ۾ ڪل 1225 جوڙيوار تعلقات آهن ۽ لاتعداد وڌيڪ ڳوڙهيون سماجي ترڪيبون آهن. سڀئي باندر سماجي معلومات ۾ دلچسپي ڏيکارين ٿا، پر کين پيرائتي ڳالهھ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. نيئينڊرٿال ۽ قديم عاقلمان کي به شايد پرپٺ گلا ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي. جيتوڻيڪ ان حرڪت کي ننديو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اها وڏي پيماني تي تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي. نيون لساني صلاحيتون جيڪي جديد عاقلمان 70 هزار سال اڳ حاصل ڪيون، کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ جي لائق بنايو. ڀروسي مندن بابت اعتبار جوڳي معلومات جي فراهمي ننڍن گروهن کي وڏو ڪيو ۽ عاقلمان وڌيڪ جامع ۽ ڳوڙهو تعاون پيدا ڪرڻ لڳا. ڪچهري نظريو ڀلي مذاق لڳندو هجي، پر ڪيترائي اڀياس ان جي حمايت ڪن ٿا. ويندي اڄ ڏينهن تائين انساني رابطن جي وسيع اڪثريت، جن ۾ برق خط، وايو سڏ يا وري اخباري ڪالم اچي وڃن ٿا، صرف ڪچهري آهن. ڪچهري ايتري قدرتي لڳي ٿي جو ايئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اسان جي ٻولي صرف ان ئي مقصد لاءِ اسري آهي. ڇا توهان سمجھو ٿا ته تاريخ جا پروفيسر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي سببن تي مانجھاندي دوران بحث ڪندا آهن يا وري ايٽمي طبعياتدان سائنسي ڪانفرنس دوران ڪافي پيئڻ جي ويلي ڪئارڪ متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن؟ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڪندا به آهن، پر گھڻو ڪري هو ڪنهن پروفيسر جي باري ۾ گپ شپ ڪندا آهن، جنهن ۾ ڪنهن پروفيسر کي ٻي مائيءَ سان نينهن ونڊيندي جھلي ورتو يا ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ۽ ڊين جي وچ ۾ خراب تعلقات تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن يا وري اهڙن افواهن کي هوا ڏيندا آهن ته ڪنهن تحقيقدان پنهنجي تحقيق جي پئسن مان ليڪسس گاڏي خريد ڪري ڇڏي. گپ شپ جو مرڪز گھڻو ڪري ماڻهن جي گلا طرف هوندو آهي. افواهه پکيڙيندڙ اصلي صحافي آهن، جيڪي سماج کي بي ايمانن ۽ مفتين کان خبردار ڪري کين بچائين ٿا. گھڻو ڪري ٻئي نظريا، يعني ڪچهري نظريو ۽ نديءَ ويجھو شينهن نظريو درست آهن، پر اسان جي ٻوليءَ جي حقيقي منفرد خاصيت ماڻهن ۽ شينهن متعلق معلومات کي منتقل ڪرڻ ناهي، بلڪه ان جي انفراديت وجود نه رکندڙ شين متعلق معلومات کي منتقل ڪرڻ ۾ آهي. اسان جي موجوده معلومات موجب، صرف عاقلمان ئي اهڙين شين متعلق ڳالهائي سگھن ٿا، جن کي نه هنن ڏٺو آهي نه ئي ڪڏهن ڇهيو آهي يا وري سونگھيو يا چکيو آهي. ڏند ڪٿائون، خرافات، ديوتا ۽ مذهب پهريون ڀيرو شناسائي انقلاب جي اچڻ سان وجود ۾ آيا. اڳ ۾ ڪيترائي جانور انسان سميت صرف اهو چئي سگھندا هئا، ‘خبردار! شينهن!’، پر شناسائي انقلاب جي مهربانيءَ سان عاقلمان اهو چوڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي، ‘شينهن اسان جي قبيلي جو سنڀاليندڙ روح آهي.’ مفروضن متعلق ڳالهائڻ جي اها مهارت عاقلمان جي ٻوليءَ جي انتهائي منفرد صلاحيت آهي.

نسبتن اهو مڃڻ آسان آهي ته صرف عاقلمان ئي اهڙين شين متعلق ڳالهائي سگھن ٿا، جن جو ڪو به وجود ڪونهي ۽ روزانو ڪيترين ئي ناممڪن شين کي پوڄڻ کانسواءِ ناشتو به نٿا ڪن. اوهان ڪنهن ڀولڙي کي ڪڏهن به راضي نٿا ڪري سگھو ته هو اوهان کي ڪيلو ڏي ته بدلي ۾ اوهان کيس مرڻ کانپوءِ جنت ۾ لاتعداد ڪيلا ڏيندا. پوءِ وجود نه رکندڙ شين تي ايمان آڻڻ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھه آهي جو عاقلمان ٻين سڀني جنسن کي پٺتي ڇڏي ويا آهن؟ ظاهري طور تي ته ڏند ڪٿائون خطرناڪ حد تائين گمراهه ڪندڙ يا ڀٽڪائيندڙ ٿي سگھن ٿيون. پريون ۽ هڪ سنڱا گھوڙا ڳولهڻ لاءِ جھنگ جو رخ ڪندڙ ماڻهن کي بقا جا گھٽ موقعا ميسر هجڻ گھرجن بنسبت انهن ماڻهن جي جيڪي کنڀيون ۽ هرڻيون جھلڻ لاءِ ٻيلي طرف وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن توهان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وجود نه رکندڙ ھستين جي پوڄا ۾ ذيان ڪريو ٿا، ان کان بهتر اهو ناهي ته اهو وقت شڪار ڪرڻ، وڙهڻ جي تياري ڪرڻ يا وري جنسي لذت ۾ خرچ ڪجي؟

ڏند ڪٿائن جي انهن منفي اثرن باوجود ان ۾ هڪ اهڙي مثبت ڳالھه آهي جنهن اسان جي سماج کي ويجھه ڏني. اهو آهي وڏي تعداد ۾ عاقلمان جو ڏند ڪٿائن تي ايمان آڻڻ. اسان گڏيل ڪهاڻيون اُڻي سگھون ٿا جيئن بائيبل جي تخليقي ڪهاڻي، آسٽريليا جي ابورجنيز جون خواب آور ڪهاڻيون ۽ جديد رياستن جون قومي ڪهاڻيون. اهڙين ڪهاڻين عاقلمان کي وڏي پيماني تي تعاون ڪرڻ جي بيمثال لياقت ڏني. ماڪوڙيون ۽ ماکيءَ جون مکيون به وڏي تعداد ۾ تعاون ڪن ٿيون، پر هڪ مخصوص انداز ۾ ۽ اهو به صرف ويجھن مائٽن سان. بگھڙ ۽ چمڙا، ماڪوڙين جي بنسبت گھڻو لچڪدار تعاون ڪن ٿا، پر اهو صرف ننڍي پيماني تي پنهنجن ويجھن دوستن سان ڪري سگھن ٿا. عاقلمان تمام لچڪدار طريقي سان لاتعداد اجنبي فردن سان تعاون ڪري سگھن ٿا. اهوئي سبب آهي جو عاقلمان دنيا تي حڪمراني ڪن پيا. جڏهن ته ماڪوڙيون اسان جو بچايل کائين ٿيون، جڏهن ته چمڙا يا ته جانور خانن ۾ يا وري کوجنا تجربيگاهن ۾ بند آهن.

***