دنيا ۾ جنِ به آدرشي انساننِ حَق، سَچ، انسانُ دوستي، امن پَسندي، حقيقتَ پسندي ۽ رُجعت پسنديءَ خلاف عام مروج سوچ کان اڳتي وڌندي اڳئينِ صفنِ ۾ وڏي بيباڪي ۽ عام فھم لفظن ۾ کليل بغاوتي اظھار ڪَيو آھي، انھن ۾ سچل سرمست پڻ وڏي اھميت جو حامل آھي. سچل سرمست ضلعي خيرپورميرس جي ننڍڙي شھر راڻيپور جي ويجهو درازا شريف (راڻي پور اسٽيشن کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آھي) ۾ ميان صلاح الدين فاروقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سچل سرمست جي ڏاڏي جو نالو ميان صاحب ڏنو فاروقي آھي. ميان صاحب ڏني فاروقيءَ کي ٻه پٽ ھئا، ميان صلاح الدين ۽ ميان عبدالحق. ھي بزرگ ڪلھوڙا دور ۾ سرڪاري منصب تي فائز ھو. جنهن کي موراڳي به سڏيو ويندو آھي. پاڻ ڪافيءَ جو بنيادي شاعر پڻ آھي. سچل سرمست جو حسب نسب حضرت عمر فاروق سان 36 ھين پيڙھيءَ ۾ ملي ٿو. سندس وڏا 712ع ۾ سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ آيا ھئا.
سچل سرمست جي ننڍپڻ ۾ ئي والد (ميان صلاح الدين فاروقي) جي وفات سبب چاچي عبدالحق فاروقيءَ جي سنڀال ھيٺ رھيو. سچل سرمست جا عبدالحق سان چار رشتا ھئا، چاچو، مرشد، استاد ۽ سھرو. سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوھاب فاروقي آھي، ننڍپڻ ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ سبب حافظ عبدالوھاب سڏجڻ لڳو. ننڍپڻ ۾ ئي سَچ چوڻ ۽ راست گوئي سبب سچو، سچل ۽ سچيڏنو جھڙن نالن سان پڪاريو ويندو ھو، ان نالي سان پوري دنيا ۾ مشھور ٿيو. سچل سرمست جو جنم جنھن جڳھ تي ٿيو، ان کي دَرازا چيو وڃي ٿو. صاحب ڏني فاروقيءَ کي ڪلهوڙا حڪمرانن زمين جو ٽڪرو ڏنو هو، جنهن تي ٻن مريدنِ ڪاجن ۽ دراز خان ونڊير هارپو ڪندا هئا، دراز خان جي نالي پٺيان اتي ننڍڙو ڳوٺ آباد ٿيو، جيڪو اڳتي هلي درازا شريف طور مشهور ٿيو. جنھن کي مريد “درِ راز” چون ٿا، جنھن جو مطلب آھي ڳجہه جو دروازو. سچل سرمست پنھنجي چاچي عبدالحق کان روحاني فيض وٺڻ سان گڏ درازا شريف ۾ ويھي، ڏيھي عالمن، شاعرن ۽ آدرشي انسانن جي مطالعي سان گڏوگڏ دنيا جي عظيم فلسفي آدرشي انسانن جي فڪر ۽ نظرين جو وڏي عرق ريزيءَ سان مطالعو ڪيو ۽ انھن روح پرور شخصيتن کان متاثر پڻ ٿيو آھي. انھن پرڏيھي، عالمن، سماج تبديل ڪندڙ انسانن، نوان نظريا ڏيندڙ فلسفين ۽ صوفي بزرگن ۾ ارسطو، جنيد بغدادي، لقمان، ڪبير، شيخ عطار، گرونانڪ، شمس تبريز، بسطامي ۽ حسين بن منصور حلاج اھم آھن. سچل سرمست کان اڳ حسين بن منصور حلاج کي عظيم فلسفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ھن ريت خوبصورت ڀيٽا پيش ڪئي آھي:
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھيڪڙي،
سڀئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،
ھمہ منصور ھزار ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.
حسين بن منصور حلاج سن 244 ھجري، 587 عيسوي ۾ بيضا شھر جي اتر اوڀر ۾ ھڪ ڳوٺ “طور” ۾ پيدا ٿيو، سندس والد (پڃارو) ڪپھ صاف ڪندڙ ڪاريگر ھو. اَمن ۽ روزگار جي ڳولھا ۾ پنھنجي پٽ کي ساڻ ڪري “واسط” شھر لڏي ويو. جڏھن منصور (حسين بن منصور حلاج) ھوش سنڀاليو ته ڳوٺ مان نڪري “واسط” شھر جي مظلومن جي ساٿ ۾ شامل ٿي ويو. پاڻ ان شھر جي مشھور “دارالحفاظہ” ۾ 12 سال رھيو، جتي ھو قرآني آيتن جي معنى ۽ مفھوم جي گھراين ۾ ٻڏل رھندو ھو، ان وقت ئي ھن حقيقت کي پروڙي ورتو ھو. منصور اتان روانو ٿي تستر شھر جي مشھور صوفي بزرگ سھل بن عبداللھ تستري جي حلقي ۾ شامل ٿيو، اتي به کيس قلبي سڪون نه آيو ۽ بصري شھر ۾ حسن بصري جي مدرسي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ڪجهه عرصو تصوف جا سبق سمجهڻ کانپوءِ بصري کان بغداد ھليو ويو. بغداد ۾ عام ماڻھن ۽ صفوين خلاف ماحول انتھائي گرم ھو. منصور اتي صوفين سان ملاقاتون شروع ڪيون، ان وقت صرف ابوبڪر شبلي ھو جنھن ھن جي نظريي جي حمايت ڪئي. منصور جنيد بغدادي جي حلقي ۾ شامل ٿيو. بغداد ۾ ھو سر عام ماڻھن کي خطاب ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن جو ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳو. اھڙي طرح ھن جي حمايتن جو انگ وڌندو ويو، ان سبب ھٿرادو مذھبي تشريح ڪندڙن کي خوف وڪوڙي ويو. حڪمرانن جي وڏي عرصي کان ھلندڙ بادشاھت منصور جي خطبن سبب خطري ۾ پئجي ويئي، ان ڪري ھن عظيم سياسي، سماجي ۽ مذھبي ادارڪ رکندڙ شخص کي 23 ذوالحج 309 ھجري تي بغداد ۾ قتل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. 24 ذوالحج تي باب خراسان ۾ دجله درياءَ جي ڪناري تي وڏي بيدردي سان حسين بن منصور حلاج کي شھيد ڪيو ويو.
ھن مضمون ۾ حسين بن منصور حلاج ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۾ ھڪ جھڙائين جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ مقصود آھي.
منصور حلاج بابت حامد نالي وزير باغيانه قسم جا ثبوت ھٿ ڪري درٻار جي جج کان فتوى لکرائي ورتي، جھڙي ريت وقت جي مفاد پرست ٽولي کي منصور کي قتل ڪرڻ جي جلدي ھئي اھڙي ئي طرح منصور کي به حقَ سان حق ٿيڻ جي تڪڙ ھئي اھڙي خواھش پنھنجي ڪلام ۾ ھن ريت اظھاري ٿو ته:
سچل سرمست فرمائي ٿو ته منصور واري دڳ تي ھلڻ لاءِ (حق سان حق ٿيڻ) گلابي گل (چٽو، صاف) ٿيڻ جي ڳالھ ڪري ٿو ته جيئن نروار ٿيڻ سان منصور وانگر سزا جو حقدار قرار ڏين. جيڪڏھن پاڻ کي منصور چوراين ته پوءِ مڙس ٿي دقيانوسي، ڪند ذھني ۽ پراڻ پسندي جھڙين روايتن سان منھن ڏجي.
حسين بن منصور حلاج فرمائي ٿو ته:
“منھنجي پھراڻ اندر خدا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونھي.”
سچل سرمست، منصور واري فڪر ۽ فلسفي کي عام مروج انداز ۾ ھن ريت بيان ڪري ٿو ته:
مضمون کي طوالت کان بچائيندي حسين بن منصور حلاج جي ديوان منجهان چند بيت ھيٺ بيان ڪجن ٿا، جيڪي “ديوان منصور حلاج” کي مظفر اقبال جي اردو ترجمي تان ڊاڪٽر ادل سومري جي سنڌي ترجمي تان ورتا ويا آھن.
تون لڪل آھين اکين کان غيب ۾،
دل وڇوڙي ۾ ڏسي توکي پئي.
تنھنجي صورت منھنجي اکين ۾ آھي،
تنھنجو ذڪر منھنجي چپن تي،
تنھنجو گهر منھنجي دل ۾ آھي،
پوءِ تون ڪٿي لڪين ٿو.
**
ذڪر “ھن” جو آھي “منھنجو”
۽ “منھنجو” آ “ھن” جو ذڪر،
ھڪ ئي آھن ٻئي ذڪر.
سچل سرمست جا چند بيت ھيٺ ڏن ٿا، جن ۾ منصور حلاج وارو فلسفو ۽ فڪر چٽي طرح پسي سگهجي ٿو.
مان فڪري سمنڊ جي ڏس موج ۾ ھان،
روشني ئي روشني آھي ضمير.
جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
ڪوئي آھيان آنءُ، جو ٻانھو ڪنھن جو نه ٿيان.
آھيان آنءُ اسرار جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيو،
نوري ناري ناھيان آھيان روپ جبار.
مطلب ته: سچل سرمست حسين بن منصور حلاج کان تمام گهڻو متاثر ھو، پنھنجي تخيل ۾ گهڻي حد تائين منصور جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ڪلام ۾ منصور انداز پڻ اپنايو اٿائين.
* سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ منصور جي عشق وارو مخمور آھي، ھي آخري زماني جو منصورآھي، جنھن ڪري منصور ثاني به سڏجي ٿو.